مضمون

اڌوري چمي….!!!!سجاد شر

سجاد شر
سجاد شر

واقعي به تاريخ ستم ظريفين جو دفتر آهي جتي پيشور ڏوهاري قهر سنگهه ۽ ڀڳت سنگهه ٻنهي جو رڪارڊ دفتر داخل آهي.اهو اسان کي طئه ڪرڻو آهي ته هڪ انسان جا ڳلا ڪٽيا ٻئي انسان جي جي ڳچيءِ ۾ پيل غلامي جي طوق کي ٽوڙڻ جي لاءِ جان ڏني ٻنهي مان جنتا جو هيرو ڪير هجڻ گهرجي.باقي تاريخ جي پنن کي پروڙڻ سان اسان کي نظر اچي ٿو ته ماڻهو، ماڻهو آهي به يا نه؟؟!! يا شڪاري باز جيان انهيءِ اکين تي کوپا چاڙهي معصومن جي شڪار ڪرڻ جو ٺيڪو کڻي رکيو آهي.اسان انٽرنيٽ بدلي ننڍي ڳوٺ بڻيل دنيا ۾ جڏهن ڏسون ٿا ته چي گويرا جو اڌ اگھاڙو لاش اسٽريچر تي پيل آهي ۽ کيس مکيون وڪوڙي ويل آهن ته احساس اڌمن جي شڪل وٺي جاڳي پون ٿا.پر جڏهن لال قلعي تي سبز حلالي پرچم جي ڦڙڪائڻ واري فرعونيت ۽ شائونزم سان سرشار پاڻ کي الله جي نائب طور سمجهندڙ نامعلوم فرشتن هٿان هٿان کنڀي گم ڪري چيچرائي ماريل ساڳي چي گويرا واري سوچ تخيل ۽ ڪردار سان ڀرپور پنهنجي ڀائرن ساٿين جا لاش ڏسون ٿا ته اندر مان رڙيون ٿيون نڪرن ته دنيا جي سامراج جي نشاني بڻيل ملڪ به وطن پرستن سان ائين نه ڪندا هئا جيڪا روش سنڌ ۾ روا رکي پئي وڃي.

راجا ڏاهر جو لاش بي ڪفنو ڪري دفنائڻ ۽ مائٽن کي مهيني کان پوءِ اطلاع ڏيڻ انسانيت ماڻهپي ته ٺهيو پر بد تهذيب جانورن کي به پوئتي ڇڏي ڇڏيو آهي.هر دليل آڏو سندن بندوق مان نڪتل سيهي واري گولي جي ٻولي ڳالهائيندڙن سنڌ ۾ وطن جي ڳالهه ڪندڙن کي وارثي جو ڪفن به نه ڏينداسين اهڙي اورنگزيبي فلاسافي جي پوئلڳ ڀائري جي دعوا ڪندڙن سدائين ڪنهن دارا کي ڪٺو آهي سدائين ڪنهن شاهجان جي شڪل اختيار ڪندڙ ڪيئي عطا محمد پنهجي پٽن جي لت پت لاشن تي رت هاڻا نير وهايا آهن.ڇا ڪڏهن انهن سوچيو آهي ته جن مظفرن جي مٿي ۽ ڌڙڪندڙ دل تي گولي هنئين ويندي آهي ته انهن جا آڪاش ڌرتي ۽ وشال آسمان جيتري وٿي جيترو سندن قاتل کان نفرت ڪندا آهن. جڏهن منير خان جي نياڻي پيءُ جي قبر تي بيهوش ٿي ڪري پوندي آهي ته پوري سنڌي قوم پنهنجي وجود آڏو ترورا ۽ آنڌهيون محسوس ڪندي آهي. جڏهن ڪا سرويچ ڀيڻ مٿي تان پوتي لهي وڃڻ کان بي خبر بي نياز ٿي اسٽريچر تي سرد جسم بڻجي ويل پنهجي موڀي ڀاءُ جي ماٿي تي المانڪ اکين ڳوڙن سان ٽمٽار چمي ڏيندي آهي ته ڪيئي لطف پيءُ ڀٽائي کي جهونگاريندا آهن ته ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ري، ته جواب ۾ خوبرو نوجوان اڳيان اڏين وٽ پوين سر سنڀايا جيئن اڳتي وڌندا آهن.

