مضمون

سي پيڪ، سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو: سجاد شر

چين جنهن وٽ زمين جي 9.6 ملين اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي هجي. جيڪا زمين جي گولي تي ايراضيءِ جي لحاظ کان ٻيو نمبر هجي. جنهن وٽ دنيا جي انسانن جو ساڍا ست ارب آباديءِ مان 1 ارب 33 ڪروڙ انسانن سان پهريون نمبر هجي. ان اجگر ديس وٽ امپورٽ، ايڪسپورٽ ۽ ايڪانامي سميت سڀني ڀلين ڳالهين ۾ پهريون نمبر ولاريل هجڻ کان تعجب جي ڳالهه ناهي.

چين جنهن جي دنيا جي 14 ملڪن ويٽنام، لائوس، برما، انڊيا، ڀوٽان، نيپال، افغانستان، پاڪستان، تاجڪستان، ڪرغستان، ڪازڪستان، روس، منگوليا ۽ اتر ڪوريا سان سرحد ملندڙ هجي ۽ سندس سامونڊي سرحد ويٽنام ڏکڻ ڪوريا جاپان ۽ فلپائين سان ملندي هجي. واضع رهي ته روس جون پڻ 14 ملڪن سان سرحدون ملنديون آهن. پر روس فوجي ۽ معاشي لحاظ کان چين کان گھڻو پوئتي رهجي ويو آهي.

چين توڙي جو مائو نواز ۽ ڪميونسٽن لاءِ سرهائي جو سبب هجي پر ان پنهنجي هر عمل سان پاڻ کي سامراج ثابت ڪيو آهي. سائوٿ چائنا سي يا اتي ٻيٽن جي معاملي تي سندس ويٽنام، فلپائين، بيرونائي، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ تائيوان سان سندس مستقل اڻ بڻت کي کيس بدمست هاٿي جي مانند ڪري بيهاريو آهي.

ان کان علاوه چين پاران پاڪستان جي پٺڀرائي جيڪا نه صرف ان ملڪ جي جبري الحاق ۽ قيدخاني ۾ آباد سنڌي، بلوچ ۽ پختون قومن لاءِ مصيبت جو باعث بڻيل آهي، پر هاڻي ان خطي جي ٻين ملڪن ڀارت، افغانستان ۽ ايران سان به سندس پسنديده مشغلو دهشتگردي دهشتگردي راند شروع ڪئي آهي. ان کان علاوه گڏيل قومن جي اداري ۾ حافظ سعيد ۽ مولانا مسعود اظهر خلاف پيش ٿيندڙ قراردادن کي ويٽو ڪرڻ جو پاپ به چين جي هٿان سرزد ٿيو آهي.

باوجود ان جي جنهن ملڪ وٽ سڀ کان وڏو سامونڊي بيلٽ هجي، ان کي آڪٽوپس جيان پنهنجي مارڪيٽ جي وڌاءُ ۽ پنهنجي روزاني جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ واسطي هڪ روٽ يا رستو گھربل هو. 1979ع جنهن ۾ دنيا جي اٺين عجوبي طور مشهور شاهراهه ريشم تي به سندس اک تڏهن کان پيل هئي. جنهن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ نرتڪي سمجهي پاڪستان جا نخرا هن سدائين پي برداشت ڪيا. ان جي سڄي قيمت وصول ڪرڻ واسطي 2013ع ڌاري چين پاڪ اقتصادي راهداري يا سيپيڪ منصوبي جو سنگِ بنياد رکيو ويو. جنهن جي لاڳت شروع ۾ 46 بلين ڊالر هئي، پر هاڻ اها 55 بلين ڊالر تائين پهچي چڪي آهي. انهي ايتري ڪثيرالتعداد رقم مان اهم خرچ هن ريت ڪاڇيا ويا آهن.

توانائي جي شعبي ۾ 33 بلين ڊالر

انفراسٽڪچر ۽ روڊ رستا 10.63 بلين ڊالر

گوادر ۾ ايئر پورٽ 230 ملين ڊالر

انهي اقتصادي راهداري لاءِ ٽي روٽ تجويز ڪيا ويا.

