مضمون

چاليهي جي مناسبت سان: سنڌ جو ابو الڪلام آزاد: سجاد شر

سجاد شر
سجاد شر

شيڪسپيئر صحيح چيو آهي ته هي دنيا اسٽيج آهي ۽ اسين سڀ ان تي ڪجهه گھڙين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ايندا آهيون. جيئن اسٽيج تي هر ڪردار ڊائريڪٽر يعني خالق جو محتاج هجي ٿوجيڪو هيرو يا ولين ڪو به ڪردار ڏي. پر ڪي اهڙا به انسان هجن ٿا جيڪي صرف هيري جي ڪردار ۾ سمائجڻ لاءِ پئدا ٿيندا آهن. انهن جي معصوميت، نماڻائي، همدردي ۽ لوڪ جي لاءِ لڙڻ جي لونءِ لڳل هوندي آهي. ستن کنڊن تي مشتمل دنيا مان هڪ ننڍڙي ماٿري سنڌ  ۾ ڪيئي لازوال انسان ڄاوا آهن. جن جو ڪردار هميشه سلڇڻو ۽ ڌنارڪو رهيو آهي. اهڙن ڪردارن مان هڪ ڪردار عبدالواحد آريسر به آهي جنهن سنڌ جي خوشحالي واري پيغام يا فڪرِ جي ايم سيد کي ڪتابن مان ڪڍي سنڌ جي دل ڪراچي اسٽار گيٽ واري جلسي کان ويندي، وستين واهڻن، ٿرن برن، ڀٽن ۽ صحرائن ۾ پيرين پنڌ ڪري پرين جي پرچار ڪئي آهي. هو جيڪو صحرا جي دز ۽ لٽ مان ٺهيل انمول انسان هو ان ماروي جي پنهوارن واري پريت کي 21هين صدي ۾ به برقرار رکيو. هن جو جنم جنهن چوئنري ۾ ٿيو اهو اڄ کڻي ناهي به رهيو، ته به سندس گھر هن وقت به چوئنري تي ئي مشتمل آهي

مڻيادار ماڻهوءَ سيد سان نڀاءُ ڪرڻ واري واعدي کي هر دم ۽ دم ختم تائين برقرار رکيو. سائين جي ايم سيد جن ذرڙن کي آفتاب بڻائي، ماڪوڙين هٿان هاٿين جي حلاڪتن جا حيلا هلايا هئا. انهن مان آريسر صاحب به هڪ هو، جيڪو اڳتي هلي نيم ۽ فيم ملڻ بعد ڪنهن وفادار ٻروچ جيان يوٽرن ۽ پيٽ پاليو پاليسي به اپنائي پي سگھيو پر هن ائين نه ڪيو،هن وارياسي ڀٽن جي هن باشندي فڪر جي ايم سيد سان سر شار ٿي جيڪي ڀاري بُرج لوڏڻ شروع ڪيا هئا ته کيس ضيا جو مارشل لا ۾ جيل ۽ ڪوڙا به مليا پر سنڌ سان انهي جند سبب سندس ڪردار ۽ شخصيت سنڌ کان پرواز ڪندي هند ۽ ڀرواري ملڪن بنگال ۽ افغانستان ۾ به پهتي هئي. سندس ڌيءَ ۽ سنڌ جي نياڻي اندرا جي جنم تي تڏوهوڪي انڊين وزير اعظم اندرا گانڌي جا مبارڪ باد وارا پيغام به ميڊيا جي وسيلي ساڻس تائين پهتا. پر هن جي ايم سيد جي مدن سيڻ سون تي مٽائڻ يا وڏائي وارا افڪارسکيا ئي ڪونه هئا.جيڪو هو ويس پهريندو هو جيڪا سندس سادگي هئي اها آخر تائين برقرار رهي نه ته ماڻهو ته ڪمدارن ۽ ڪاراهن جي ياري تي به آپي مان نڪري ويندا آهن

 آريسر گرمين،سردين ۽ موسمن جي ڦير گهير کان بالاتر ٿي ڏينهن رات سنڌ جي خوشحالي جو فڪر کڻي سدا رلندو رهيو سندس پيرين پنڌ سنڌ جهاڳڻ جو مثال اهيو به آهي ته جنهن ڳوٺ يا علائقي ۾ مان پيدا ٿيس ان ۾ هڪ ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ غير معروف پيچرو به هو، اهو آريسر صاحب هڪ جلسي ۾ تقرير ڪندي ٻڌايو جنهن تي آئون اڄ به ناهيان وڃي سگھيو، پر ساڳي پيچري تان هو 28 سال پهرين گذريو ۽ کيس اڄ به ياد هو

سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ انتهائي پڙهيل لکيل ۽ مدبر ماڻهو هو ته اهو آريسر صاحب ئي هو، سندس گفتار جا گيان ٻڌڻ ممتاز ڀٽو جهڙو جاگيردار به ڪاهي ايندو، کيس پاڻ سان ملائڻ لاءِ ذولفقار ڀٽو کان ويندي سڀني سرڪاري ۽ نيم سرڪاري پارٽين گهڻا وس ڪيا هئا پر هن عالم جي نفسيات کي سڃاڻيندڙن ڄاتو ٿي ته علم جتي ڀاڙائپ، موقعي پرستي ۽ کل بچائڻ جا ڪيترائي دڳ ڏسيندو آهي اتي مخدوم بلاول جيان گھاڻي ۾ پيڙهجڻ ۽ سڪرات جيان زهر پيئڻ وارا نڪتا به سندس اندر موجود هوندا آهن. سو انهي ڪري هو وڪامجي ته نه سگھيو پر سنڌ وطن جي محبت سان سرشار هن وڏي ماڻهو جي ڪجهه گھرن تي مشتمل ڳوٺ به انڙآباد جي نالي سان آهي.امداد محمد شاهه بعد آريسر صاحب ئي ٻه ماڻهون سجھن ٿا جن پنهنجي ڳوٺ جو نالو پاڻ سان منسوب ڪرڻ جي ڪوشش کي به گناهه سمجهيو

آريسر صاحب تي گهڻي تنقيد به ٿيندي رهي آهي پر هي سيد جو اهو سچو پيروڪار هو جنهن سيد ۽ ان جي نظريي جي نالي تي ٿيندڙ هر قسم جي منفي پروپيگنڊا جو ڀرپور جواب ڏنو. سندس لکڻين ۾ جيل جي ڊائري کان ويندي مختلف موضوعن تي 25 ڪتاب شامل آهن. سندس ڪميٽمنٽ ۽ ڪردار اڄ به ٿر جي واري جيان اڇو اجرو ۽ چمڪندڙ رهيو آهي ٻيو ته ٺهيو آريسر صاحب جي اڪيلي نياڻي اندرا جنهن کي نهرو جي پياري ڌيءُ اندار گانڌي پنهنجو ٻيو جنم سڏيو هو،اها اندرا غريب خاندان سان تعلق هجڻ ۽ پنهجي باضمير پيءُ جي ڌيءُ هئي جنهن سبب هو ڪنهن گرامر اسڪول يا ايڇيسن ڪاليج پڙهڻ ڪون وئي پر اڄ به کوهه تان پنڌ پاڻي ڀرڻ ويندي آهي.اهو ئي احساس هو جنهن آريسر کي هن سموري قوم جي دردن کي اندرا جو درد سمجهي، جهيڙي جوٽڻ جي جوت ڏني. هن اهو جهيڙو سامراج سان صعيفي، پيرسني ۽ بيماري واري بستري تي به برقرار رکيو. آريسر صاحب جنهن سنڌ جي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ماڻهن وچ ۾ ويڇا، فرق ۽ فاصلا گھٽائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ڇو ته هن ڄاتو ٿي ته فاصلا، فاصلا وڌائيندا آهن. اڪثر اهڙن فاصلان سبب رشتن جي نازڪ تند ٽٽندي دير ناهي ڪندي ۽ هن آخري دم تائين سنڌين جو پاڻ ۾ ڀائيچارو برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته متان سڀاڻي اڳتي سنڌ جي وحدت کي ڪو ڇهيو رسي

