مضمون

سنڌ مُرڪي پئي: ماھم سنڌي

جڏھن 17 جنوري 1995ع تي جوان ۽ جاکوڙي دماغ رکندڙ ان جُھوني سنڌ جي سُپوت جنھن جي عمر جي آڱرين مان 92ھون انگ ڇڻي رھيو ھو ۽ 93ھين سال جو آڌرڀاءُ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جشن سان ڪيو پئي ویو ،  (جيڪو اڳتي ھلي ان جي جسماني بقا جي آخري جنوري ۽ آخري سرد سيارو ثابت ٿيو ) تڏھن  ھو پنھنجي سالگرھ  جو آخري ڪيڪ ڪاٽي رھيو ھو ته ، آسپاس ۾ موجود ھن جا سچا پوئلڳ ڄڻ ته ان جي جُھوني بدن مان به ڪا واس وٺي رھيا ھئا ۽ ان جي ھلڪي مسڪراھٽ کي نئي بھار جي آمد سمجھي کيڪاري رھيا ھئا ته ، سپوت لب چوريندي ، اکين ۾ چمڪ آڻيندي اھو چيو ھيو ته مونکي منھنجي سچي قومي ڪارڪن جُمن دربدر جون ھيءَ سٽون ڏاڍو اُتساھ ٿيون ڏين.
”وٺي ھر ھر جنم وربو
مٺا مھراڻ ۾ ملبو
ختم اونداھ ٿي ويندي
چٽيءَ چانڊڻ ۾ ملبو “.

ھي ڪو ٻيو نه پر پنج ھزار سالن جي شاھوڪار تھذيب ، ٻولي ۽ ثقافت رکندڙ سنڌ جو سچو سڄڻ  ، پيغمبر سنڌ ،  جديد سنڌي قومپرستي جي بنياد رکندڙ سائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضٰي شاه ) ھو . ھُن ڳالھ کي بنا ساھي جي اڳيان وڌائيندي چيو ھيو ته اڄ مان عمر جي انھي منزل تي اچي پھتو آھيان ، جنھن کي اوھان چراغ سحري چئي سگھو ٿا ،  پر مون پنھنجي ھمت  ،  طاقت جدوجھد ۽ جاکوڙ نه ڇڏي آھي . مون ۾ مايوسي کان وڌيڪ ھڪ خوشحال ۽ ترقي جي راھ تي ڊوڙيندڙ سنڌ جي اُميد آھي ،  جيڪا مون ۾ جاڳي منھنجي خُون جي گردش ۾ تيزي آڻي ان کي بيھڻ نه پئي ڏي .  جنھن جي ڪري پنھنجي جذبي ساڻ اڄ به مان جوان جماڻ آھيان ۽ جسم تي آيل جُھريون انھي اڻ مٽ ۽ اڻ کُٽ جذبي کي مونکان عليحده ڪري ئي نٿيون سگھن.