ويسٽرن روٽ: ويسٽرن روٽ گوادر، تربت، بسما، سوراب، قلات، ڪوئيٽا، زوب، ٽانڪ، ڪوهاٽ، نوشهره، سوابي، بونير، شانگلا، گلگت کان ٿيندو ڪاشگر وٽ ختم ٿئي ٿو. هي روٽ واضع رهي ته عمران خان يا خيبر پختون خواهه حڪومت جو پڻ آئيڊيل روٽ آهي.

ايسٽرن روٽ: ايسٽرن روٽ جيڪو گوادر، تربت، بسما، خصدار کان ٿيندو سنڌ ۾ سکر کان پوءِ پنجاب ۾ رحيم يار خان، ملتان، فيصل آباد، مانسهره، گلگت ذريعي ڪاشگر ۾ داخل ٿيندو.

سينٽرل روٽ: هي روٽ گوادر، تربت، خضدار کان پوءِ رتيديري کي ٽچ ڪندي، راجن پور، مظفرڳڙهه، ڊي آءِ خان، ميانوالي، پنڊي، مانسهره، کان ٿيندو ڪاشگر پهچندو.

هنن ٽئي روٽن ۾ ڪاشگر شروعات ۽ گوادر پڄاڻي آهي. جڏهن ته ڪهڙو رستو فائنل هوندو اهو اڃان تائين به واضع ناهي. توڙي جو نومبر 12 تي قافلو ويسٽرن روٽ تان آيو ۽ سمنڊ ذريعي سامان اڳتي به ويو پر مستقل روٽ هر حال ۾ اهو ئي ٿيندو جنهن ۾ گھڻو حصو پنجاب مان گذري. ڇو ته ٽول ٽيڪس، پنڪچر جي دڪان کان هوٽل ننڍين ڊسپسرين ۽ ٻين ضرورتن واسطي گھربل جاين لاءِ جڳهون، ڪرايو، ماڻهو وغيره سڀ پنجاب جي حصي ۾ ويندا.انڪري ملڪ جي مالڪن جي هر حال ۾ ڪوشش اها هوندي ته اقتصادي راهداري وارو لنگهه سندن سڄي پنجاب نه ته به اڪثريتي ۽ ڳتيل آبادين وارن ضلعن مان ضرور گذري.

چين جي ضرورت

جيئن چين 1970 کان پوءِ اقتصاديات طرف ڌيان ڏنو ته هڪ طرف ان جي نظر پهرين شاهراهه ريشم جي نئين سر بحالي يا ٺاهڻ هو جيڪو 1979ع ۾ دنيا جو اٺين عجوبي طور بلند و بالا پهاڙن جي نشيمن ۽ فراز ۾ ٺهي راس ٿيو. هي اهو ئي سال آهي جڏهن روس پهريون ڀيرو افغانستان تي چڙهائي ڪئي. جنهن جو به دنگ گوادر تي ٿيڻو هو. اهو هڪ وڏو بحث آهي ته اياز هنن ڪميونسٽن کي ڊينڊڙا ۽ ٽنڊڻ چيو ان جو سبب به اهو ٿي سگھي ٿو ته اهي سرخا به بلوچ قومي سوال تي ته چٽا هئا پر سنڌين لاءِ سندن سردمهري ۽ پاڪستان جي فريم ورڪ وارو موقف هو. شايد ان جو سبب به گوادر هو. اها ڳالهه آمريڪا کي پسند ڪا نه آئي ۽ سپرپاور روس تنهن دور ۾ ويچارگي ۽ 80 بلين ڊالر جي خرچ ۽ سوين جنگي جهازن ۽ توپن جي تباهي ۽ فوجين جي لاشن بعد به اڌورو خواب کڻي واپس وريو. رهندو وڌاءُ ۽ اقتصاديات جي مضبوطي لاءِ ڪوشان پنهنجو ملڪ ئي ڀڃي پور ڪري ويٺو.

