مضمون

تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۽ سنڌ: شفيع برفت

هن وقت جيڪا عالمي صورتحال جڙي پئي، ان صورتحال جو جيڪڏهن پاڻ جائزو وٺنداسين ته دنيا اڳ جي ڀيٽ ۾ هن وقت تمام گهڻي پيچيده ۽ مشڪل ٿي وئي آهي. هن وقت سياسي، نظرياتي ۽ مفادن جي محاذن جي بجاءِ سياسي ورهاست (جيئن سرد جنگ ۾ دنيا جي ورهاست نظرياتي اصولن تحت ٿيل هئي) جنهن بجاءِ هاڻوڪي سياسي صورتحال ۾ دنيا جي طاقتور عالمي ملڪ تنهائيءَ ۽ اڪيلائيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن. هر هڪ عالمي طاقتور ملڪ پنهنجي پنهنجي مفادن جي جدا جدا نيو ورلڊ آرڊر New World Order جي ٿيوري ڏيئي رهيو آهي. جيڪا ورهاست ڪنهن نظريي يا سياسي اصول جي تحت ٿيندي نظر نه پئي اچي. پاڻ گھرائي سان نظر وجهون ته اسان کي هن دنيا ۾ ٻه شيون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.

(الف) پاپولر فنامنا جو جوڙڻ:

پاپولر فنامنا هڪ عارضي فنامنا هوندي آهي، اها عارضي فنامنا ڪنهن ٺوس ۽ عالمي نظرياتي اصولن کان بلڪل وانجهيل هوندي آهي ۽ اهڙي فنامنا جو نطرياتي اصولن ۽ مفادن سان ڪو تعلق ناهي هوندو. ان عارضي فنامنا جا شڪار هن وقت آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ جا ماڻهو ۽ ملڪ ٿي ويا آهن.

تازو آمريڪا ۾ جيڪي چونڊون ٿيون آهن، اتي آمريڪا جي ماڻهن وڌندڙ مذهبي بنياد پرستي جي ردعمل ۾ اچي، ڊونلڊ ٽرمپ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي. جنهن جو مکيا سبب نه ته  ڪو ڊونلڊ ٽرپ ڪو ڏاهو يا دانشور هجڻ آهي نه ئي ان ڪو عالمي سياسي نظريو دنيا ۽ آمريڪا جي ماڻهن جي اڳيان پيش ڪيو آهي، نه ئي هن دنيا جي اندر وڌندڙ مذهبي دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ جي خلاف ڪا عقلي دليلن تي مبني پاليسي پيش ڪئي،  نه ئي هن دنيا جي اندر سياسي جمهوري سيڪيولر اصولن تحت دنيا جي رياست جي هڪ سوشل جمهوريت جي جوڙجڪ جي ڳالهه ڪئي هئي، نه ئي ان عالمي طور تي وڌندڙ ايٽمي ڦهلاءُ جي سلسلي ۾ ڪا سنجيدگي جو اظهار ڪيو جيڪي خاص ڪري اتر ڪوريه ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن طرفان ڪئي ويئي آهي، انهن رياستن سميت سموري دنيا جي ايٽمي هٿيارن جي خاتمي جو ڪو اعلان پنهنجي اليڪشن منشور ۾ ڪيو هئو.

ٽرمپ نه ئي ان ڪا وڌندڙ عالمي ماحولياتي آلودگيءَ ۽ خطرن خلاف ڪا واضع پاليسي پيش ڪئي هئي نه ئي هن دنيا مان جهالت بک، بدحالي، ناانصافيءَ جي خاتمي سميت ڪي انسان دوست ۽ دنيا جي گولي جي تحفظ لاءِ ڪي اهم شيون پنهنجي اليڪشني منشور ۾ رکيون هيون، نه ئي ان دنيا ۾ هلندڙ جنگين جارحيت سفاڪيءَ جي خاتمي جي ڪا دعويٰ ڪئي هئي، نه ئي ان دنيا جي مظلوم قومن جي آزاديءَ جي ڪا انقلابي  حڪمت عملي دنيا جي اڳيان رکي هئي ۽ نه ئي آمريڪا طرفان انٽرنيشنل ذميوار ليڊرشپ پيش ڪرڻ ۽ دنيا کي مصيبتن مان ڪڍڻ جي سلسلي ۾ آمريڪا جي قيادت واري ڪردار جي ڪا ڳالهه ڪئي هئي، پوءِ آخر آمريڪا جي ماڻهن کيس ووٽ ڏيئي هڪ اهڙي شخصيت جيڪا انتهائي ڄاتل سڃاتل ۽ حڪومت جو تجربو رکندڙ ( هيلري ڪلنٽن ) جي مقابلي ۾ آمريڪي ماڻهن کيس ڪامياب ڪيو ان جو مکيه سبب آخر ڪهڙو هئو؟