چوندا آھن ھر ماڻھو جو جنم ھڪ مقصد خاطر ھوندو آھي ۽ سنڌ جي سرزمين ۾ سائين جي ايم سيد جو جنم سنڌ ۾ يڪجھتي ۽ ان جي قومي سڃاڻپ بچائڻ لاء ئي ٿيو ھيو . سنڌ سان سچو عشق رکندڙ سائين جي ايم  سيد سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو عزم کڻي ضلعي دادو جي شھر سَن ۾ 1904ع تي جنم ورتو .  ننڍپڻ کان ئي ھُن ۾ ايتري گھڻ رُخي قابليت ھئي جو ھو مختلف استادن جي رھبري ۾ به رھيو ، گڏوگڏ ڪتابن جو مطالعو به جاري رکيائين ۽ عملي دنيا ۾ به ھو اڳيان اڳيان رھيو . پاڻ چوي ٿو ته عملي زندگي ۾ مان عبادت سمجھي ڪم ڪندو ھوس . سنڌ جي قومي جدوجھد کان اڳ سائين جي ايم سيد پنھنجي ذاتي تحريڪ جو آغاز پنھنجي گھر ،  پنھنجي پاڙي ۽ شھر مان ڪيو .  1918ع ۾ جڏھن ھو اڃا 14 سالن جو مس ھيو ته ھُن سَن ۾ ھندو پنجائيت جيان مسلمانن جي اتحاد ۽ سماجي ڀلائي واري ڪمن جي لاء جماعت جوڙي . جنھن ذريعي ماڻھن ۾   آگاهي ، سجاڳي جو ڦھلاءُ  ۽ مصيبت دوران مدد ڪئي ويندي ھئي . جن ۾ شادين توڙي فوتگين تي اجائي خرچ کان پاسو ڪرڻ ، وڏيون مڇون رکي ۽ وڏا وار رکي پاڻ کي معتبر سمجھڻ واري روايتن کي ترڪ ڪرڻ ، سھاڳڻين  زالن کي ڳريون نٿون پائي ۽ ڪنن ۾ ڪيترائي والا وجھڻ ، ھٿن ۾ سردي گرمي ڪڙا ۽ ھس پائڻ جھڙين عجيب ۽ ڪُڌين روايتن کي تڙي ڪڍڻ ھو  .  انھي ڪمن ۾ ڪاميابي سائين جي ايم سيد لاء اڳتي وڌڻ جي ڪامياب وک بڻي ۽ ھن پنھنجو سفر وڌيڪ ڊگھو طئي ڪيو .  سائين جي ايم سيد شاھ لطيف کي ڏاڍو گھرائي سان پڙھندو ھو  ۽ ان تي ڪتاب “لطيف جو پيغام “ به لکيائين  . جنھن ۾ ان کي پرک جي ڪسوٽي تي مڪمل پرکڻ جي ڪوشش ڪيائين . ھونئن به سائين جي ايم سيد ھر ھنڌ ، ھر ڪتاب ۾ شاھ لطيف جون مثالون  پيش ڪيون  آھن ،  جنھن سان ان جي لطيف سائين سان روحاني لاڳاپي جي خبر پوي ٿي . سائين جي ايم سيد شاھ لطيف جي ئي انھي تصور جي زنده تصوير ھئي جنھن ۾ ھن سنڌ ۽ سڄي عالم لاء دعا گھرندي چيو ھيو. 
سانئيمَ ! سَدائين ڪَرِين  ، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ.
دوستَ ! مِٺا دِلدارَ ، عالَمُ سَڀِ آبادَ ڪَرِين.
سائين جي ايم سيد چوي ٿو ته “ مون سنڌ جي پنج ھزار ساله شاندار تاريخ کي زندھ رکڻ ، سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جي ترقي ، سنڌ جي سياسي آزادي ۽ اقتصادي خوشحالي ، سنڌ جي جدا قومي وجود جي بحالي ۽ سنڌ جي غيرت حميت ۽ شاندار روايات جي زنده ڪرڻ جو عھد ڪري سياست ۾ پير پاتو ھو ۽ ڪا به  ڳالھ جا انھيء راھ ۾ رنڊڪ وجھڻ واري ھئي ، اھا قبول ڪرڻ لاء تيار نه ھئس ڀلي ڪنھنجي طرفان به پيش ڪئي وڃي . “

