علائقائي خبرون

ڪيس داخل نه ٿيڻ تي ذاڪر بوزدار جي وارثن جو احتجاج

سيشن جج ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر پوليس عمل نه ٿي ڪري، پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ته اڄ توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪرائينداسين: رياض بوزدار

جسمم جي اڳواڻ ذاڪر بوزدار جي گمشدگي کان پوءِ ماوراءِ عدالت قتل خلاف سندس ڀاءُ پاران ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر باوجود عدالت جي حڪم جي اي سيڪشن ٿاڻي ۾ سندس ڪيس داخل نه ڪيو ويو.

متاثر وارثن چيو ته عدالت جي حڪم باوجود ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي. اگر اڄ ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪئي ويندي.

ياد رهي ته ذاڪر بوزدار کي 3 ڊسمبر تي گھران هڪ ڇاپي دوران کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن جو تشدد ٿيل لاش 12 ڊسمبر تي گھوٽڪي مان مليو.

Print Friendly