جڏهن ڪنهن صاحب خان جو لاش گوليون لڳل ملندو آهي ته ڦٿڪڻ واري جاءِ تان اٿندڙ ڌوڙ باشعور ماڻهو، اقتدار جي مسند تي ويٺل مالڪ حڪمرانن جي منهن تي محسوس ڪندا آهن. جڏهن ڀينرون ساهيڙين سان آصف کي بچائڻ لاءِ نڪرنديون آهن ته اوٺا پير پري کان پڌرا سندن دڳ روڪيندا آهن. کين خاموش ڪرڻ لاءِ سندن مووي ڀري ويندي آهي. پر پوءِ به هو انڊس هاءِ وي تي ڏامر هاريل روڊ تي پلٿي ماري ڀاءُ جي بازيابي لاءِ دانهون ڪنديون آهن تڏهن پاڪستان کان پرڀرو ٿيل سنڌي ماڻهو اڃان به پري ٿيڻ لاءِ وکون سوريندا آهن.ڀلا ڪير ڪوسي ڪيريءِ کي ويجهو ايندو به ته ڪيئن؟؟؟؟!!!

باکوڙي ۾ حيوانن هٿان ڏنل انسانن کي باهه ۾ سرائي، روپلو ۽ نادر ته ڀڪشوئن جيان سنڌ گيتا جي گيان ڪندي ڀسم ٿي ويا هئا پر انهن مان اسي سيڪڙو سڙيل نورالله جي گجگوڙ ۽ گونجار کيس سدائين جيئي سنڌ جي سياست کان منع ڪندڙ چاچو نيڪ محمد به ان ڏينهن محسوس ڪئي صرف پاڻ نه پر اسڪول ۾ پڙهندڙ پنهنجي شاگردن کي به اجگر کان نفرت جو درس ڏيندو آهي ته ابا اسان جي ديس جا ٻچا کائيندڙ ڏائڻ اسان جي اوٽ وٺي گهوٽ کائڻ واري ڌنڌي سان لڳل آهي. ان کان بچي پري ٿجو،ٻار به سوچ ۾ ٻڏي ويندا آهن ته ڀلا ڀائر سي به وڏا ننڍن کي کائيندا آهن ڇا؟!