سائين جي ايم سيد پنھنجي حياتي ۾ ئي اھا ڳالھ ظاھر ڪندي ھدايت ڪندو رھيو ته ،  سنڌي قوم ۾ جيڪي خاميون ۽ جيڪي اختلاف آھن ، اُھي وقت رھندي دور ڪيا وڃن .  سائين جن کي انھي جي وڏي اميد ھئي ته سنڌي پنھنجي سُڌاري لاء ۽ پاڻ کي ڪامياب قوم مڃائڻ لاء تتي ٿڌي جي توڙي ڏڪار ۽ سُڪار جي پرواھ ڪيئي بغير ان تي قابو پائي ويندا ۽ پنھنجون لڪل صلاحيتون ڪتب آڻڻ جڏھن شروع ڪندا ته ، پوء سنڌ ھر سامراجي ۽ وڏيرڪي غلبي کان آزاد ھوندي.
سائين جي ايم سيد جي وسيع نظر موجب ان نقطه چيني ۽ تنقيد ڪندي سنڌين ۾ اختلاف ۽ نفاق جا جيڪي مکيه ڪارڻ ھئا سي به ڏسيا ھئا ۽ انھن کي سڌارڻ ۽ انھن کي سنوارڻ جي ڀرپور ڪوشش پنھنجي حيات ۾ ئي شروع ڪري ڇڏي ھيس . سائين جي ايم سيد موجب ته مال متي ، چوري ، عورتن کي اغوا ڪرڻ ۽ عورتن جي ڪيترن ئي مسئلن تي سنڌي پاڻ ۾ وڙھي ڳنڍ ٿيو وڃن ٿا جنھن سبب اسان جا اختلاف ذاتي کان اجتماعي حد تائين وڃي پھچن ٿا جيڪا ھڪ وڏي خامي آھي ۽ ترت سڌارڻ جي پڻ ضرورت آھي .( بيشڪ علم ۽ شعور جي روشني ئي جاھل دماغن کي چٽو ڪري سگھي ٿي ) . سائين جن موجب زمين جي مالڪي ، ناجائز قبضي خوري ۽ زرعي زمينن تي پاڻي جي چوري ۽ ورھاست به سنڌين ۾ موجود نفاق جو سبب آھي ، جنھن سبب ايڪتا جو رسو ڪمزور ٿيو ڇڻيو پوي .  مختلف پيرن جا ھڪ ٻي تي اثر ڄمائڻ ، ھڪ ٻي سان مشھوري ۽  ڪاروباري ناجائز نفعن خاطر اختلاف ، انھن جي ھيٺيان رھندڙ اٻوجھ ماڻھن ۾ تعصب کي ھٿي ڏين ٿا .  مُلن ۽ مولوين جون ھڪٻئي سان ذاتي دشمنيون ۽ پنھنجا ھٿ ٺوڪيل عقيدا مڙھڻ سبب سنڌي قوم جو ٻيڙو پاتال طرف رُخ ڪري ڇڏيندو آھي  . قبيلائي تڪرار ، طاقت جو غير ضروري استمعال ۽ ان سان ٿيندڙ فساد ۽ ويڙھ به پوئتي ڌڪيو ڇڏي . شھري ۽ ڳوٺن جي ماڻھن ۾ اقتصادي ، تعليمي اڻ برابري به اختلاف جو باعث بڻجي ٿي . ڪاموري ۽ اپر ڪلاس جون ڏاڍايون ، انھن جو تسلط ۽ انھن جو بااختيار ھجڻ ،  انھن جي مقابلي ۾ ھيٺين ۽ مڊل ڪلاس طبقي جو پيڙھجڻ ، بيجا انھن جو ظلم سھڻ ۽ انھن جي حقن تي لڳل راتاھا به ٻڌي آڻڻ نٿا ڏين . ٻاھران پناهگير ٿي آيل ماڻھن جون سنڌ ۾ پناھون وٺڻ ، انھن جو مڪاني وسيلن تي قبضو ڪرڻ ، جنھن سبب سنڌ واسين  وٽ معاشي ترقي لاء موقعا گھٽ ٿي وڃڻ ،  عدم اعتماد ۽ عدم اتحاد جو جنم وٺڻ ۽ ٻاھرين جو ايندين ئي انھن جي پشت پناھي ٿيڻ ، سنڌين سان ويڌن ٿيڻ ڪري اختلاف جنم وٺي ٿو ، جنھن سبب ايڪتا ۽ قومي ٻڌي ۾ ڪمي اچيو وڃي ۽ ھڪ قوم جي صورت ۾ ترقي جي راھ ۾ رڪاوٽ اچيو وڃي . سائين جن موجب قبائلي نظام جو پوري طرح نه ٽٽڻ ، جھالت جو نه نڪرڻ ، مٿانھين طبقي جي خود مطلبي  ۽ باھمي اختلاف قومي ڪمزوري جو باعث بڻيل آھن.

