اداريو

اداريو: گمشدگين خلاف ٿيندڙ احتجاجن جو نوٽيس ڪير وٺندو؟ـ

وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنس طرفان ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين ڪڍيل پرامن مارچ
وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنس طرفان ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين ڪڍيل پرامن مارچ

سنڌ ۽ بلوچستان کان ويندي سمورو ايشيا، ان کان به اڳتي ڄڻ ته سموري دنيا پاڪستان جي آشرواد سان هلندڙ مذهبي جونيت پرستي جي ور چڙهيل آهي. سموري دنيا ۾ پاڪستان هڪ بنيادپرست ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. پر انهي بنيادپرستي کان سواءِ پاڪستان جا ادارا مظلوم سنڌين ۽ بلوچن سان پڻ ظلم ڪندا رهن ٿا، پر دنيا جو ضمير ان درد ۽ ناانصافي کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

پاڪستان جي اندر ماڻهن جي گمشدگي تمام وڏو مسئلو آهي، خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا سياسي ڪارڪن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گم ٿيندا رهيا آهن. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ پڻ اقرار ڪري چڪي آهي ته گم ڪيل ماڻهو آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، ايف سي يا پاڪستان جي ٻين ڳجهن ادارن وٽ قيد آهن، تنهن باوجود اڃان تائين انهن گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي ممڪن ناهي ٿي سگھي.

اهڙين گمشدگين خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جي اندر سالن کان احتجاج هلندڙ آهن پر انهن احتجاجن کي پاڪستان جي ميڊيا مسلسل رد ڪندي رهي آهي. هتي سنڌ ۾ گم ٿيلن جا وارث 2004ع کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ بلوچستان ۾ اهو سلسلو ته تمام پراڻو آهي. پر هتي جي ميڊيا انهن جا نمائيندا، سرڪاري ادارا بلڪل خاموش ويٺل آهن.

ان کان وڏو الميو اهو آهي ته انهن گم ٿيل شهرين جو آواز دنيا جي انساني حقن جي ادارن تائين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پهچيو وڃي پر پاڪستان جي سول سوسائٽي کان ويندي انساني حقن جا علمبردار انهن ظلمن ڏي ڪو به ڌيان نٿا ڏين ۽ رهندو رياست جي ونگار وهندي اهڙن ڪيسن کي عالمي فورمن کان لڪائيندا رهن ٿا.

هتي جي ميڊيا، صحافي انساني حقن جي تنظيمن وڏو شوشو ڇڏيو آهي ته بي گناهه ماڻهو ڊرون ۾ مارجن ٿا پر هنن ڪڏهن به اهو اقرار ناهي ڪيو ته هتي جا بلوچ ۽ سنڌي قوم پرست ڪارڪن به گم آهن. هتي جي نام نهاد صحافي ۽ دانشورن جي رويي کان مايوس ٿي گم ٿيل ماڻهن جا وارث جڏهن دنيا جي مهذب ادارن کي اپيل ڪن ٿا ته هتي جا دانشور ۽ ميڊيا انهن کي انڊيا يا آمريڪا جو ايجنٽ قرار ڏين ٿا.

وائيس فار بلوچ مسنگ پرسن طرفان مسلسل 1300 ڏينهن جي احتجاج کان پوءِ ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پر افسوس ته ايتري ڊگھي جدوجهد کان پوءِ به ڪير انهن جي آواز کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. آخر اهڙي لاتعلقي جو نتيجو ڇا نڪرندو؟

ميڊيا ۽ هن ملڪ جي ادارن جي ايتري لاتعلقي کان پوءِ جيڪي نتيجا نڪرندا يقينن اهي هن رياست جي بنيادن کي به ختم ڪري سگھن ٿا. جڏهن ماڻهن جا پنهنجا معصوم ٻار، ٻچا توڙي ٻڍا محفوظ نه هجن ته پوءِ اهڙو ماڻهو ضرور ٻين جي ٻچن جو خيال نه ڪندو. جن جا معصوم پٽ ماريا وڃن ٿا سڀاڻي اهي ردعمل ۾ ٻين کي ماريندا. جن جا پٽ گم آهن انهن جا پي سڀاڻي ملوث ماڻهن کي گم ڪرڻ شروع ڪندا.

ان کان اڳ هن ملڪ جي ادارن، ميڊيا ۽ دانشورن کي هنن احتجاجن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. جيڪڏهن اهڙن مسئلن تي فورن ڌيان نه ڏنو ويو ته ايشيا  جي هن خطي ۾ تمام وڏو انساني الميو جنم وٺندو. اهو الميو آفريڪا جي ڏُڪار ۽ شام جي ماڻهن مٿان ڪيمائي حملن کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندو.

Print Friendly