مضمون

قومپرست پارٽيون! ڪڏهن کان خانداني ۽ ون مين شو پارٽيون پيون ٿين؟ وينگس

هڪ عام سمجهه واري ڳالهه عام آ ته مقصد کي اڳيان رکي فيصلا ۽ راهه طئي ڪئي ويندي آهي. ائين جيڪڏهن نه ڪيو ويو ته ان جا نتيجا بهتر نه نڪريه
سگهندا. سنڌ ۾ سياسي سگهه، اها ڀل پارليامينٽ يا قومپرست سياسي سگهه هجي، ٻئي ڪمزور ٿينديون پيون وڃن.

ان جو الزام هر وقت رياست جي ادارن تي نه ٿا هڻي سگهون ڪجهه کوٽا سڪا پارٽين جي وچ ۾ به آهن جن کي سڃاڻڻ جي انتهائي سخت ضرورت آهي. سنڌ ڪيترن ئي مسئلن ۾ نه پر سنڌ اڄڪلهه هزارين ۽ بنيادي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي آهي. سنڌ جي تعليم ۽ صحت جهڙا مسئلا به پهاڙ پيا بڻجندا وڃن.
سنڌ مستقبل ۾ ڪٿي بيهندي؟ ان تي ڪڏهن ڪنهن سوچڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي! سنڌ جي مستقبل کي هڪ پاسي تي رکو، هتي پهرين ان ڳالهه تي ڌيان ڏيو، موجوده وقت ۾ سنڌ ڪٿي بيٺل آهي؟

سنڌ جي سياسي سگهه کي ڪمزور ڪري، سنڌ کي مٽي سان ملائي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي پئي. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ سياسي پارٽيون آخر ڪهڙي سبب ڪري سياسي سگهه کي ڪمزور ڪري رهيون آهن؟

سنڌ جو عوام هاڻي سياسي پارٽين کي پنهنجي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻو پوندو انهن کان حساب وٺڻ گهرجي، اهي سڀئي سياسي پارٽيون ڇا ڪري رهيون آهن؟

سنڌ ۾ قومپرست پارٽيون گهڻيون آهن ۽ انهن جي راهه وفاق پرست پارٽين کان مختلف آهي. اِها ٻئي ڳالهه آ ته هاڻي دٻيل ۽ کليل لفظن ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون پارليامينٽ سياست جي سپورٽ ڪن پيون.

اهي قومپرست پارٽيون جيڪي صرف سنڌ جي ڳالهه ڪن ٿيون انهن جي پارٽين جي اندر جهاتي پائي ڏسو ته انهن جا ڪم به هڪ اقتداري سياست ڪندڙ کان گهٽ ناهن. پهرين قومپرست پارٽيون هر وقت ڀٽو خاندان تي تنقيد جا تير هلائينديون رهيون ته پيپلز پارٽي، خانداني سياست ڪندڙ آهن.

هر هڪ جو حق آهي، اهي پنهنجي راءِ رکن. جڏهن پنهنجي ڳالهه اچي ٿي اتي چپ جي پاليسي اختيار ڇو ٿي اختيار ڪئي وڃي؟ پنهنجي ڳالهه اچي ته سڀ ڪجهه هلال ٿي پوي.

قومپرست سياست جو مقصد سنڌ جي لاءِ آواز اُٿارڻ آهي، ان جي لاءِ هر سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن قربانيون ڏنيون آهن پر قومپرست پارٽين جيڪڏهن ون مين شو ۽ خانداني سياست جي راهه اختيار ڪئي، ان کان پوءِ قومپرست سياست پنهنجي سگهه برقرار مشڪل سان رکي سگهي.

قومپرست پارٽين اندر گهٽ ۾ گهٽ فيصلا ۽ چونڊون جمهوري انداز سان ٿيڻ گهرجي ته جيئن هڪ لائحه عمل کي مضبوطي سان اڳتي کڻجي.

خبر ته ”جسقم پارٽي صنعان قريشي کي بنا مقابلي چيئرمين چونڊي ڇڏيو.“ پارٽي جو پنهنجو فيصلو ٿي سگهي ٿو ان سان انڪار ناهي پر جن فيصلو ڪيو انهن پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي سوال ڪرڻ جو زحمت ڪئي ته آخر اهي سڀئي ان قسم جو فيصلو ڪئي ڪري سگهن ٿا پارٽي جي ٻين اڳواڻن ۽ ورڪرن کي باءِ پاسي ڪئي ٿو ڪري سگهجي.

آخر قومپرست پارٽيون پنهنجي مقصد ۽ اصولن کي خاندان ۽ ون مين شو جي ڀيٽ چاڙهي ڪمزور ڇا جي لاءِ ڪري رهيون آهن؟

جيڪڏهن قومپرست پارٽيون، اڻسڌي طرح سان پارليامينٽ پارٽين جي قدمن تي هلي رهيون آهن ته پوءِ واضح نموني سان اڳيان اچي ٻڌائي ڇڏو.

قومپرست سياست ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي هوندي جيستائين قومپرست پارٽيون جمهوري انداز سان فيصلا نه ٿيون ڪن ۽ پارٽين مان ون مين شو ۽ خانداني سياست کي ترجيع ڏيڻ بجاءِ پارٽي ورڪرن جي جمهوري فيصلن کي مانُ ڏڻو پوندو. ائين نه ٿئي ته سنڌ جي قومپرست سياست به هڪ محدود دائري تائين رهجي وڃي. ڪنهن به مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت ۽ جمهوري فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، شخصيتن کان مٿي پارٽي جا اصول هوندا آهن. ان تي سنڌ جي سياسي پارٽين کي سوچڻ گهرجي، انهن جي فيصلن ڪري سياسي سگهه ڪمزور ٿي رهي آهي. ٿورو سوچيو ته آخر ڪيو ڇا پيا؟

Print Friendly