ڇاڪاڻ ته ڳالهه بلڪل سادي صاف آهي ته  دنيا جي اڪيلي سپرپاور وٽ هڪ اصولي سياست هجي، جنهن ۾ غلام قومن جي آزادي، جمهوريتن جي بحالي، انصاف، سياسي ۽ معاشي ترقي جي ڳالهه  مسٽر ٽرمپ طرفان ڪيل هجي ها !. ان جي بجاءِ  ٽرمپ اليڪشن مهم دوران وڌ کان وڌ جيڪا تقرير ۽ پرچار ڪئي هئي ان ۾ بار بار سندس طرفان اها دعويٰ ڪئي پيئي ويئي ته هو مسلمان انتهاپسندن  جي  خلاف مختلف قدم کڻندو، گھٽ نه ڪندو، پابنديون هڻندو، فلاڻ ڪندو ۽ ان جي رد عمل ۾ اچي آمريڪي عوام ان پاپولر فنامنا جو شڪار ٿي پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪندي هڪ اهڙي اڳواڻ کي چونڊيو آهي جنهن وٽ عالمي سياست جو ڪو تجربو ناهي، ڪو سياسي ويزن ناهي، ڪا عالمي پاليسي حڪمت عملي، دورانديشي ۽ ڏاهپ ناهي. انهن اليڪشن جي نتيجن سبب هاڻ دنيا ۾ آمريڪا پاڻ کي ۽ سموري دنيا کي هڪ تنهائي طرف وٺي وڃي رهيو آهي.هڪ اهڙي آئسوليشن جنهن جو نتيجو سياسي عسڪري ڪشيدگي ۽ غير يقيني جي صورت ۾ نڪرندو.

انهي ساڳي عارضي يا پاپولر فنامنا تحت برطانيه جي ماڻهن وڌندڙ اسلامي انتهاپسندي ۽ عرب ملڪن مان ٿيندڙ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ رد عمل ڏيکاريندي ريفرينڊم ۾ يورپي يونين کان علحدگي جو اعلان ڪيو. جنهن جو سبب يورپ جي ذريعي برطانيه ۾ ايندڙ مسلم آباديءَ کي روڪي سگھجي، جيئن برطانيه اسلامي انتها پسنديءَ ۽ دهشتگرديءَ کان بچي سگھي. جڏهن ته برطانيه جي ماڻهن کي هاڻ اهو احساس ٿي رهيو آهي ته يورپي يونين کان علحدگي جي فيصلي، برطانيه کي تنهائي جو شڪار ڪيو آهي، ساڳي نموني، آمريڪا جا ماڻهو ايندڙ وقت ۾ پاڻ کي تنها محسوس ڪرڻ لڳندا، اڳتي هلي اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته آمريڪا اڳ جيان عالمي حوالي سان ڪو ٺوس سياسي ڪردار ادا ڪندي نظر نه ايندو.

عرب ملڪن  مصر، لبيا، شام يا وري افغانستان مان جنگين ۽ بغاوتن جي سبب جيڪا لڏپلاڻ ٿي رهي آهي، ان کي يورپي يونين جي ملڪن مان صرف جرمني وسيع نظري تحت قبول ڪري رهي آهي. باقي سڄو يورپ ان اسلامي انتهاپسندي جي ري ايڪشن ۾ اچي رهيو آهي ۽ خود يورپي يونين ان عارضي جڙندڙ پاپولر فنامنا تحت پاڻ کي ڪمزور ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته يورپ سميت دنيا جا ملڪ سياسي معاشي مفادن بجاءِ اسلامي انتها پسنديءَ جي ردعمل ۾ اچي جيڪي پاليسيون ٺاهي رهيا آهن، اهي ڪي ٺوس سياسي نظرياتي، معاشي اصولن بجاءِ هڪ عارضي رد عمل جو شڪار ٿي جيڪي سياسي فيصلا ڪري رهيا آهن. ان جي نتيجي ۾ هاڻ هر ملڪ ۽ رياست پنهنجو پاڻ کي هڪ تنگ دائري ۾ قيد ڪندي نظر پئي اچي جنهن سبب دنيا مان فڪري وسعت، بالغپڻو، باهمي مفادن جو احترام ڪمزور ٿيندو، جيڪو دنيا لاءِ ايندڙ وقت ۾ هڪ نقصانڪار پهلو ثابت ٿيندو.

(ب)  حقيقي قومي سياسي انقلابن بجاءِ عارضي بغاوتن کي هٿي ڏيڻ:

سرد جنگ جي خاتمي جي پهرين ڏاڪي ۾، جڏهن روس ٿڪجي ويهي رهيو ۽ جيڪا تبديلي هن دنيا ۾ آئي، اها سموري دنيا جي ملڪن، عوام ۽ غير فطري رياستن جي فطري جوڙجڪ جي صورت ۾ عالمي سطح تي نه آئي، پر صرف مٿين سطح يعني آمريڪا ۽ سوويت يونين جي درميان رساڪشيءَ جي خاتمي جي صورت ۾ آئي، باقي سرد جنگ واريون ننڍيون رياستون ۽ حڪومتون جيئن جو تيئن رهيون. انهن حڪومتن ۽ قيادتن ۾ ڪا به خاطر خواهه تبديلي نه آئي جيڪا سرد جنگ جي خاتمي جي صورت ۾ لازمي اچڻي هئي يا اچڻ گھرجي ها.