اقتصادي راهداري جي روٽ جي ضرورت چين کي ان ڪري به آهي جو ان جي ٺهڻ سان سندس جنگي مفاد پڻ ڪارفرما آهن. مثال طور چين هن وقت دنيا ۾ تيل ۽ گيس گهرائيندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي آهي. هن جي روزاني تيل جي کپت 60 لک بيرل آهي (جڏهن ته پوري يورپ ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪ 40 لک بيرل تي گذارو ڪن ٿا). جيڪو تيل سعودي، عراق ۽ ايران کان گلف اسٽيٽ آف هارموز (سمنڊ اندر هڪ اهڙي چيوٽ يا سوڙهي لنگهه جتان دنيا جا وڌ ۾ وڌ تيل کڻندڙ جهاز گذرندا آهن)، سنڌي يا عربي سمنڊ مان ٿيندو، هندي سمنڊ پوءِ اسٽيٽ آف ملاڪا (هي به مليشيا ۽ انڊونيشا جي وچ ۾ هڪ سوڙهو سامونڊي لنگهه آهي)، پوءِ سائوٿ چائنا سي ذريعي هانگ ڪانگ، شهنگائي ۽ بيجنگ پهچي ٿو. مطلب ته اهي 60 لک بيرل لڳ ڀڳ 12 هزار ڪلوميٽر طئي ڪري اتي پهچن ٿا. جيڪو رستو هن روٽ گوادر ڪاشگر ذريعي صرف 3 هزار ڪلوميٽر هوندو. جنهن مان چين کي ساليانو 20 ارب ڊالر صرف تيل جي مد ۾ بچت ٿيندي. ان کان علاهه چين جي وڌندڙ جنگي جنون سبب سائوٿ چائنا سي ۾ مخلتف ٻيٽن تي هن جا ويٽنام، فلپائين، برونائي، مليشيا ۽ انڊونيشيا سان تڪرار هلندڙ آهن. ڪنهن به جنگي حالتن ۾ اهو روٽ متاثر ٿي سگھي ٿو يا ڪنهن رنڊڪ جي ڪري تيل جي سپلاءِ رڪجي سگھي ٿي. سندس تيل جي سپلائي رڪجڻ ڪري اندازو ڪري سگھجي ٿو ته سندس موٽر ڪار کان ويندي جهاز انڊسٽري سميت توانائي جا سڀ ذريعا ٺپ ٿي سگھن ٿا.

ٻيو سبب چين اهو به آهي ته چين جي 94 سيڪڙو آبادي جو دٻاءُ اڀرندي پاسي آهي، جهڙوڪ شنگهائي، بيجنگ وغيره ڳتيل آبادي واري شهر ٿي ويا آهن. هاڻ اتي حالت اتي پهتي آهي ماڻهو 20 ميٽر جا فليٽ وٺي رهن پيا. جنهن جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي. جڏهن ته سندس الهندي پاسي Undiscovered ۽ Undeveloped چين جو 56سيڪڙو علائقو ائين پيل آهي جتي ڪُل 6 سيڪڙو آبادي رهي ٿي. ان کان علاوه هن ڪاشگر واري روڊ ٺهڻ سان آمدني ۽ روانگي جي ذريعي 80 هزار ٽرڪ هن روٽ ذريعي گذرندا. جڏهن ته سندس 4 هزار بحري جهاز سندس سامان يورپ، سينٽرل ايشيا، مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا ڏانهن کڻي ويندا. ان کان علاوه گوادر پورٽ جتي ٺهيل آهي ان سمنڊ کي گرم پاڻي ان جي ڪري چيو وڃي ٿو جو پيسفڪ انٽارڪٽيڪ  وارا سمنڊ ٿڌ ۾ ڄمي ويندا آهن. جنهن ڪري اتان گذرندڙ جهازن کي وقت لڳيو وڃي ۽ پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي نه پهچڻ ڪري انهن شين جي هڪ ته اهميت گھٽجي وڃي ٿي ٻيو ته مارڪيٽ به متاثر ٿئي ٿي. جڏهن ته هي پاڻي ٻارهو ئي روان دوان هجي ٿو، هتي برف ڪو نه ڄمي، ان ڪري هن گرم پاڻي جي اهميت وڌيڪ آهي.

