مضمون

تلور جو شڪار ايترو اهم ڇو؟ حقيقت ڇا آهي؟

Houbara Bustard

حوالو: پوٺوهار جاگرافڪ سوسائٽي

 سنڌيڪار: حيات سومرو

.تلور جو شڪار ايترو اهم ڇو آهي؟ ۽ هي شڪار رڳو عرب شهزادا ڇو ڪندا آهن؟ انگريز به شڪار جا شوقين آهن پر اهو ڪڏھن ناهي ٻڌو ته اهي هتي شڪار ڪرڻ آيا هجن.
پر هن عرب شهزادن کي هن ننڍڙي ۽ معمولي پکي لاءِ اربين رپين جي ضرورت ڇو پوندي آهي؟ ۽ هي شڪار رڳو پاڪستان،انڊيا ۽ بنگلاديش ۾ ئي ڇو ڪيو ويندو آهي؟ تلور ته هڪ آزاد پکي آهي جيڪو سال ۾ ٻه ڀيرا گرم کان ٿڌن ملڪن ۽ ٿڌن کا گرم ملڪن طرف سفر ڪندو آهي ۽ ان دوران هو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کا گذرندو آهي جن ۾ عرب ملڪ به شامل آهن.
پاڪستان جا مقامي ماڻھو به هن جو شڪار ڪندا آهن،۽ اتفاق سان مون به هڪ ڀيري بهاولپور جي هڪ دوست سان گڏجي تلور جو شڪار ڪيو هو. تلور پچائي کائڻ کان پوءِ ان جو سواد گوجرنوالا مان ملندڙ جهرڪن کان وڌيڪ ڪمال وارو نه هو .
مون کي زاتي طور ان جي شڪار ۾ اهڙي ڪا ڳالھ نظر نه آئي جنهن تي ايترو پئسو ۽ محنت خرچ ڪجي .
پوءِ به هي عرب شهزاده ان جي شڪار جا ايترا شوقين ڇو هوندا آهن؟ ۽ هتي ئي شڪار لاءِ ڇو ايندا آهن؟ جڏھن ته انهن کي سندن ئي ملڪن ۾ شڪار ڪٺل يا جيئري حالت ۾ خوشي سان موڪلي سگهجي ٿو.

اصل حيقت ته ان شڪار کان به وڌيڪ خوفائتي ۽ اذيت واري آهي.


