مضمون

اڄوڪي عيد ڪيئن ڪريان…!!! – سـجاد شر

سجاد شر
سجاد شر

حق ۽ باطل جو جهيڙو روزِ اول کان ابد تائين جاري رهڻو آهي. اسلامي تاريخ موجب ان جهيڙي جي شروعات هابيل ۽ قابيل کان ٿي ته وري هندومت ان کي رام ۽ راوڻ جي جهيڙي کان پيش ڪري ٿي. يسوع مسيع جو جواني ۾ سنگسار ٿيڻ، پادرين ۽ ڪليسائن سان ٽڪراءُ ۾ اچڻ به اهڙي جهيڙي جو بڻ بنياد ظاهر ڪري ٿو. صدين جي ارتقا ۽ شعور جي اوسر ٿيڻ باوجود اهو جهيڙو گهٽجڻ بجاءِ وڌندو ئي رهيو آهي. 20 هين صدي جي شروعات کان وٺي اخر تائين ان جهيڙي ۾ تيزي، ترقي پسند لاڙن جي سامهون رجعت پسنديءِ جي ديوار کڙي ٿيڻ سبب ٿي آهي. يقينن مها ساگرن جي وچ ۾ وسندڙ هڪ ننڍڙي خشڪ گولي ۾ سنڌ به شامل رهي آهي ته انجا اثر اوس اسان مٿان به ٿيا آهن ڇو ته سنڌ جي نوجوانن به ترقي پسند سوچ کي اپنائيندي، مٽي سان محبت، ديس جي دلبري خاطر، سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري واري لطيفي لات کي هنيانءُ سان هنڊائيندي وطن جي خوشحالي، آزادي ۽ موهن جي دڙي واري عظمت موٽائڻ خاطر جدوجهد پئي ڪئي آهي.

هونئن ته مٽيءِ جي چپٽي آهيان

جيئي ديس ته ڌرتي آهيان

انهي جدوجهد جي پادائش ۾ ڪيترن ئي گهوٽن ڪنوارن سان لائون لهڻ ۽ ڀينرن جي هٿن جي ڀنل مهنديءِ سان هٿ رنگجڻ بجاءِ ڪفني پهري آهي.ڪيترائي آڪاش ۽ حنا يتيمي جي احساس ۾ پلجڻ لاءِ تيار ٿيا آهن، ڪنهن شير جهڙي معصوم پيءُ جي سڙڻ جو سيڪ محسوس ڪيو آهي. ڪا وني افضل سان المنظر ڪناري گهمڻ بجاءِ غم جي چادر اوڍي سڏڪن جي سمنڊ ۾ ٻڏل آهي. ڪيترائي راهول ۽ جيئه سينا اڄ به اڻ پڙهيائي جو احساس کڻي سوچين ٿا ته آزادي جي ڳالهه ڪرڻ سماج جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪندڙن سان اهڙو حشر الجزائر ويٽنام جارجيا چيچنيا ۽ ڪشمير ۾ به نه ٿيو هوندو….!!!! سقراط به زهر جو هڪ پيالو پي جند ته  ڇڏائي ورتي هئي پر اڄ ته سنڌ جا وير هر گهڙي ۽ هر لمحي ۾ زهر جا پيالا پيئن ٿا پوءِ به مرڻ بجاءِ زندگي جي آس لڳايو ويٺا آهن.

آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهون کي پر ايئن نه مرنداسين او ساٿي

ڪا  آڳ لگائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين

اڄ به وطن ڏي واجهائي مياس جي مانند ڪمليش ڪمار ڪلف ڪڙن ۾ قيد آهي، ننگر پارڪر جي مورن ۽ هرڻن جي ديس جو هي ٻالڪ جنهن جي وارثن جڏهن ننگر جبل تي بيهي ڏٺو هوندو ته اسان وٽ هرڻ مرندا رهيا ۽ مور به مري رهيا آهن پر پرين ڀر لوهي ڄاري جي هن پار مور ۽ هرڻ آزادي سان گهمن پيا ته به هو مايوس نه ٿيا هوندا ته جي جانور ڀلا مري به پيا ته خير آهي پر وطن کي ڇڏڻ جي نوبت ته اڃان آئي ناهي ڇو ته ٻچڙن جي سرن جو خير هجي. پر گذريل سال جي نومبر ۾ پنهنجي جگر جي ٽڪري جي کنڀجڻ واري احساس سندن من کي ماندو ڪري ڇڏيو آهي سندن دل ۾ هزرارين اڌما اٿن ٿا ته اهڙي غلام ديس ۾ رهڻ جو ڪهڙو فائدو جتان جي رکوالي تي رهندڙ چنگيزي پڻي جو شڪار هجن جن جي حڪمراني گسٽاپو ۽ نازي ازم کي به پوئتي ڇڏي چڪي هجي سندن ٻچڙي سنڌ جي فرزند جو ڏوهه اهو آهي ته هن موبائيل تي اقبال ۽ وصي شاهه جي شاعري بجاءِ سنڌ منهنجي امان جا ميسج دوستن ڏانهن ٿي ڪيا،هن ڏياري تي پنهنجي ڪنهن پرين کي رومانس جي نشاني طور پروين شاڪر جي خوشبو بجاءِ سنڌ ڳالهائي ٿي جهڙو تاريخي ڊاڪيومنٽ گفٽ ڪيو هو..!!؟؟ هن ڪنگ پريسٽ جهڙي خوبصورت ڀاءُ بنا ڏياري ۽ راکي بنڌڻ جو تصور سندس دوستن، امڙ، ڀينرن تي نرڳ ۽ قيامت کان گهٽ نه هوندو پر ڇا ڪجي

سر جي گدلي سينور ۾ هي نڪتل نيل ڪنول به ڏوهي آ.

