مضمون

نظير عباسي جي ورسي: سوڀون سر گُهرن: سجاد شر

شهيد نظير عباسي
شهيد نظير عباسي

سماج اٿل پٿل جو شڪار شروع کان ئي رهيا آهن.پٿر جي دور جو انسان اڄ مريخ تي زندگي جو متلاشي آهي بدتر کان بهتر طرف ارتقا جو سفر صدين کان جاري آهي ۽ مولوي بيسڊ فنامنا تحت ڪن فيقون سان ٺهيل سوره اسرافيل سان هي جهان هڪ ڏينهن سدائين لاءِ موڪلائي به ويندو. پر ايستائين شو ۽ شڪتي، آدم ۽ حوا طرفان ڪيل ڪوششن امام مهدي يا گوتم ٻڌ جي ظهور تائين تبديلي جو سفر جاري رهڻو آهي

ڪنهن ڏاهي چيو ته ٻار جي ڄمڻ شرط پهرين رڙ اهو ثابت ڪري ٿي ته الله اڃان ڪائنات مان مايوس ناهي ٿيو.پرجيءِ خوش ته جهان خوش واري انفرادي خوشحالي وارو درس ڏيندڙ چنيسر جو پوئلڳ هو يا دودي جي دوستي جو قائل اهو فيصلو اڃان ٿيڻيو آهي پر ڪي فرد پرور اهڙا به پئدا ڪيا آهن جن ڏک سک ۽ محبتون ديس جي ماروئڙن سان مشروط ڪري رکيون آهن. هونئن به نيڪي ۽ بدي جو تعلق ريل جي پٽڙين جيان هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ۽ هڪ ٻئي سان گڏوگڏ هلندڙ هجي ٿو. پر ان بديءِ کي ڀلائي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪن منصورن مسند نشينن جي مٿي ۾ سور وجهڻ لاءِ حق جو نعرو بلند پي ڪيو آهي ته ڪنهن دارا شڪوه بنا ڪنهن شڪوا ڪرڻ جي جان گهوري ڇڏي آهي.لطيف اهي سٽون فخر سان سرجيون هونديون ته سوڀون سر گھرن سرن ري سوڀ، انهيءِ سرن پٺيان سوڀ جي ڳولا ڪڏهن ڏاهر بن چچ ڪئي هئي ته ڪڏهن اها سوڀ پسڻ لاءِ حسين بن علي پنهنجا ٻچا ڪهايا آهن. مخدوم بلاول شاهه عنايت اهي سڀ انهي سرن پٺيان ملندڙ سوڀ جا متلاشي انسان هئا جن مرڻ بعد گمنام ٿيڻ بجاءِ ماٿي جو سندور ٿيڻ قبوليو.اڄ به سندس بهترين عملن تي عقيدت ڪندڙ سندس گذرگاهن واري مٽيءِ کي به سوين سالن بعد به قبر جي پيراندي کان پيل پيتي مان کاڪ ڪڍي کائڻ کي بهتر سمجهن ٿا.