سويت يونين جي شڪست ۽ ٽٽڻ کانپوءِ دنيا ۾ آمريڪا جي هڪ هٽي وڃي بچي. انهي شڪست ۽ سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سرد جنگ جي ليڊرشپ ۾ تبديلي آئي، پر سرد جنگ جي خاتمي سبب قومن ۽ رياستن جي جيڪا حالت هئي اها ساڳي رهي.

سرد جنگ کان پوءِ سموري دنيا جي ملڪن ۾ جمهوريتن جي بحالي جون ڪوششون ورتيون وڃن ها، مذهبي انتهاپسندي کي روڪي، سيڪيولرزم کي هٿي ڏني وڃي ها، عرب دنيا جي آپيشاهين کي جهموري طاقتن ذريعي ختم ڪجي ها يا ٽئين دنيا جي فوجي آمريتن خلاف انقلابن کي مٿي آندو وڃي ها. ۽ گھڻ قومي رياستن اندر قيد ۽ غلام تاريخي قومن کي قومي آزاديءَ جي حق کي تسليم ڪندي سمورين قومن کي آزادي ڏياري وڃي ها جنهن سبب دنيا ۾ اڳتي هلي حقيقي قومن جي بين الاقواميت قائم ٿئي ها. ان جي ابتڙ سرد جنگ جي دوران دنيا جي ملڪن ۽ رياستن جي جيڪا ورهاست ٿيل هئي، دنيا جي ملڪن جي سياسي معاشي مفادن جي، ان پراڻي جوڙجڪ کي نئين ماحول ۽ حالتن ۾ هيٺئين سطح تائين تبديليءَ جي بجاءِ محض مٿين سطح تي تبديلي آندي ويئي هئي، جيڪا حقيقت ۾ سرد جنگ جي مڪمل خاتمي بجاءِ هڪ اڌوري اڻپوري تبديلي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ صرف هڪ قوت سويت يونين شڪست کاڌي ۽ آمريڪا دنيا جو واحد چڱو مڙس ٿيو ته ان دنيا جي اڪيلي سپر پاور دنيا ۾ عوامي انقلابن کي برپا ڪرڻ بجاءِ بغاوت کي هٿي ڏني. جيئن صدام حسين جي خلاف عوامي انقلاب جي بدران بغاوت کي هٿي ڏني وئي جنهن سبب اتي صدام حسين جي حڪومت ته وئي هلي پر ان کانپوءِ هڪ انارڪي جنم ورتو ۽ ان انارڪي مذهبي انتهاپسندي جي باهه لاءِ تيل وارو ڪم ڪيو.

عربن جون اڪثر قومون خانه بدوش ۽ بدو رهيا آهن پر جڏهن عربن وٽ تيل نڪتو ۽ انهن ترقي ڪئي ۽ عرب نوجوان جڏهن دنيا جي مهذب معاشرن ۽ ملڪن سان رابطي ۾ اچڻ لڳا، عرب ماڻهو يورپ جي ملڪن ۾ گھمڻ  لڳا ۽ اتي جي جمهوري ڪلچر کان متاثر ٿي جڏهن پنهنجي ملڪن ۾ واپس آيا ته انهن پنهنجي ملڪن جي آپيشاهين جي قوم دشمن ڪردار جو احساس ٿيو ۽ تيل جي دولت تي چند گھراڻن جي هڪ هٽي قبضي ۽ ان دولت جي عالمي ڦرلٽ جي لاءِ دلاليءَ جي ڪردار سبب عرب نوجوانن کي پنهنجي مٿان شخصي آپي شاهي مسلط ڪندڙ حڪمرانن خلاف نفرت پيدا ٿي ۽ ائين عرب آپيشاهين خلاف وسيع راءِ عامه جڙڻ لڳو. ان راءِ عامه مان فائدو وٺڻ يا اتي عوامي انقلابن کي هٿي ڏيڻ بجاءِ، فردن خلاف شروع ٿيل ننڍين بغاوتن کي عالمي قوتن طرفان پنهنجي مفادن جي مدنظر هٿي ڏني وئي. هڪ طرف بغاوتن سبب جمهوري انقلاب کي سخت نقصان رسيو ته ٻئي طرف ترقي پسند ماڻهن جو مورال پڻ گھٽجڻ لڳو، ٺوس نظرياتي بنيادن جي بجاءِ بغاوتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ سبب اتي فردن جي آپيشاهي ختم ٿي پر ان جي نتيجن ۾ اتي هڪ وڏي انارڪي جنم ورتو ۽ سڄي عرب دنيا سياسي غير يقيني ۽ سماجي انتشار گھرو ويڙهن جي تباهين جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي ۽ سمورن بغاوتن جي سبب پيدا ٿيل انارڪي مان فائدو مذهبي انتهاپسند تنظيم آءِ ايس آءِ ايس ۽ ٻين ورتو آهي. جيڪي عرب دنيا جي مڊل ڪلاس جي سياسي بيداريءَ ۽ جمهوري تبديلين ۽ انقلابن کي صديون پراڻي مذهبي فرسودگيءَ ۽ جهالت طرف ڌڪي رهيون آهن.