سنڌين جي صدين جي تهذيب تمدن ماهيت جي اهـڃاڻ سائين عطامحمد ڀنڀرو جنهن سنڌ جي مٿڀري ماڻهپي واري علامت موهن جي ڌڙي جي اسڪرپٽ پڙهڻ،تحقيق ڪرڻ ۾ عمر صرف ڪئي آهي ان تي ڪيئي ڪتاب لکيا آهن ان سنڌ شناس جو پٽ راجا ڏاهر ڏهرسين جنهن سنڌ لاءِ حقيقي جدوجهد ڪرڻ واسطي قومي تحريڪ جي سياست ۾ سدائين اوڀارو وهندڙ جسمم جي چونڊ ڪئي،جيڪو ان پارٽي جي باني اڳواڻن مان هو.اهو راجا ڏاهر جيڪو سلڇڻو،سنجيدا مدبرانه سوچ ۽ پڙهڻ لکڻ واري معاملي ۾ سائين عطا محمد سان کنهوهڻندڙهو.مونکي چڱي ريت ياد آهي هڪ ڀيري هلندي اجلاس ۾ سرائي کي مخاطب ٿيندي چيائين سرائي صاحب وقت ۽ حالتون ٺيڪ ناهن ڪار تي چڙهڻ ۽ ڊگهو سفر ڪرڻ ترڪ ڪريو ايترو لازمي هجي ته حيدرآباد کان گهوٽڪي تائين پنڌ اسٽيپ وائيز ڪيو ۽ ٽن چئن ڏينهن ۾ اتي پهچو جنهن تي سرائي وراڻيو اوهان دانشور دوستن جي چوڻ تي هلان ها ته جسمم نه پر ٻي ڪنهن نرم مزاج پارٽي ۾ هجان ها…پر هڪ مهينو بعد وقت ثابت ڪيو ته ڏاهن جي ڪيلڪيوليشن غلط ثابت گهٽ ٿيندي آهي.انهيءِ راجا جنهن وٽ علم جا ڀنڊار هئا،جنهن جي شخصيت گهڻ پاسائين هئي.ساڳئي ڏينهن اسان جي گهرن مٿان چڙهايون ٿيون هنجي گهران به ڪتابن جا ڍڳ مليا ته منهجي گهر به هنن کي ڪتاب ئي مليا گرفتار ڪيل هڪ شخص ٻڌايو ته وائرليس تي آفيسر مٿي بڌائي رهيو ته ٻنهي گهرن ۾ رڳو ڪتابن جا انبار آهن جيڪي کڻيون اچون پيا.هنن وٽان ڪجهه به ناهي مليودهي هشتگرد ته نٿا لڳن پر هنن کي ايترا ڪتاب پڙهڻ باوجود به سيکارڻو پوندو ته سنڌ نه پر پاڪستان جي ڳالهه ڪريو..انهن اڌ پڙهيل ۽ سڄي عمر ليفٽ رائيٽ ڪندي گذاريندڙ وردي پوش لٽيرن کي ڪهڙي خبر ته علم ئي انسان کي فهم ۽ ادراڪ ڏيندو آهي پروڙ ۽ پرک ڏيندو آهي اها پرک جيڪا وطن جي شعور سان مالا مال ڪندي آهي اهو فهم جيڪو وطن تي مرڻ سيکاريندو آهي.راجا جنهن عالم پيءُ جي گهر ۾ ڄائو انهيءِ انقلابن جي تاريخ ضرورت ۽ اسباب پڙهندي جواني جي چائنٺ تي پير رکيو هو انکي جڏهن خبر پئي ته سندس نالو ڪنهن عام انسان جي نالي جيئن نه پر سنڌ جي مردم خيزي،غيرت،حوصلي،همٿ ۽ سورهيائي جي اهڃاڻ شهيد اول راجا ڏاهر پٺيان رکيل آهي ته هن کي نالي جي ڇڪ محسوس ٿي،انهيءِ ڇڪ کيس سنڌ سان محبت جي ڏوه ۾ قتل ڪرايو آهي سندس تشدد ٿيل لاش مهينو اڳ ايئن پوري ڇڏڻ ايئن آهي جيئن حسين جو سر قلم ڪري سندس اهل عيار کي شام جي گهٽين ۾ پيرين اگهاڙو رلايو ويو هو ايئن عيد ڏهاڙي به بابا جي بازيابيءِ لئه به ڪانو جي اک نڪرندڙ گرمي ۾ عيد ڏهاڙي سندس آزادي لئه احتجاج ٿي ڪيو کيس ڪهڙي خبر ته هو ٽنڊي يوسف جي ڀر واري قبرستان مان اڀا هٿ ڪندي ايئن چوندو هجي مان مور نه مرڻو هان،مان ورڻو هان مان ورڻو هان ٻيو ته ٺهيو پر سندس معصوم انوشا پنهجي شهمير ۽ شمشير پيءُ کي آخري چمي به نه ڏئي سگهي ۽ اها سندس خواهش اڌوري رهجي وئي…!!!

