مضمون

بلاگرز جي گمشدگي: فرعون جي گھر ۾ موسي جي پيدائش ـ سجاد شر

اختلاف سڀني مذهبن ۾ باعث رحمت يعني بهتري جي علامت طور ورتا ويندا آهن. جنهن ملڪ ۾ نالي ۾ اسلام ڏينهن رات پوئواري ٿيندي هجي اتي اختلاف جو مطلب غداري، اهو غداري جو ٽيگ فاطمه جناح، حسين سهروردي، جي ايم سيد، خان غفار خان،نواب خير بخش مري,نواب اڪبر بگٽي, بينظير ڀٽو، اچڪزئي، بلوچن ۽ سنڌين مٿان مختلف وقتن تي لڳندو رهندو آهي. بس ڪن حالتن ۾ غدار ٻين حالتن ۾  محب وطن جي پاڪ لڪير جي پرين پاسي زندگي گذاريندي نظر ايندا آهن.

فوجي ڪشي مخالفت هجي، مارشل لا خلاف ڳالهائڻ هجي، ڪالاباغ ڊيم تي دليل ڏيڻ هجي يا وري پاڻي پورو نه ملڻ جي شڪايت هجي يا گيس تي رائلٽي جي گهر هجي اهو بنگالين بعد آبادي جي بنياد تي وڏا ڀائر بڻيل ڪڏهن به سماجي اخلاقي طرح وڏو ڀاءِ بڻجڻ بجاءِ دانهن احتجاجن کي روڪڻ جا نت نوان طريقا ڳولهيندا رهيا ون يونٽ نيم پوءِ مڪمل مارشلائن مار موچڙي سان ننڍا سهي نه ٿيا ته پنهجي جوهر ۾ مڪمل مالڪ بڻيلن مشرف سرڪار ۾ Kill and Dump پاليسي، اعلان بنا ئي اختلاف رکندڙن مٿان لاڳو ڪئي وئي. بلوچستان ۾ لانگ بوٽ ۽ وردي لهرائي مليشي رنگ جهڙا ڪپڙا پارائي ايف سي لاٿي وئي. گمشدگين جو سلسلو شروع ٿيو، دانهون ٿيون، ڪوڪون ٿيون پر قصو دنگ نه ٿيو، پوءِ ويرانين، ٻهراڙين، چوراهن ۽ جهاڙين مان لاش ملڻ شروع ٿيا. Kill and Dump جي شاندار ڪاميابي جي بعد اهڙي فخريه پراڊڪٽ سنڌ ۾ به آزمائي وئي. جتي پڻ سوين ماڻهو شاگرد، انجنئير، وڪيل، نوجوان توڙي ڪراڙا سڀ شامل هئا( هڪ 80 ساله محمد راهمون اڄ سودو گم آهي). مظفر ڀٽو، سرائي قربان کهاوڙ، بشير خان قريشي، افضل پنهور، راجا ڏاهر ڀنڀرو جيئن کلندي گهرن رستن يونيورسٽين  مان ڏينهن ڏٺي جو کنڀيا ويا، پر جڏهن سندن چچريل لاش مليا ته اهي عبرت واسطي ڪافي هئا. يقينن انهن لاءِ محب وطن مخلوق چئي سگھي ٿي ته اهي علحدگي پسند هئا انهن سان رعايت ڇا جي؟ 

اهي فاتح ڇو ٿا وسارين ته مفتوح بڻايل علائقن ۾ پڪڙيل جنگي قيدين جا به ڪي حق هوندا آهن هي ته وري به 40 جي قرارداد تحت اوهان سان شامل ٿيا هئا. (اهو هڪ طويل بحث آهي ته ڪير شامل ٿيو ۽ ڪنهن کي طاقت جي زور تي قائل ڪيو ويو). هن گمشدگين جي شروع ڪيل تيلي بلوچستان، سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ڪراچي ۾ باهه ٻارڻ بعد پنجاب جو رخ ڪيو آهي. اتان سوشل ميڊيا تي روشن خيال نقطعه نظر جي پرچار ڪندڙ مظلومن ۽ محڪومن جي زخمن تي لفظن سان پها رکندڙ نوجوانن جو

4 ۽ 5 جنوري کان کنڀجڻ جو سلسلو شروع ٿيو، هالينڊ جي شهري وقاص گورايا، لاهور مان عاصم سيعد، فاطمه جناح يونيورسٽي جي پروفيسر سلمان حيدر جڏهن ته نانڪاڻا صاحب مان احمد رضا کنڀيا ويا.