جيئن ته يورپ جي سموريون قومن جمهوري مرحلا طئي ڪري، هاڻ محسوس ڪيو آهي ته کين قومن جي سياسي، معاشي، معاشرتي برابريءَ جي هڪ يونين ۾ گڏ رهڻ گھرجي. اهي ارتقائي مرحلا سويت يونين ۾ موجود قومون طئي ڪري نه سگھيون هيون. لينن چيو هو ته اڃان سوويت يونين ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون قومون آهن جن جي سماجن کي اڃا جمهويت جو ڏاڪو طئي ڪرڻ ڏيو. ڇو ته لينن کي خبر هئي ته اتي اڃان سوشلزم ستڙئي ٻار وانگر هو ۽ اتي سوشل ازم سماج جي ارتقا جي نتيجي ۾ ڪو نه آيو هئو، بلڪه اها خود هڪ بغاوت هئي. ۽ اها  بغاوت زار شاهيءَ جي فوجي جنگين جي نفرت ۽ ٿڪاوٽ جي صورت ۾ هئي، لينن زار جي فوجين جي ان ٿڪاوٽ واري باغي سوچ کي وقت ۽ حالتن جي نزاڪت سان ( زمان ۽ مڪان جو فائدو حاصل ڪندي ) پنهنجي حق ۾  استعمال ڪيو پر لينن جهڙي ڏاهي کي اها پڻ ڄاڻ هئي ته سندس طرفان آندل سوشلزم ڪنهن صورت ۾ ارتقائي، نظرياتي يا پائيدار نٿو ٿي سگھي.

جيئن ايران ۾ کاٻي ڌر يا محب وطن ماڻهو هئا انهن عوامي انقلاب لاءِ هڪ وڏو ماحول ٺاهيو ۽ عوامي، سياسي، معاشي برابريءَ ۽ جمهوريت لاءِ غيرمعمولي ڪم ڪيو ۽ انهن ايراني ڊڪٽيٽر شاهه ايران خلاف مسلسل جدوجهد ڪئي، پر جڏهن خميني ايران پهتو ته سڄو انقلاب هاءِ جيڪ ٿي ويو ( جيئن لينن زمان ۽ مڪان مان فائدو حاصل ڪري سوويت بغاوت کي انقلاب ۾ تبديل ڪيو تيئن ئي خميني به زمان مڪان مان فائدو وٺندي حقيقي انقلاب کي هاءِ جيڪ ڪندي شاهه جي شخصي ڊڪٽيٽرشپ کان عوامي بيزاري ۽ نفرت کي مذهبي دقيانوسيءَ جي ڄار ۾ ايراني عوام کي ڌوڪو ڏيئي ڦاسائڻ ۾ ڪامياب ٿيو) نتيجي ۾ ايران جا ماڻهو اڄ به شاهه خلاف ان تبديليءَ  مان مطمعن نظر نٿا اچن جيڪا عوامي انقلاب کي هاءِ جيڪ ڪندي مذهبي دقيانوسي ۽ فرسودگي انقلاب جي نالي ۾ ايراني عوام مٿان مسلط ڪئي ويئي آهي.

سرد جنگ کانپوءِ به روس دنيا جي پراڻي اسٽيٽسڪو کي قائم رکڻ گھري ٿو، توڙي جو سرد جنگ کان پوءِ مٿين سطح تي تبديلي آئي، فڪري حوالي سان روس ۽ چين سرمائيداري سماج جي اڳيان سرينڊر ڪيو. روسي توڙي چيني سماج سرمائيداري طرف وڌي رهيا آهن، پر باقي دنيا جي حوالي سان جيڪڏهن حڪمت عملي ۽ پاليسي تي نظر وجھون ٿا ته جتي آمريڪا حقيقي انقلابن جي رستا روڪ ڪندي عارضي بغاوتن کي جنم ۽ هٿي ڏيئي پيو انهن جي مدد ڪري ٿو. ڪٿي ڪٿي آمريڪا جمهوريتن جي به مدد ڪندي نظر اچي پيو جيئن شام ۾ حڪومت مخالف جيڪي جمهوري ڌريون هيون انهن کي آمريڪا سپورٽ ڪري هڪ بغاوت کي جنم ڏنو ته ٻئي پاسي روس اسد جي اسٽيٽسڪو کي قائم رکڻ جو حامي آهي. اهو نه صرف شام ۾ ٿيو آهي. پر روس جتي جتي بغاوتون يا آزادي جي جدوجهدون هلن پيون اتي اتي انهن جي مدد ڪرڻ بجاءِ اسٽيٽسڪو قائم رکڻ وارن حڪمران جي مدد ڪري رهيو آهي. نتيجي ۾ آمريڪا هجي يا روس اهي ٻئي ڌريون عوامي انقلابن، آزادي جي تحريڪن، سيڪيولر ڌرين جي همٿ افزائي وارو اصولي موقف اختيار ڪرڻ  بجاءِ انهن جي مورال کي گھٽائي رهيون آهن ۽ سموري دنيا هڪ سياسي غير يقينيءَ، تنهائي ۽ انارڪي جو شڪار ٿي رهي آهي.