اڄ کان 35 سال پهرين ڪنهن لانگ بوٽ جي لتاڙ هيٺ آيل سنڌي قوم جي غيرت ۽ عظمت جي اهميت ڄاڻيندي شيشن مٿان پير رکي هلڻ سکيو هو.سندس پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ وڏا نالا ته سوڙهي گھٽيءَ مان سولائي سان نڪري ويا پر هو بند گھٽي ۾ ڦاسڻ بجاءِ وچ چوراهي تي سينو تاڻي بيهي رهيو.هن جي قافلي ۾ ماسڪو کان متاثر سبي ۾ به اور ڪوٽ پائيندڙ باشندن جو به بي شمار تعداد هو پر لانگ بوٽ جي لتاڙ ۾ اچڻ کان اڳ کين گھر وارا ڳوٺ آڙو پاڙو سڀ نظر آيو هو ۽ انهن آلله توهار ڪري سر بچائڻ کي به وريامن جو ورق ڀانيو هو.پرهڪ شخص برف جي ڪينن تي الف اگھاڙي ليٽل هوندي به پاڻ آڏو هماليا کي ڪول ڀائيندي ڀاشڻ ڏنو هو ته ماڻهو مري ويندا آهن سورهيائي ان ۾ آهي ته آڻ نه مڃجي. جي اڄ ٽٽاسين ته ڀڳل شيشي جهڙو وجود کڻي بي ضمير ٿي جيئڻو پوندو. جن کي ضمير ذري هوندي آهي اهي ڀاڙيائپ جو سدا حيات طوق پنهنجي ڳچي ۾ کڻي ناهن گهمندا. انڪري جي اڄ منهنجي قرباني ۽ سر ڏيڻ لازمي آهي ته پوءِ مان مرندس جيئن وري ڪو لنگور لانگ بوٽ جيان لوئيون نه لتاڙي. پر منهنجو هي موت سنڌ سان مشروط آهي. سڄي عمر سرخ انقلاب جا نعرا هڻندڙ هيڊا ۽ پيلا منهن ڪري لکي ڏين پيا جنهن جو مطلب آهي انڪارِ وطن آئڊيالاجي ڪنهن به ريت جٽادار ناهي هوندي.پر منهنجي سنڌ جنهن جي خمير مان پيدا ٿيو آهيان ان جي چيڪي مٽيءِ جو قسم مان زندان جي جهروڪن مان جسماني طرح جهري ۽ ڀري سگھان ٿو پر پنهنجي اصول ۽ آدرشن جي سودي بازي واري سين جو صداڪار ڪڏهن به نه ٿيندس. هڪڙا رڳن ۾ رت جي رواني سبب جيئندڙ سڏبا آهن پر آئون اهڙن اڻاسين وارو ڪڌو ڪم ڪري لطيف جي فڪر ۽ افڪار جو انڪاري ڪونه ٿيندس. ها پر وقت جي تقاضا ۽ منهنجي سوچ جو بالغ پڻو اهو آهي ته آئون هي سر وطن تان واري ڇڏيان.

خبر ناهي رياستي عتاب جي ان پهرين مليل سرد جسم جي سڃاڻپ جنهن مائٽ کان ڪرائي وئي ان کيس منهن مان لڳل ڌڪڙن مان سڃاتو هو يا هيسيل حراسيل گن مشينن سان ليس ورديءِ واري مافيا جي ڊپ سبب پرکيو هو ته هي ڀٽڪيل روح بلاول جو يعني نذير عباسي جو لاش آهي جڏهن هو جيئرو هو ته به سرگردان سنڌ هو،سندس مرڻ به وطن سان محبت جو بي مثال ڪارنامو آهي جنهن تي تاريخ جو ڪاتب هر دور ۾ لکڻ پنهجو فرض سمجهندو.