ٽيون سبب چين کي هن خطي ۾ حقيقي چيلنج آهي ته اهو هندوستان کان آهي. جنهنڪري اهو گوادر تي پنهنجي اجاراداري قائم ڪري ان کي به مسلسل بليڪ ميل ڪري سگھي ٿو. ڇو ته انڊيا به ٻي دنيا جيان وڌ ۾ وڌ تيل سعودي، ايران ۽ عراق کان وٺي ٿو، جنهن جو گذر به اسٽيٽ آف هارموز ۽ سنڌي سمنڊ مان ٿئي ٿو. جنهن ڪري ايندڙ وقت ۾ گوادر تي سندس قبضو چين وٽ ايٽم ۽ هائيڊروجن بم کان وڏي هٿيار طور ڪتب ايندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو هن وقت ئي سندس نيوي جا آبدوز گوادر پورٽ واري علائقي ۾ پهتل آهن. جيئن گذريل سال 2016ع ۾ کيس 2040ع تائين شروعاتي گوادر پورٽ جو قبضو مليو آهي ائين هن جوڳا فوجي اپاءُ وٺڻ شروع ڪيا آهن.

پاڪستان لاءِ گيم چينجر

سنڌي جي پهاڪي جيان چري ڀونڊي ۾ خوش سو هن ملڪ جي مالڪن جو ماضي به ڏاڍو شاندار رهيو آهي. پئسه ملن ته آمريڪي اٽارني جنرل بقول جيڪي هن ايمل ڪانسي ڪيس ۾ لفظ چيا هئا ته هي پاڪستاني ماءُ ڀيڻ جو سودو به ڪري وٺن، فلسطينين کي ڪچلڻ لاءِ برگيڊ موڪلين ۽ ڪعبو جتي مک مارڻ به حرام هجي اتي هي راڻي رنجيت سنگھ جي پيداوار سوين بيگناهن کي رتوڇاڻ ڪري گولين سان ڪعبي کي به زخمي ڪري وجهن.!!!

حاصل مطلب جنهن جي ملڪ مٿان لڳ ڀڳ38 بلين ڊالر قرض هجي جي ان کي هن روٽ عيوض 45 بلين ڊالر ملن ته سندس 10 ئي آڱريون گيهه ۾، مٿان وري سول وار ڪري ۽ آزادي پسندن جي ويڙهاند ڪري هٿن مان ويندڙ بلوچستان ڪجهه عرصو وڌيڪ قبضي هيٺ هجڻ جا امڪان هجن پوءِ هي همراهه وانگ ووئي يعني پاڪ چين دوستي مائين مردين نه ڳائين ته ٻيو ڇا ڪن!!. هاڻي ته هڪ وک اڳتي وڌائيندي 12 نومبر تي گوادر واري تقريب ۾ ني هائو تي آرمي ۽ سول قيادت گڏجي جهمريون هنيون هيون.