مٿي بيان ڪيل پاپولر فنامنا جو وڌڻ ۽ بغاوتن کي هٿي ڏيڻ کانپوءِ ان جو نتيجو ڪهڙو نڪري رهيو آهي ان تي پڻ ٿورو غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌي جي چوڻي آهي ته ”وڙهن سان، لتاڙجن ٻوڙا“، پر هتي ڪم ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، روس ۽ آمريڪا جي چپڪلش ۽ تناءَ جو فائدو آپيشاهي حڪومتون ۽ چين وٺي رهيو آهي .چين انهي موقعي جو فائدو وٺندي پهريون ڀيرو سوشلسٽ ملڪ بجاءِ هڪ اڀرندڙسامراج طور اڳتي پيو اچي. ڏکڻ چائنا سمنڊ کان وٺي گوادر تائين، هر هنڌ چين جي والارپسندي  سبب چين جي ڪردار کي منفي ڪري ڇڏيو آهي ۽ چين ايندڙ وقت جي هڪ منفي ۽ سامراجي قوت طور اڀري رهيو آهي. چين مظلوم قومن جي قومي تحريڪن، جمهوري تحريڪن، سيڪيولرزم خلاف، جنگي جارهيت ۽ ايٽمي غير ذميوار ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان ۽ اتر ڪوريه جهڙين دهشتگرد سفاڪ ۽ عالمي حوالي سان غير ذميوار رياستن جو ڀرجھلو ٿي پنهنجي منفي توسيع پسند ۽ جارهيت پسند سامراجي رياست طور دنيا جي اڳيان اڀري رهيو آهي. سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ سڄي دنيا آمريڪا جهڙي هڪ وڏي طاقت جي اڳواڻي ۾ هلي رهي هئي، پر هاڻ دنيا آمريڪا، روس ۽ چين جي ٽن طاقتن جي وچ ۾ ورهائجي وئي آهي. (يورپ جو ڪردار جيئن ته مثبت سياسي ڪردار نظر پيو اچي ان ڪري اسان يورپ کي انهن ٽن عالمي قوتن کان سواءِ هڪ مثبت قوت جو نالو ڏينداسين. جيڪو جرمنيءَ جي اڳواڻي ۾ ايندڙ وقت ۾ سياسي معاشي طرح هڪ مثبت قوت طور تي اڀري سگھي ٿو) اها حڪمت عملي روس ۽ چين جي آهي، جيڪي آمريڪا جي هڪ هٽيءَ کي چئلينج ڪرڻ نڪتا آهن، اها حڪمت عملي ڪامياب ٿيندي نظر اچي پئي ۽ دنيا ٽن حصن ۾ يا ٽن قوتن جي اثر هيٺ وڃي رهي آهي. (يورپ چوٿين پر مثبت قوت آهي ان ڪري ان جو ذڪر انهن ٽن عالمي قوتن کان مختلف آهي جيڪي منفي ڪردار ادا ڪندي نظر پيون اچن).

مٿي بيان ڪيل پاپولر فنامنا ۽ عارضي بغاوت کي هٿي ڏيڻ سبب دنيا هڪ عالمي قيادت کان محروم ٿيندي نظر اچي پئي ۽ دنيا هاڻ هڪ عالمي نقطه نظر کان پڻ محروم ٿيندي وڃي پئي. هاڻ دنيا ۾ هڪ ورلڊ آرڊر بجاءِ آمريڪا، روس ۽ چين جا الڳ الڳ ورلڊ آرڊر هڪ ئي وقت عمل ۾ ايندا پيا نظر اچن، جنهن سبب دنيا هڪ وڏي انارڪي طرف وڌي رهي آهي. ڇو ته ٽنهي عالمي قوتن جي مفادن سبب دنيا ۾ اصولي ۽ نظرياتي تبديلي بجاءِ هر ملڪ پنهنجي مفادن تحت تبديليون آڻيندو. جنهن سبب ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا جيئن باقي دنيا جي اندر جمهوري سيڪيولر ۽ سياسي تبديلين بجاءِ دنيا جون عالمي قوتون سياري جي سوڙ کي پاڻ ڏي ڇڪڻ بجاءِ پنهنجي پيرن کي ٻين جي سوڙ ۾ وجهڻ جي مداخلت ڪاراڻي پاليسي اختيار ڪندا جيڪا هڪ ڏينهن ڪنهن عالمي جنگ ۽ خطرناڪ صورتحال کي جنم ڏيئي سگھي ٿي.