ڪجھ ڏينهن پهريان منهنجو هڪ ريٽائر ميجر سان ملڻ ٿيو ،جيڪو بهاولپور ۾ عرب شهزادن جي حفاظت لاءِ مقرر ٿيو هو ۽ هاڻي اسلام آباد ۾ ڪا نئين ملازمت ڳولي رهيو هو،جڏهن ته هن جو چوڻ هو ته هو عربن وٽ هر مهيني ٻه لک رپيا پگهار کڻندو هو .
آئون سوال ڪيو ته اوهان ملازمت ڇو ڇڏي؟
ميجر جواب ڏنو ته فوجي آهيان،ضمير ملامت ٿي ڪئي.
منهنجي لاءِ جواب حيران ڪندڙ هو پر مون جيڪو ٻڌو اوهان آڏو رکان ٿو.
“سڪيورٽي آفيسر جي ذميواري هوندي آهي ته هو مهمانن کي هوائي اڏي تان وٺي اچي، هر گهڙي ان سان گڏ رهي ۽ پوءِ ان کي حفاظت سان واپس هوائي اڏي تي پهچائي.ان آفيسر کان وڌيڪ مهمانن جي زاتي سرگرمين بابت ڪو نه ٿو ڄاڻي. ڇا ڪڏھن اسان اهو سوچيو آهي ته عرب شهزاده پنهنجي خاندان يا زالن کي گڏ ڇو نه وٺي ايندا آهن؟ سدائين اڪيلا ڇو ايندا آهن؟ ڇا انهن کي هرڻ يا تلور جو گوشت ناهي وڻندو؟
اصل حقيقت هي آهي ته جڏھن عرب شهزاده شڪار لاءِ ايندا آهن تڏهن سندن لاءِ خيما بستي قائم ڪئي ويندي آهي. جتي ٻن پهرن کان پوءِ شڪار شروع ٿيندو آهي،شڪار ڪرڻ لاءِ گهوڙن،ڪتن ۽ بازن کان مدد ورتي ويندي آهي. شڪار سج لهڻ کان پهريان ختم ڪري ۽ جماعت سان گڏ سج لٿي واري نماز پڙهي ويندي آهي ۽ پوءِ شڪار کي پچائي،باربي ڪيو،ڪڙهائي ۽ ٻاڦ ۾ پڪل گوشت سان گڏ ڪيترائي مٺا ۽ مصالحي وارا طعام تيار ڪري عشاء جي نماز کان پهريان کاڌا ويندا آهن ، ۽ پوءِ شهزاده پنهنجن پنهنجن خيمن جو رخ ڪندا آهن جتي حڪومت طرفان مقامي ماڻھن ۽ انتظاميا جي مدد سان انهن شهزادن جي جنسي حوس پوري ڪرڻ لاءِ گھٽ عمر واريون ڇوڪريون هٿ ڪري موڪليون وينديون آهن.ان ڳالھ جو خاص خيال رکيو ويندو آهي ته ڇوڪري مقامي هجي ۽ عمر ٻارهن کان چوڏھن سال هجي. ڇوڪرين کي مشڪ ۽ عنبر سان وهنجاري تيار ڪيو ويندو آهي ۽ کين سمجهايو ويندو آهي ته ڪا مزاحمت نه ڪن متان عربن کي ڪا ڏکيائي پيش اچي. خيمن جي اندر جي حالت ته ڪو نه ٿو ڄاڻي پر ان ننڍين ڇوڪري جي حالت به ان جهرڪي جهڙي هوندي آهي جيڪا باز جي چنبن ۾ ڦاسندي آهي .
ميجر صاحب وڌيڪ چيو ته آئون خيمن کان ٻاهر اهڙس آواز ٻڌا هئا جيڪي ڪنهن اذيت گهر مان ايندا آهن“.
اهو ٻڌائيندي فوجي ميجر جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا،جتي هڪ فوجي جي همت جواب ڏئي ڇڏي اتي سمجهو ڪيترو ظلم ۽ اذيت هوندي.
شيخ زيد هسپتال جا ڊاڪٽر به شاهد آهن ته ڪيئن نه اهي ننڍڙيون ڇوڪريون پنهنجن اندروني ڦٽن جي ڪري ڪيترائي ڏينهن هسپتال ۾ گذارين ٿيون ۽ ڪي ته زندگي به وڃائي ڇڏينديون آهن..
منهنجو سڀني ماڻھن کان سوال آهي ته ڇا اسان دلال بڻجي چڪا آهيون يا ملڪ هيرامنڊي بڻجي چڪو آهي،جتي چند ٽڪن،ويزائن ۽ فائدن جي ڪري اسان پنهنجي غيريت وڪڻي ڇڏيئون ٿا؟
ڪهڙي ڪم جو هي ائٽم بم ۽ ڪهڙي ڪم جي هي آزادي جيڪا هزارين جانيون وڃائڻ کان پوءِ ملي هئي،ڪهڙي پاسي هلي ويندي آهي اسان جي غيريت جڏھن هي عرب شهزاده اسان جي عزت ۽ لوئي ليڙون ليڙون ڪندا آهن؟
جن شهزادن جي آڏو اسان جا حڪمران چيلھ تائين جهڪي ٿا پون انهن شهزادن جو سڄو ملڪ به پاڪستان جي هڪ شهر کان به ننڍو آهي. ۽ ڪمزور ايتري قدر جو جيڪڏهن فوج جي هڪ ڪمانڊ به موڪلي وڃي ته هي بغير ڪنهن ويڙھ جي هٿيار ڦٽو ڪري ڇڏيندا.
منهنجي خيال ۾ ڏوھ انهن جو نه پر اسان جو آهي،جڏھن اسان پنهنجي عزت ٿالهي ۾ رکي بازار ۾ هڪو ڏينداسين ته خريدار ڪو به ماڻھو ٿي سگهي ٿو.
ايتري خواري ۽ بي عزتي کان ڀلو آهي ته اسان کي ائٽم بم ملڪ جي گادي واري شھر ۾ رکي هلائي ڇڏڻ گھرجي .ڪهڙي خبر اسان کان پوءِ ڪا اهڙي قوم پيدا ٿئي جيڪا هن ڌرتي تي بار نه هجي.

(نوٽ: ليکڪ جي ڳالهين سان ترجمي نگار جو سهمت هجڻ ضروري ناهي،آئون رڳو ترجمو ڪري اوهان اڳيان پيش ڪيو آهي ۽ هي لکڻي اردو ۾ هئي جيڪا آئون فيسبوڪ جي پيج پوٺوهار جاگرفڪ سوسائٽي جي وال تان کنئي آهي ).

Print Friendly