بلوچستان, علائقائي خبرون

بي آر پي پاران راجا ڏاهر جي گمشدگي جي مذمت

بي آر پي چيئرمين نواب برهمداغ خان بگٽي
بي آر پي چيئرمين نواب برهمداغ خان بگٽي

بلوچ ريپبلڪن پارٽي جي مرڪزي ترجمان شير محمد بگٽي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ جسمم جوائنٽ سيڪريٽري راجا ڏاهر ڀنڀرو جي گمشدگي جي مذمت ڪئي آهي.

هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته قومي پرست تنظيم اڳواڻ کي ايجنسين پاران کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪيون ٿا.

ياد رهي ته راجا ڏاهر جسمم جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سنڌ جي ڏاهي عطا محمد ڀنڀرو جو پٽ آهي جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرس جي هڪ ڇاپي جي دوران سندس ڳوٺان گرفتار ڪيو ويو هو.

Print Friendly