هن وقت جيئن ته دنيا کي هڪ مثبت تبديلي جي ضرورت آهي، مثبت تبديلي لاءِ هڪ عالمي نقطه نظر جو هجڻ ضروري آهي ۽ ان عالمي نقطه نظر لاءِ جنهن عالمي قيادت جي ضرورت آهي اها ڏسڻ ۾ نه پئي اچي. نتيجي ۾ دنيا ٽن طاقتن جي اثر هيٺ اچڻ واري آهي ۽ ٽنهي جا مفاد الڳ الڳ آهن.

جيڪڏهن اهي پنهنجي مالياتي ناڻي ۽ سرمائيداري جي ڦهلاءُ لاءِ قومن جي آزادي وارين تحريڪن کي هٿي ڏين ٿيون، جيڪڏهن جمهوريتن لاءِ مثبت راءِ عامه جوڙين ٿيون، جيڪڏهن سيڪيولرزم لاءِ اتي ڪا تياري ڪن ٿيون ۽ قومن جي آزاديءَ جي حق کي تسليم ڪندي انهن جي آزاديءَ جي تائيد ۽ حمايت ڪن ٿيون ته اها هڪ بهترين مثبت تبديلي هوندي، (جنهن جا امڪان گھٽ ٿا نظر اچن) جيڪڏهن تاريخي قومن جي آزدي ڏي ڌيان نه ڏنو ويو، جيڪڏهن اهي ٽئي قوتون قومن کي ارتقا ڏانهن نٿيون وٺي وڃن ۽ ساڳي طرح بغاوتن کي هٿي ڏين ٿيون، آپيشاهين جي مدد ڪن ٿيون ته پوءِ هڪ زبردست قسم جي انارڪي ڦهلبي، جنهن سبب ملڪن جي وچ ۾ جنگي ماحول ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ پڻ تيزي ايندي ۽ مثبت تبديلي بجاءِ منفي تبديلي ايندي. هن وقت ڏکڻ ايشيا وچ ايشيا ۾ هڪ طرف چين روس ۽ ايران جي ويجھڙائي سياسي معاشي حوالي سان ڀارت کي  اڪيلو ڪري سگھي ٿي ته ٻئي طرف چين روس يورپ ۽ برطانيه جي سياسي معاشي مفادن واري حڪمت عملي عالمي حوالي سان آمريڪا کي اڪيلائي طرف وٺي ويندڙ نظر پئي اچي، جنهن کي اگر ڀارت ۽ آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ ۽ دانشورن ڏاهپ بردباري ۽ دور انيديشيءَ سان منهن نه ڏنو ته هڪ طرف آمريڪا ۽ ڀارت گڏيل آئسوليشن جو شڪار ٿيندا ته ٻئي طرف چين جي توسيع پسندي دنيا ۾ نين نا انصافين سياسي ڇڪتاڻ ۽ جنگي جارهيت ۽ هٿيارن جي هڪ نه کٽندڙ ڊوڙ کي جنم ڏيندي ۽ اها ڳالهه به سمجھڻ جهڙي آهي ته عالمي ۽ علائقائي قوتن جي سياسي آئسوليشن ڪنهن جنگ جو سبب پڻ بڻجي سگھي ٿي.

اسان مٿي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجي خطي ۾ ڏسنداسين ته اتي ٽئي طاقتون، چين، روس ۽ آمريڪا موجود آهن. اسان کي بحيثيت قوم جي ڪنهن به طاقت جو بي سبب ۽ پنهنجي قومي مفادن کي سمجھڻ کانسواءِ ويري يا مخالف ناهي ٿيڻو، جيئن پاپولر فنامنا جي تحت يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿي رهيو آهي، پر اسان جي مخالفت توڙي دوستي ڪن اصولن جي بنيادن تي طئي ٿيڻ گھرجي. جنهن جو بنيادي اصول قومي آزادي، بقا، سلامتي ۽ ايندڙ نسلن ۽ وطن جو تحفظ هجڻ گھرجي، اسان کي ان ڌر ڏانهن ويجهو وڃڻو پوندو، جيڪا موجوده صورتحال ۾ سنڌ جي آزادي (سياسي معاشي مالڪيءَ جي دعويٰ جي حمايتي ڌر هجي.) اسان اصولن جي بنياد تي سنڌ اندر چين جي سيپيڪ پاليسيءَ جا وڏا مخالف رهيا آهيون جيڪا پاليسي چين پنجابي فوج ۽ سامراجي مفادن سان ملي ڀڳت ڪندي مظلوم قومن جي قومي وجود جي قيمت تي اسان مٿان زوري مڙهي رهيو آهي پر جيڪڏهن چين سنڌوديش جي آزادي جي کليل مدد توڙي حمايت ڪري ٿو ته اسان چين جا حامي ٿينداسين، ڇو ته اسان جو چين سان ڪو غير اصولي اختلاف يا وير ۽ ذاتي عناد يا بغض ناهي. ساڳي طرح ڀلي کڻي روس يا آمريڪا هجي، جيڪڏهن هو اسان جي قومي مفادن جي مدنظر ۽ باهمي مفادن جي گڏيل سوچ تحت حمايت ڪن ٿا  ته انهن جا پڻ حامي ٿينداسين.