اُٹھا لئے گئے وُہ جو اُٹھا رھے تھے سوال

مگر سوال تو اب تک وھیں پڑا ھُوا ھے

پروفيسر سلمان حيدر هڪ ڄاتل سڃاتل انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪن آهي، هن طرفان گم ٿيلن لاءِ مختلف وقتن تي ٿيندڙ احتجاج  ۾ به ڪافي متحرڪ رهيو آهي. عاصم سعيد مٿان الزام آهي ته هو موچي جي نالي سان لبرل سيڪيولر تعليم جي پرچار ڪندو رهيو آهي. جڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جي اندر انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين خلاف هڪ پيج ڀينسا جي نالي سان لکندو رهيو آهي.اهو پڻ کنڀيو ويو آهي جنهن لئه معلوم ٿيو آهي ته هو پوليو کان معذور ستاويهن سالن جو نوجوان ۽ گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ آهي جيڪڏهن واقعي به انهن ترقي پسند لبرل سوچ رکندڙ نوجوانن جو تعلق پنجاب سان آهي ته  فرعون جي گهر ۾ موسيٰ جي پرورش ته پراڻو قصو آهي.، هي ته واقعي به بلهي شاهه ۽ باهوءَ جي ڌرتيءَ تي حقيقي موسيٰ پئدا ٿيا آهن جن کي پنجاب جون زيادتيون ، فوج جون من مانيون، نه فقط نظر اچن ٿيون،  پر اهي انهن تي احتجاج ڪندي بلوچن ۽ سنڌين سان شانه بشانه پڻ بيهن ٿا، انهن جي کنڀجڻ ۽ انهن جي گمشدگيءَ تي به پنجاب جي ماڻهن کي به اک کولڻي پوندي،  ڇو ته چوڪيدار پهري ۽ جان جي حفاظت بجاءِ  بلوچن ۽ سنڌين جا ٻچا کائڻ  بعد ڪنهن مڇيءَ جيئن پنهنجي ئي نسل جي  نئين ٽهيءَ کي ڳهڻ لڳو آهي،  فقط ان ڪري ڇو ته انهن نوجوانن ان خلاف سوشل ميڊيا جي محاذ تي  سندن ڪارگذارين، ڪاروباري مفادن، سندن ڪرمن طور آندل جنگ و جدل جنهن پوري ملڪ ۾ کين هٿيار، آپگهاتي بمبار ۽ موت سان مانوس بنائي ڇڏيو ان تي لکيو آهي ان جي نندا ڪئي آهي…!!!

 يقينن شعور، سمجهه، ادراڪ اوهان کي  گهر جي ڪنڊ ۾ ويڙهجي ويهڻ بدران پوري عالم لئه اواز اٿارڻ تي مجبوري ڪري ٿي،  اسان جي قومي شاعر لطيف سرڪار ته صديون اڳ چيو هئو ته

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

انهيءَ ڪري جيڏو رنجيدا۽  تڪليف زده اسان پنهنجي ساٿين ڀائرن،  سنڌين ۽ بلوچن جي کنڀجڻ تي ٿيندا آهيون،  اوتري ئي تڪليف هنن نوجوانن وقاص گورايا، عاصم سعيد، احمد رضا ۽ پروفيسر سلمان حيدر سميت ٻين کنڀي گمشدگيءَ تي به ٿي آهي ڇو ته اسان ننڍي هوندي کان عبدالواحد آريسر جي  جيل ڊائريءَ ، دودي مهيريءَ جي اذيتن ڀريل ڪهاڻي يا وري 2003 کان  کنڀي گم ڪيل جسمم جي تڏهوڪي  جنرل سيڪريٽري نواز خان زئور جو ڪتاب ”قيدي تخت لاهور جو“   (جيڪو اڄ به پابندي پيل ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو) پڙهيو آهي اسان کي خبر آهي جڳ جهان آڏو ظاهر پر ميڊيا لئه خفيا بڻيل ڪيئن نوجوانن کي کنڀيندا گم ڪندا ٽارچر ڪري پوءِ ماري اڇلائيندا آهن اسان وٽ ته پرائمري جو ٻار به ڄاڻي ٿو ته نوروز خان سان ٿيل قراني معادي واري ويساهه گھاتي يا وري جڏهن جناح به راضي نه هو ته پاڪستان لئه قرارداد پاس ڪرائيندڙ جي ايم سيد ڪيئن 1948ع ۾ پهريون سياسي قيدي بڻيو…!!!

 ان ڪري اسين سنڌي ۽ بلوچ ڄاڻو ٿا ته 4×4 جي کولي، بي تهاشا تشدد، سج جي روشني ۽ هوا کان ڏور ڪنهن غار ۾ بند نوجوان جن وٽ آدرش اصول ۽ انسانيت هجي انهن مٿان لانگ بوٽن سان گڏ گنديون گاريون، ڪافر ۽ راجا ڏاهر جي اولاد جا لقب، سميت سڀ هڪ طرفا الزام لڳندا رهن ٿا اهڙي اذيت ۽ تذليل جو انسان زندگي کان ئي ڀڄڻ چاهيندو آهي.پر هو اونداهين جي پرچارڪ اهو ڇو ٿا وسارين ته سج ۽ سچ کاري هيٺان ناهي لڪي سگهندو

حق ۽ سچ جي جنگ هابيل ۽ ڪابيل جي دور جي آهي، حسين ڀل ڪربلا ۾ آل و عيال سميت شهيد به ٿي وڃي، پر حسينيت تاقيامت رهڻي آهي. ديبل جي بندر تي راجا ڏاهر جو ڪريل ڪنڌ سندس عظمت، اهميت، ڌرتي مان ختم نٿو ڪري سگھي. ائين ئي هنن جديد موسائن کي کنڀي گم ڪرڻ، انهن مٿان غيرانساني تشدد ڪرڻ حلال کي حرام، خراب کي سٺو، نقصان کي فائدو، غلامي کي آزادي ۾ تبديل نٿو ڪري سگھي.

Print Friendly