وطن ۾ بي وطني جي احساس واري ماريل ماڻهن ۾ شهيد نذير عباسي جو ڪردار ان ڪري به انمول آهي جو هن ملڪي مروج آئين واري جمهوري انداز ۾ سياست ٿي ڪئي. هن جا وار ۽ اسٽائيل توڙي جو ڪيوبا جي انقلابين جهڙو نه هو پر سندس ڀاشا۽ سندر سوچ مڙني انقلابين جي مروج روح مطابق هئي. انهيءِ ڪري جڏهن آئون گوگل ذريعي سرچ ڪيان ٿو ته ست سمنڊ پار هڪ وديشي ويهه سالا نوجوان سنهري وارن واري ماريه به بايو انجيئر ٿيڻ بجاءِ سماجي ڪم ڪرڻ کي ترجيع ڏيئي ٿي،هن وٽ زندگيءِ جو مقصد پيسه ڪمائڻ نه پر انسانيت جي خدمت آهي. انهيءِ جي دليل ۾ سندس مکڙيءَ جهڙي چهري مان سندرتا سوڀيا ۽ سرويچپڻو نظر اچي ٿو جنهن مان محسوس ٿي ٿو ته ماڻهو جي ڪوشش پهرين انسان ٿيڻ هجي ٿي.شايد اتي اهڙي انسانيت کي سڌريل دنيا جي ملڪن ۾ توڙي جو ڪليڪيوليشن بيسڊ سوسائٽي هوندي به اهڙن ڪردارن کي نوبل ڪاز سبب نوبل انعامن سان نوازيو ويندو آهي ۽ سڀ کلي دل سان اهڙن فردن کي سوئيڪار ڪندا آهن پر ٽئين دنيا جي ڪنڊ ۾ ڦاٿل اسان جي سماج ۾ اهڙا انسان اوس مليو وڃن ٿا پر کين عشق عرفان جي آزمينن تي پهچڻ،انسانيت جي عظمت ۽ ماڻهپي لاءِ هن ملڪ ۾ رت ڏيڻ لازمي هجي ٿو. ڇو ته اسان وارو آقا راوڻ آهي جنهن اڳيان نه يا انڪار معني موت کي موسٽ ويلڪم چوڻ…!!!انهيءِ موت جي آجيان جنهن نظير عباسي ڪئي هئي اها سندس انفراديت ۽ قرباني فرد طور سنڌ لئه هئي جڏهن ته چاچي مريد خان نومڙئي چواڻي سندس پارٽيءِ جي نقطه نظر ۾ اها سنڌ نه هئي جيڪا هن پنهجي اکين سان ڏٺي ۽ سندس خوابن ۾ هئي،ان جو ورهين کان جلاوطن ساٿي ۽ رفيق مير سليم سنائي سدائين چوندو آهي ته شهيد نظير عباسي اگر اڄ جيئرو هجي ها ته هو جسمم ۾ هجي ها. هن جي سموري جدوجهد فقط سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هجي ها…..!!!

بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن،

وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين هڻن،

ڪرن، ڪنڌ نچن، رڻ گجيو راڙو ٿيو

مان چوان ٿو اڄ شهيد نظير عباسي جو روح سخي حسن جي قبرستان واري مورڙي جي ماڳ تان ٿيندو جڏهن اڏار ڪندو سن پهچندو هوندو ته سندس سائين جي ايم سيد سان روحاني ڪچهري ۾ شريڪ مظفر ڀٽو، روپلو چولياڻي، ديوان پريم، افضل، منير خان انيس سومرو به پٺي ڀاڪر ۾ ڀريندا هوندا. هن جو رت ۾ ٻڏل جسم مان نڪتل اڇو اجرو روح

سڌائتي سڀ ڪا بک نه ڀاسي ڪا

جيهي تيهي ذات جي جنبش ناهي جاءِ

مون سي هلي سا جا جيءُ مٺو نه ڪري

چئي سيد آڏو عقيدت جو سلام ڪندو هوندو. ۽ کيس واقعي به مير چواڻي محسوس ٿيندو هوندو ته اداس نسلين بجاءِ مظفر ڀٽو ۽ سندس جنگ جوان ساٿين تي سدا حيات نسلين جهڙو ناول ڪو اديب ارپنا طور لکي جن وطن ڏي واجهائي مياس بجاءِ وطن لاءِ وڙهندي مياس جي مانند سر ڏيئي ڏات جي ڏياٽين ذريعي نه پر سنڌ جي روشني ۽ حيات لاءِ ٻرندڙ چمنيءِ ۾ پنهنجو رت وجهي اونداهه جو انڪار ڪيو.انهيءِ رت جي ڪمي جي پورائي لاءِ سميع الله کان ويندي راجا ڏاهر ڀنڀري تائين رت جو تيل وجهڻ لاءِاڳيان اڏين وٽ پوين سر سنڀايا جيان هڪ اڻ کٽ قطار بيٺي آهي. جيئن شاعر چيو

ڪالهه تون نظير هئين، اڄ تون ڏاهر آهين.

سلسلو اڃان جاري آهي، منزل اڃان اڃاري آهي

 

Print Friendly