گم ڪيل جسمم اڳواڻ راجا ڏاهر، الله وڌايو مهر ۽ ڪمليش ڪمار
گم ڪيل جسمم اڳواڻ راجا ڏاهر، الله وڌايو مهر ۽ ڪمليش ڪمار

الله واڌيو مهر جو ڏوهه به سنڌ سان محبت آهي. هو گذريل سال سيپٽمبر ۾ کنڀيو ويو ۽ کيس چچريل لاش سمجهي ڪريم ميمڻ ۽ فهيم ڀٽو سان گڏ مئل سمجي حب ويجهو اڇلايو ويو  پر سندس جيئرو رهڻ به خوش قسمتي بجاءِ بدقسمتي بڻجي پيو ۽ کيس وري سول اسپتال مان وار ۽ بريو هالي ووڊ جي فلم جي سين جيان سڀن آڏو کنڀيو ويو…!!! سندس غير موجودگي ۽ نه هجڻ واري احساس سندس امڙ ۽ گھروارن جون عيدون به محشر ۾ تبديل ڪري ڇڏيون آهن. وري اڄ ٻي عيد آهي جيڪا سندس گھروارا ڪيئن ملهائيدا؟ اهو سوال اهل دل ۽ اهل شعور جي اک ڏسي نير واهي ويهي ٿي.سنڌ جي سرموڙ علم لطيفي جي ماهر انور پيرزادو ڪيترائي ورهيه پهرين اهڙي ديس جي دانهن کي سمجهي ورتو جو لفظ پني تي اڪاري ورتائين

مان عيد اڄوڪي ڪيئن ڪريان؟؟
ڪالھه ڪلھوڪي رت وھيو آ
لاش اڃا ڀي وکريل آھن
جيل ڀريل ڀائن سان
۽ پٽ چڙھن پيا ڦاھيءَ تي
ڍيرن تي ھن قلمن ٽڪرا
کوڙ زبانون وڍجن ٿيون پيون
خيالن تي ھن پيرا چوڪيون
سچ گُھٽيو ۽ ڪوڙ ٿو ٻھڪي
ھاري ناري بک مري ٿو
منھنجا ساٿي، منھنجا راھي عيد آ جن لاءِ
کولين ۾ ٿا فرش تي ليٽن
مان ھي ھنڌ کٽون ۽ ڪپڙا
گھوري ساڙيان عيد سميت
منھنجا ميت!
مان عيد اڄوڪي ڪيئن ڪريان؟؟
(انور پيرزادو جي ڪتاب: اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان)

گذريل مهيني جي چار تاريخ تي ملڪي سرحدن تي معمور محافظن جي هڪ ڪٽڪ الهندي ۽ اڀرندي سرحدن کان وڌيڪ خطرناڪ  ڳوٺ بچل ڀنڀري ۾ ويٺل هڪ ديس ڀڳت جيڪو سنڌ جي تهذيب ۽ پڙلاءِ جي علامت سائين عطامحمد ڀنڀرو جو فرزند راجا ڏاهر ڀنڀرو کي خطرناڪ سمجهي ڪاهه ڪري کنڀيو ان کان علاوه ڀر پاسي جي علائقن مان به ماڻهوکنيا ويا پر سائين عطا محمد جو پٽ ۽ معصوم انوشا جو پيءُ راجا ڏاهر اڃان به گم ڪيل آهي.

وقتي ڦير گهير سان ستين صدي آ سنڌ ۾ جاري
ڪالهه دانشور چچ جي پٽ ڏاهر هئي جان واري
اڄ سنڌ شناس ديس ڀڳت جو پٽ راجا ڏوهاري

سندس گھران ڪا اينٽي ايئرڪرافٽ گن يا ايميونيشن نه پر داس ڪپيٽل، سوفي جي دنيا، منهنجي جدوجهد، سنڌ جا سورما، نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ۽ سنڌين صدين کان جهڙا لازوال ۽ پر مغز ڪتاب مليا. پر ڪنهن ڏاهي چواڻي قلم ۽ ڪتاب بندوق جي ٽريگر کان وڌيڪ خطرناڪ ڄاڻيندي کيس کنڀيو ويو.

ڪيترن ئي سورهيه ۽ سرويچ پٽن جي لاشن ملڻ تي سوڳوار سنڌ جي حالت زار ۽ انهن سڀن سنڌ دوست،وطن پرست کاهوڙين لاءِ قيد و بند، تڪليفون عقوبتون ڏسي اردو جي شاعر ڇا نه خوب چيو.

زبان پر مہر لگانا تو کوئی بات نہیں،

بدل سکو تو بدل دو، میرے خیالوں کو۔

Print Friendly