بلوچستان, عالمي خبرو

بي بي سي پاران جاري ڪيل 100 عورتن جي لسٽ ۾ ڪريمه بلوچ شامل

بلوچ آزادي پسند اڳواڻ ڪريمه بلوچ
بلوچ آزادي پسند اڳواڻ ڪريمه بلوچ

بلوچستان جي قومي آزادي جي اڳواڻ ۽ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي پهرين چيئرپرسن، ڪريمه بلوچ کي دنيا جي  100 عورتن واري لسٽ ۾ بي بي سي شامل ڪري ورتو. 

بي بي سي پاران سڄي دنيا مان انهن عورتن کي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو جن ”اتساهيندڙ ۽ پُراثر“ ڪم ڪيا.

31 سالن جي ڪريمه بلوچ پهرين بلوچ عورت آهي جنهن جو نالو ان لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ بي بي سي هن کي ”آزادي لاءِ ڪم ڪندڙ“ اڳواڻ طور ڄاڻايو.

ڪريمه بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو ته عورتن جي شموليت کان بغير قومي آزادي جي تحريڪ اڻ پوري هجي ٿي.

هن بلوچستان ٽائيمز سان گالهائيندي چيو ته بلوچ عورتن کي نه صرف سياست پر ٻين شعبن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته هن لسٽ ۾ اچڻ سان هن جي ڪم کي وڌيڪ اهميت ملندي ۽ بلوچ عورتن لاءِ پڻ اهو اتساهه جو سبب بڻجندي.

Print Friendly