اسانجي خطي ۾ پنجابي قوم هڪ فاشزم طور اڀري آئي آهي، جيڪي به عالمي طاقتون پنجاب جون حامي ٿينديون اهي لازمي طور، سنڌي، بلوچ، پشتون، پاڪستان ۾ قيد ڪشميرين، وزيرستانين جي حق ۾ ٿي ئي نٿي سگھي ۽ موجوده وقت ۾ چين جو ڪردار منفي، سامراجي ۽ مظلوم قومن جي حقن خلاف آهي. چين جو ڪردار سنڌي، بلوچ ۽ پشتون قومن جي تاريخي حقن ۽ گھرجن ۽ مفادن جي بلڪل ابتڙ آهي.

عالمي قوتون ڏسن ٿيون ته ڪهڙيون قومون آهن، جيڪي باشعور باهمٿ قوم بڻجي پنهنجي آزاديءَ، حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن، ڪهڙيون قومون پنهنجي وجود جي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ متحد ۽ منظم ٿي سياسي جدوجهد ۽ قومي مزاحمت لاءِ تيار آهن ۽ پنهنجي دعوا تي ڪيترو پختگيءَ ۽ چٽائيءَ سان بيٺل آهن. ۽ تڏهن دنيا اهڙين باشعور باهمٿ ۽ سنجيده قومن ڏانهن پنهنجو توجهه ڪندي.

جيڪڏهن ڪا قوم غلام هجي ۽ پنهنجي قومي آزاديءَ لاءِ پوءِ به جدوجهد کان ڪن لاٽار ڪندي هجي ۽ آواز بلند نه ڪري، وسيلا ڦرجي وڃن تڏهن به ڪا هلچل پيدا نه ٿئي، زمينون کسيون وڃن، ٻيلا وڍجي وڃن تڏهن به سبحان الله چئي راضي رهجي. ٿر جو ڪوئلو ڦرجي ۽ سمنڊ کسيو وڃي تڏهن به قوم لاچاري ۽ مسڪيني واري حالت ۾ ويٺي هجي. اهڙي بي حس بي پهچ موڳي ۽ چٻ قوم جي مدد، حمايت ۽ ساٿ ڏيڻ لاءِ ڀلا  دنيا جي ڪا به قوم ڇو اڳتي ايندي اهڙي لاچار، ذهني طرح معذور ۽ غيرسنجيده حوالن تي گذر ڪندڙ قوم جي مدد دنيا جي ڪا به عالمي قوت ڪڏهن به نه ڪندي.  جيڪا قوم پنهنجي همٿ مڙسيءَ  کي پٺي ڏيئي ۽ پنهنجي مدد پاڻ واري جذبي کي وساري ٿي ويهي.

ان ڪري اڄ جي حالتن ۾ اهو انتهائي لازمي ۽ ضروري آهي ته سنڌي قوم کي گھرجي ته پنجاب کي ڳچيءَ مان وٺي دنيا کي ٻڌائي ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي. اسان پنجاب کي نه سنڌ جا وسيلا ڏينداسين، نه زمين ڏينداسين، نه ڪوئلو ڏينداسين، نه تيل ڏينداسين، نه گيس ڏينداسين ۽ نه ئي اوهان پنجابين جي ناپاڪ قدمن کي سنڌ ماءُ جي سيني تي برداشت ڪنداسين. جڏهن اسان قوم ٿي متحد ٿينداسين ته، نه صرف پنجاب جي آرمي، آءِ ايس آءِ، بيوروڪريسي پر پنجاب جا دلال سنڌي ڀوتارن وڏيرن کي پڻ رستن تي گھلي گهلي سنڌ سان ڪيل سندن غدارين، بدمعاشين ۽ ويساهه گھاتين جو حساب ڪتاب وٺندا سين.

سياست جي سائنس مطابق قومي تحريڪون رياست جو متبادل هونديون آهن. جيڪي شيون ادارا رياست وٽ هوندا آهن اهي ئي ادارا لازمي طرح قومي تحريڪون پڻ جوڙينديون آهن. قومي تحريڪن وٽ سرفروش به هوندا آهن ته  سياسي جدوجهد ڪرڻ لاءِ عوامي سگھ ۽ ساٿ به لازمي هجڻ گھرجي. ان سان گڏ قومي تحريڪون ماليات، ڏنڊي بانٺي کي به مضبوط ڪنديون آهن ۽ پنهنجي سفارتڪاري کي پڻ مضبوط ڪنديون آهن ۽ پنهنجي عقل جي توازن کي پنهنجي حق ۾ ڪنديون آهن.نه صرف پنهنجي قوم جي اندر مضبوط سياسي نظرياتي تنظيم کي سگھارو ڪيو ويندو آهي پر عالمي حوالي سان پنهنجا اتحادي ۽ دوست پڻ پيدا ڪيا ويندا آهن. اها قومي تحريڪن جي قيادت جي ڏاهپ، بصيرت ۽ سنجيدگي هوندي آهي ته اهي هر محاذ تي دشمن کي شڪست ڏيڻ جي اهليت ڏانءَ ۽ حڪمت عملي جوڙي جزوي محاذن بجاءِ وڏي ويڙهاند ۾ دشمن جي شڪست کي يقيني بڻائيندا آهن پنهنجي قوم اندر قومي جذبي ۽ قربانيءَ جو سلسلو قائم ڪندي آزاديءَ جي قافلي کي رت جو ريج ڏيئي تاريخ جي تمام وڏي فتح قومي آزاديءَ لاءِ قوم کي تيار و بيدار ڪري قومي جدوجهد ۾ سموري قوم کي شامل ڪندي وڏي فتح جو سبب بڻجندا آهن.