انهي آريسر صاحب تي قومي تحريڪ کي ٽوڙڻ جا الزام به لڳندا رهيا آهن پر انهن الزام هڻندڙن ڪڏهن سوچيو آهي ته آريسر جڏهن جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين هو ته اها هڪ مالها جيان هئي جنهن جا لطيف سنگت کان ويندي شاگردن ۽ پورهيتن ونگز سميت سمورا ادارا ۽ کوڙ سارا منفرد ۽ مثبت پاسا هئا. جڏهن هن ان محاذ کي ڇڏيو اها شيشي جيان ٽٽي پئي ۽ ڀڳل ڀورن مان اڄ محاذ جا اڻ ڳڻيا گروپ آهن. پاڻ جسقم جو باني چيئرمين به رهيو، اهو واحد قومي ۽ سياسي اڳواڻ هو جنهن جا گانڌي خاندان کان ويندي، افغان صدر نجيب ۽ بنگلا بندو مجيب سان قريبي تعلقات هئا، سندس پارٽي جسقم سنڌ جي مقبول ترين پارٽي هئي پر هو کاڌي جا ڪپڙا پائيندڙ آريسر ايس آر ٽي سي جي لوڪل بسن ۾ سفر ڪندو هو، هر جلسي ۽ هرپروگرام ۾ پهچندو هو. اهو آريسر جنهن کي جي ايم سيد جيئري ئي جنتي هجڻ جي نويد ڏيندي سندس عشق ۽ ايمان کي سلامت ڀائنيو هو پر ان آريسر ڪڏهن به ڪنهن شيءِ جي ڊمانڊ نه ڪئي. هو چاهي ها ته گهڻو نه سهي گھٽ ۾ گھٽ اوترو ڪري ٿي سگھيو جيترو ڪالهه جا چي گويرا ۽ وفادار ٻروچ سميت کوڙ سارا ماڻهو فڪر جي ايم سيد کي ڇڏي اڄ ڪلهه جا پارلياماني پارٽين اڳواڻ آهن. روليڪس جون گھڙيون پهرين ٿا، جن وٽ ڪشادا گھر ۽ لگزري گاڏيون آهن  يا وري هو به مها انقلابي جيئن رد انقلابي بڻجي مير ۽ وزير يا سردار بڻجي پي سگھيو.پر هن اهل شعور شخص ايئن ڪرڻ گناه ٿي سمجهيو ڇو ته جنهن جز جي شڪل هن اختيار ڪئي هئي اهو جز ڪل بڻجڻو ئي تڏهن هو جڏهن هو پنهجي ڪيل ڳالهه تي قائم رهي ها

آريسر کي سنڌ جو ابوالڪلام آزاد سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته انگريزن خلاف آزادي جي تحريڪ ۾ اهلِ علم ۽ اهلِ شعور ڪو شخص هو ته اهو مولانا آزاد هو. هن تقريبن هندوستان گھميو ۽ تڪليفون، جيل به برداشت ڪيائين پر مقصد تان هڪ لمحي لاءِ به نه هٽيو. هو گھڻو پڙهندو ۽ گهٽ ڳالهائيندو هو. ائين هن عاشق سنڌ آريسر به وطن سان حب ۽ ساڻيهه سان نيهن نڀائڻ لاءِ مٽي منجهه ملڻ تائيڻ جدوجهد ڪندو رهيو. هو به گھٽ ڳالهائو ۽ گھڻ مطالعتي شخص هو. مولانا آزاد کي چانهه سان ديوانگيءِ جي حد تائين لڳاءُ هو ائين ئي آريسر به مڌ کي رد نه ڪري سگھندو هو

آريسر صاحب جيڪو سراپا جدوجهد هو،هو پنهنجي روين ۾ عدم تشدد جو پرچارڪ هو جيڪو سگريٽ کي لتاڙڻ به تشدد سمجهندو هو انهي آريسر پنهنجي نٻل ۽ ڪمزور جسم تي ڪوڙا به کاڌا ته وردي وارن جي عقوبت خانن جو به اسير رهيو، پر باوجود ان جي هن جهڪڻ کي گار سمجهندي اوچي ڳاٽ سان آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي، رياست جڏهن کيس نه جهڪائي سگھي ته هن گانڌي واد آريسر مٿان بم ڌماڪن، ريلوي ٽريڪ کي شفيع برفت سان گڏجي اڏائڻ جا به ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا. پر آريسر ان جي موٽ ۾ انهن ڪيسن کي ڪڏهن به حقيقتن هٿ ٺوڪيو هجڻ باوجود ڪوڙو قرار نه ڏنو ۽ آڻ نه مڃي. هو سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن يا وري تشدد بعد اڇلايل سمورن شهيدن جي پٺ ڀرائي ۽ پوئواري ڪندو رهيو اڄ جڏهن هي سنڌ جو ابوالڪلام آزاد يعني آريسر جسماني ناهي رهيو ته کيس سنڌ لطيف جي سٽون ارپي ٿي

جـان جـان هئـي،جيئـري ورچـي نه ويٺـي

وڃين ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين

Print Friendly