اسان جي باري ۾

Indus-Tribune-Logo-sindhi

انڊس ٽرييون سنڌ جي قومي تحريڪ جي نمائنده پهرين خبرن جي ويب سائيٽ آهي. هن ويب سائيٽ ٺاهڻ جو مقصد صرف هڪ ئي هو ته قومي تحريڪ جي آواز کي جتي اسان جي نام نهاد ميڊيا ڪور نٿي ڪري اتي اسان هڪ نئون الٽرنيٽ ڏيون. جتي اسان جي آواز کي دٻايو وڃي اسان اتي ان آواز کي ماڻهن تائين پڄايون.

هن ويب سائيٽ ٺاهڻ جي پويان هڪ ئي مقصد هو ته اڻ ٻڌل آواز کي دنيا تائين پهچائجي. هن کان اڳ سنڌ جي قومي تحريڪ وٽ اهڙي ڪا مستند ويب سائيٽ نه هئي جيڪا پنهنجي آواز کي دنيا تائين پڄائي سگھي روز ٿيندڙ مسئلن، آپريشن ۽ جدوجهد کي ڊيلي جي بنياد تي اپلوڊ ڪري شيئر ڪجي.

هي ويب سائيٽ جو سنڌي سيڪشن آهي، حلانڪه هن ويب سائيٽ جي شروعات انگريزي ۾ ڪئي وئي ڇو ته سنڌي ۾ اڳ ئي اخبارون قومي تحريڪ کي ڪور ڪنديون رهيون آهن ۽ جڏهن پاڪستان جون انگلش اخبارون وڏن واقعن کان سواءِ قومي تحريڪ جي ڪنهن به مسئلي کي ڪور نه ڪري رهيون هيون. ان لاءِ اسان جي پهرين ڪوشش هئي ته انگلش جي سيڪشن کي وڌيڪ مضبوط ڪجي ۽ هاڻ اسان وٽ انگلش ۾ سون جي تعداد ۾ خبرون ۽ ڪالم موجود آهن جن کي ڪير پڙهي قومي تحريڪ متعلق آساني سان اندازو لڳائي سگھي ٿو ۽ اهو انگ هر روز وڌندو رهي ٿو ۽ اسان جلد ئي هڪ جامع وسيع ويب سائيٽ جوڙڻ طرف وڃي رهيا آهيون.

اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش آهي ته انڊس ٽربيون جي انگلش سيڪشن کي گوگل نيوز ۾ شامل ڪجي ۽ ان لاءِ اسان ڪوشان آهيون ته جلد هي ويب سائيٽ گوگل نيوز ۾ ايندي ۽ اها قومي تحريڪ جي وڏي ڪاميابي هوندي.

اسان جي ڪوشش رهي آهي ته انڊس ٽربيون تي قومي تحريڪ جي مڪمل نمائندگي هجي باوجود ان جي سواٰءِ جسمم جي ڪا به تنظيم اڄ ڏينهن تائين پنهنجو ڪو نمائيندو انڊس ٽربيون کي نه ڏيئي سگھي آهي. ان لاءِ ممڪن آهي ته اوهان کي هي ويب سائيٽ صرف جسمم جي لڳندي هجي پر هي ويب سائيٽ سموري قومي تحريڪ جي آهي ۽ اسان سموري سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي دعوت ڏيون ٿا ته اهي هن پليٽ فارم تي اچي پنهنجي تنظيم جي حوالي سان لکن.

Print Friendly