اسان کي دنيا جي اندر ڊپلوميٽڪ فرنٽ تي جدوجهد ڪرڻي آهي. سڄي دنيا کي ٻڌائڻو پوندو ته سنڌي قوم آهيون، آزدي اسان جو حق آهي ۽ ڪيترن ئي صدين کان اسان سنڌي هڪ آزاد سيڪيولر انسان دوست قوم ۽ وطن  جي حيثيت ۾ آزاد رهيا آهيون. جيڪا هزارين سالن کان پنهنجو قومي وجود رکي ٿي جنهن سنڌي قوم کي. 1843ع ۾ چارلس نيپئر ڌوڪي فريب ۽ مڪاريءَ سان غلام ڪيو، اسان 1843ع واري آزاد سنڌ کي بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. اها آزاد سنڌ جنهن جا هجرت ڪري ويل سڀ ديس واسي واپس اچي پنهنجي قوم ۽ وطن جي ترقي تعمير ۾ پنهنجو ٻيهر ڪردار ادا ڪن. ان جي لاءِ اها ميچوئرٽي پيدا ڪرڻي آهي ۽ ميچوئر قومي تحريڪ اهو سڄو سنڌ ڪيس عالمي طور تي رکندي، سنڌ جي اندر مضبوط قومي تحريڪ جو هجڻ پڻ ضروري آهي، صرف ڊپلوميسي ئي هجڻ ڪافي ناهي. ان کانسواءِ سنڌ جي اندر جدوجهد ۽ قرباني کي روان دوان رکڻ کانپوءِ اسان هڪ قوم طور سڄي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب وينداسين. سنڌ جي نوجوانن کي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر تي ثابت قدم بيهندي پنهنجي قربانين جا نوان مثال قائم ڪندي تاريخ جي فرض سان نڀائڻو پوندو جيستائين سنڌي قوم جو اجتماعي شعور سگھ ۽ جدوجهد ڀڙڪو کائي تاريخ جا سڀ فرض ۽ ذميواريون پاڻ نڀائڻ لاءِ ستل شينهن وانگر اٿي بيهي، ان وقت تائين سنڌ جي حلالي پٽن کي پنهنجي سرن سان ڪفن ٻڌي پنهنجون حياتيون سنڌ امڙ جي مٿان گھورڻ وارو لافاني ڪردار ادا ڪندو رهڻ تاريخ جي اهم ترين ضرورت ۽ بنيادي فرض بڻجي چڪو آهي.

60 سالن جي تحريڪ کانپوءِ جسمم جا 36 نوجوان شهيد ٿيا آهن. جيڪڏهن ڪير هوٽل تي وڃي چانهه جو هڪ ڪوپ پيئي ٿو ته ان جي به ڪا قيمت مقرر ٿيل آهي، اهڙي طريقي سان وطن جي آزادي جي به تاريخ طرفان قيمت مقرر ٿيل آهي. جيتري ڪنهن قوم جي ڪا سياسي دعويٰ هوندي آهي، جيترو ڪنهن قوم جو مفاد هوندوآهي، اوتري وڏي قرباني ۽ قيمت ان  قوم کي تاريخ جي اڳيان ڏيڻي پوندي آهي اهو تاريخ جو اصول آهي، بنا قرباني، شهادتن، مرڻ، رت وهائڻ ۽ تڪليفن جي دنيا ۾ ڪنهن به قوم آزادي ناهي حاصل ڪئي ۽ نه ئي اسان سنڌي قربانيءَ کانسواءِ پنهنجي ماءَ سنڌ امڙ کي آزاد ڪرائي سگھنداسين. اها دنيا کي به خبر آهي ۽ انقلابي اصول پڻ اسان کي اهو ٻڌائين ٿا ۽ اسين به ائين ئي ٿا سمجهون. تڏهن جسمم انهي رستي تي هلي رهي آهي جتي فرد جي زندگي کان وڌيڪ قوم جي بقاءَ کي اهميت حاصل آهي. اسان اڄ کي سڀاڻ لاءِ قربان ڪرڻ نڪتا آهيون. اسان جو شخصي وجود ۽ حياتي قوم ۽ وطن جي اجتماعي مفادن لاءِ قربان ڪرڻ آهي اها ئي جسمم جي نرالپ ۽ سڃاڻپ آهي.

 

Print Friendly