سائين جي ايم سيد جي ڪيل  اڳڪٿين ۽ ان جي تجربي جي آڌار تي ھيءَ سنڌي قوم بابت ان جا خفا ، ھتي لکڻ جو منھنجو اھو مقصد ڪونھي ته ڪو سنڌي قوم مُھذب ناھي يا ان ۾ نفاق آھي . سائين جي ايم سيد سنڌي قوم ۾ موجود خوبين جي ڪافي واکاڻ به ڪئي آھي ،  پر منھنجي مطابق چڱن گڻن کي ساراھائي انھن مٿان تعريفي لفظن جا گل ٺاھي پتيون ڇٽڪارڻ  کان  وڌيڪ اھم اھو آھي ته پاڻ ۾ موجود غلطين کي سڌارڻ ۽ پنھنجا پير ۽ دماغ صحيح سمت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته ان ۾ بحيثيت قوم اسان جي  لاء  بھتري آھي .  اڄ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي سائين جا سچا ڪارڪن عھد ته ڪري ويندا  ، پر ان ۾ عمل پيرا جيستائين نٿا ٿيون تيستائين جيڪو ھن خواب سونھاري سنڌ جو ڏٺو ھيو اُھو اڻپورو رھندو ۽ ان جا سچا پوئلڳ ۽ جنم ڀومي جا  وفادار سنڌي  سَن جي مٽيءَ جا مياري رھندا .
سائين جي ايم سيد جيتوڻڪ ننڍپڻ ۾ مذھب سان گھڻو لڳاپيل ھيو ، تنھنڪري وڏون پرھيزگار ھيو ،  نمازون ،  روزا ،  تهجدون ادا ڪرڻ ، مسجد ۾ امامت ،  جمعي جا خطبا  پڻ پئي پڙھيائين پر ھُن موجب اتان مڪمل سڪون نه ماڻيم  ۽ ننڍي عمر ۾ ئي اھو احساس ٿي ويم ته رڳو عبادت ڪرڻ ئي نه بلڪه خدمت خلق ڪرڻ ۾ ئي قلب جي راحت ملي ٿي .  سائين جي ايم سيد جا استاد ۽ رھبر رھندڙ اھڙا سٻاجھڙا ھئا جن سنڌي ٻولي جي ادب ۾ ۽ سنڌ کي ترقي وٺائڻ لاء گھڻو ڪم ڪيو .  جئين ته علام آء آء قاضي ، مرزا قليچ بيگ ان کان علاوه ٻيا مذھبي رھبر به ھئا جن ان کي تعليم ڏني .

سائين جي ايم سيد سنڌين کي مخاطب ٿي پنھنجي آخري سالگرھ ۾  ھدايت ڪئي ھئي ته ، جيستائين توھان ايندڙ خطرن ۽ مصيبتن کي محسوس نه ٿا ڪريو  ، ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺧﻄﺮﻥ ،  ﻃﻮﻓﺎﻧﻦ ،  ﺍﻥ جو  ﺍﺩارڪ  ۽ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻝ ۾ ﺍﻳﺌﻦ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪرڻ لڳو ، ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻮﻥ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﻴﻮ ۽ ڏﭠﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮﺀِ ﺗﻮﻫﺎﻥ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ۽ ڪﺎﻣﺮﺍﻥ ﻫﻮﻧﺪﺅ . ﭔﻲﺀَ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﻏﺎﻓﻞ، ڪﺎﻫﻞ ۽ ﻻﻟﭽﻲ ﻗﻮﻣﻦ ، ﻓﺮﺩﻥ ﺟﻮ ﺍﻧﺠﺎﻡ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻲ ﺻﻔﺤﻦ ۾ ﻋﺒﺮﺗﻨﺎڪ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . سائين جي ايم سيد  25 اپريل 1995ع تي جڏھن  الوداع  ڪيو ھيو  ، ان وقت ۽  حالانڪه اڄ جي مقابلي ۾  حالات ،   مسئلا ۽ معاشي عدم استحڪام جي صورت تبديل آھي ، پر ائين چوڻ غلط نه ٿيندو  ته جيڪي ٻج سنڌ جي دشمنن ان وقت پوکي ڇڏيا ھئا  ، سي اڄ وڌي وڏا ٿوھر ٿي نظر اچي رھيا آھن ، جن جي چوڌاري نوڪ دار ڪنڊا آھن ۽ چواڻين موجب نانگ به انھي ٻوٽي جي موجودگي ۾ آستانو ٺاھڻ لڳي ويندا آھن .