بي حسي جي وائڙائپ ۾ ورتل تاريخ جي ورقن کان اڻ ڄاڻ ۽ اوپرا آهن جتي تاريخ ۾ ستم ظريفين جو حساب آهي اتي مقتولن سان محبتن جا ڪيئي سونهري باب به درج آهن.هڪ ماڻهو جو موت ان سان جڙيل جهان ۽ ڪل ڪائنات جو موت هجي ٿو پر جيڪي گهوٽ اڏين وٽ بي دردي سان ماريا ويا آهن انهن سان تاريخ جو انصاف سمورين تڪليفن ۽ دردن تي غالب اچيو وڃين.ڀلا ڪنهن سوچيو آهي ته عيسي کي صليب تي ٽنگڻ بعد سندس جنازي کي ڪلهي ڪانڌي به صرف ٽي عورتون ٿيون هيون جن ۾ سندس ماءُ مريم،طوا.ف مارٿا ۽ انجي ڀيڻ..!!!پر اڄ انهيءِ يسوع مسيع واري صليب جي نشان کي ڪل انساني آبادي جو اٺهتر سيڪڙو ماڻهو سيني تي صبح سانجهي ٺاهي گهرن کان پوءِ نڪرندا آهن.اڄ صليب به عظمت جي محرابن واري شڪل اختيار ڪري چڪو آهي.سڀاش چندر بوس جون سڙيل هڏيون جيڪي به بي وطني جي احساس ۾ دفنايون ويون ان متعلق ڪڏهن ڪنهن کي تصور ۾ به هوندو ته هڪ ارب کان مٿي آبادي وارو ملڪ کيس نيتا جي چئي مخاطب ٿيندو سندس ڏنل نعرو جئه هند ٻچي ٻڍي جو نعرو بڻبو.بوليويا جي جهنگن ۾ ماريل چي گويرا جي تصوير اڄ به نوجوان ۽ ناريون وڏي چاه،پيار ۽ پاٻوه سان پهرين ٿا،سندس مقبوليت گورن ڪارن،عربين عجمين ۾ هڪ جيتري آهي.انهي ڪري اڄ جڏهن ساڍا ڇهه ڪروڙ آبادي جي وارثيءِ جي دعوا ڪندڙ راجا ڏاهر ڏاهرسين اڄ بي ڪفنو ٿي دفن به ٿيو آهي ته ڇا ٿي پيو؟؟اهو ڏينهن اسان جي هوندي نه به آيو ته اسان جا ايندڙ نسل اتهاس جي اٿل پٿل ڏسندا ۽ سنڌ جي مڙني مادر علمين کان ويندي نصابن جي ڪتابن ۾ هڪ راجا ڏاهر نه پر ٻن راجائن جو ذڪر هوندو هڪ اهو جيڪو ستين سدي پڄاڻان ۽ اٺين صدي جي ابتدا ۾ وڙهندي ماريو ويو ۽ ٻيو هي ايڪهين صدي جو راجا هوندو جنهن انوشا جي پيءُ نه پر سنڌ جي ٿرن برن،،واهڻن وستين،شهرن ڳوٺن ۾ وسندڙ سمورن انسان جي پيءُ جي نظر سان سندن بهتري ۽ ڀلائي لئه سوچيو هو جنهن ڪيبرال،هوچي منهه،جنرل گياپ کي نه صرف پڙهيو پر انهن جي واٽ تي هلڻ جو ست به ساريو هو انهي ست سارڻ تي هن منهن تي ڌڪڙا سهندي لطيف جو به ڀرم رکيو.انهيءِ راجا جون تصويرون چوڪن ۽ چوراهن تي مان راجا هان وارا پوسٽر عيان نظر ايندا.ايئن جيئن ڪنهن شاعر چيو؛

شهر ديٻل سندو شال ٻيهر وسي

پنهجو ايندڙ نسل سنڌ آجي ڏسي

Print Friendly