سائين جي ايم سيد جڏھن پاڪستان جي آزادي بعد پيش ايندڙ خوني واقعا ڏٺا ۽ جڏھن ھن کي اُھو احساس ٿيو ته پنجابي سامراجي قوتن جي ڳٺ جوڙ سبب پاڪستان جي نالي تي ڌار رياست جوڙي وئي ھئي جنھن ۾ سنڌين ،  بلوچن ، بنگالين سان تمام گھڻو ويڌن ٿيو پئي ته ،  سائين جي ايم سيد سنڌ قوم جي باھمي بقا لاء ۽ ڌرتي ڌڻين کي مالڪي ڏيڻ خاطر ، پوري منصوبابندي ۽ پوري سببن ، انگ اکرن  سان ، الڳ وطن سنڌو ديش جو نقشو چٽيو .  پاڻ چوندو ھو سنڌ جي غلامي ۽ ڪمزوري جو باعث ان جو غدار وڏيرو ،  پير ، مُلا آھي انھي جي پاڙ پٽڻ سنڌ جي آزاديءَ جي راھ ھموار ڪندي .
سائين جي ايم سيد چوي ٿو “ اسان جڏھن پاڪستان جي قيام لاء ڪوشش ٿي ڪئي ته اميد ھئيسون ته ، ھڪ مذھب جي مڃڻ وارن کي جدا ملڪ ملڻ بعد اھو دارالسلام ٿي پوندو پر گزريل سالن جي تجربي ان اسان جي خوشفھميء کي پاش پاش ڪري ڇڏيو .“  ھو سڏ ڪري ماڻھن کي چوندو ھيو ته “ اچو ته گڏجي دعا ڪريون ته پاڪستان ٽٽي وڃي . “  جنھن سبب ھن جي دشمنن جو دائرو وبا وانگر ڦھلجندو  ويو .
اڄ سائين جي ايم سيد جي 113ھين سالگرھ آھي ، پر اڄ سنڌ جي اھڙي حالت وڃي ٿي آھي جو  جھونا توڙي نوجوان سنڌي قومپرست ڪارڪن ايڏي سردي ۾  کنڀجڻ کان پوء عذاب ۽ عقوبتون سھي رهيا  آھن ۽ انھن جي گھرن ۾ بدستور اداسي ۽ مايوسي آھي . اڄ سنڌ ۾ اصلوڪا سنڌي لڏپلاڻ ڪري پيا وڃن ۽ ڌاريا پنھنجا پير پختا ڪندا پيا وڃن . اڄ سنڌ جي راڄڌاني ۾ بم ڌماڪا ٿين پيا ۽ جيڪي به آزادي ۽ مذھبي ھم آھنگي جو نالو ٿا وٺن ته يا گُم ڪيا پيس وڃن يا  دهشتگردي جي جديد روايت ٽارگٽ ڪلنگ  جي ور چڙھيو ٿا وڃن . ھڪ نا بلڪه انيڪ مسئلا سنڌ جي ڳلي ۾ ڦاسايا ويا آھن .
پر اڄوڪي ڏينھن سائين جي ايم سيد جڏھن سَن جي زمين ۾ جنم ورتو ھيو  ۽ اکيون کوليو ھيائين  ته ، ضرور ان جي پيدائش تي جئين ان جي جنم ڏيندڙ ماءُ ۽ ٻيون ڦڦيون خوش ٿي کلڻ لڳيون ھونديون ته ، انھي مھل ھيٺيائين شاعري سان ٺھڪندڙ پڙاڏو ضرور فضا ۾  گونجيو ھوندو :
‏ﺟﻲﺀَ ﺟﻴﺎﺭﻥ ﻣﭥﺎﻥ ، ﺟﺎﻥ ﻧﺜﺎﺭﻥ ﻣﭥﺎﻥ

ﻣﻨﺰﻝ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ، ﭼﻨڊ ﺗﺎﺭﻥ ﻣﭥـﺎﻥ
ڪﺎڪ ﺟﻲ ﻫﺮ ڪﻨﮅﻱﺀَ ﺟﻲ ڪﻨﺎﺭﻥ ﻣﭥﺎﻥ 
ﺩﺷﻤﻦ ﺩﻳﺶ کي ڦاھي ﺳﺮڪﻲ ﭘﺌﻲ
ﺳﻨﮅ ﻣُﺮڪﻲ ﭘﺌﻲ
سنڌ مُرڪي پئي .

Print Friendly