انهن مجوزه 55 بلين ڊالر مان ڪرپشن ڪرڻ لاءِ نت نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن. پراڻن روڊن تي ڏامر هاري، پيسئا وصول ڪيا پيا وڃن. نواز شريف جنهن وٽ ترقي جي معني ۽ مطلب صرف موٽروي هجي ٿو اهو به افتتاحن ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. آرمي هن ڪم واسطي هڪ الڳ برگيڊ مختص ڪئي آهي ان ۾ 15 هزار فوجين جنهن جي سربراهي ميجر جنرل جي سطح جو آفيسر ڪري پيو اهي هن روٽ جي حوالي سان ڪم سان لڳائي ڇڏيا آهن. هوئنن به پاڪستان آرمي جيڪا Professional گھٽ ۽ Vocational وڌيڪ هجي، جن وٽ واشنگ مشين کان ويندي گاهه کي ڪُتر ڪرڻ جي مشينن جون فيڪٽريون هجن، جن وٽ ٻارن جي کير ٺاهڻ کان وٺي سرمايو محفوظ ڪرڻ لاءِ عسڪري بينڪون هجن، جنهن وٽ انشورنس کان وٺي روڊ ٺاهڻ لاءِ ايف ڊبليو او جهڙا ادارا هجن، جن وٽ پيسئا ڦينڪ تماشا ديک وارو ڪم هجي، پيسه ملن ته مجاهد ٺاهين، پيسا ملن ته مجاهد مُلن کي ٿوڪ جي حساب سان تارازي ۾ رکي ڪلي ۽ پاءُ جي وزن سان وڪڻن. جيڪي ڳالهين ۾ شاهين هجن پر ڪم مهل سرڻ ونگر پنهنجي خوراڪ واسطي وقت صرف ڪندڙ هجن. اهي جن وٽ امداد کائڻ، ڪوڙ هڻي دونمبري جو وسيع تجربو هجي. پر جڏهن آمريڪي امداد به آڊٽ سان مشروط ٿئي، ڪيري لوگر بل لاڳو هجي پوءِ مٽي ته ڪونه کائيندا جي مصداق اقتصادي راهداري ته سندن پسنديده ۽ گيم چينجر ڇو نه هوندو؟

جڏهن ته هڪ ٻي خام خيالي سندن اها به آهي ته 2015ع کان 2030ع تائين هن روٽ جي بحالي سان 7 لک نوڪريون پيدا ٿينديون جيڪي به يقينن سندن پٽي ڀائين ۽ مٽن مائٽن جي ڪم ۾ اينديون.پر اصل حقيقت ان جي ابتڙ آهي هن اقتصادي راهداري لنگهه ڪري ايندڙ پيسن تي ڊگ ڊگين بنا نچندڙ اهو ڇو ٿا وسارين ته ته پيسا سي به ڳري وياج تي(هي وياج ورلڊ بينڪ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جي بنسبت ٻيڻ تي مهانگو هوندو) مٿان اتي هلندڙن سڀني پراجيڪٽن جا ٺيڪا به چيني ڪمپنين کي اتي انجنيئر کان ويندي ڪنسلٽنٽ تائين چيني هجن مشينري به چين مان ايندي هجي ان جو آپريٽر به چين مان ايندو ته پوءِ پاچي ۾ هنن کي ڌوڙ ۽ ڇائي ئي ملندي..!!!

انڊيا جا اعتراض

هندوستان نه صرف اقتصادي راهداري جي افتتاح کان فورن پوءِ دهلي ۾ چيني سفير کي نه صرف  گهرائي احتجاجي يادشت نامو پڪڙايو، پر مودي ۽ زي پيانگ جي ملاقات ۾ پڻ هي موضوع بحث هيٺ آيو. جڏهن 17 ڀيرا وزات خارجه پاران سيپيڪ تي اعتراض واريا ويا آهن. جڏهن ان بعد برصغير جي ٻين ملڪن سان اوپن ڊپلوميسي هيٺ پاڪستان خلاف حقيقتن جي آڌار ماحول پڻ تيار ڪيو ويو آهي ان کان علاوه مسلسل بارڊر تي ڪشيدگيءِ کان ويندي خطي ۾ موجود ملڪن طرفان هندوستان جي موقف جي حمايت ڪندي سارڪ ڪانفرنس ۾ بنگلاديش نيپال ڀوٽان افغانستان طرفان شريڪ نه ٿيڻ ان اسلام آباد ۾ رٿيل ڪانفرنس جو ملتوي ٿيڻ وري مٿان هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي آئينو ڏيکاري اڪيلو ڪرڻ  اتي هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پاڪستان تي دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ واري موقف تي موجود ملڪن کي سهمت ڪرڻ وارا عمل پڻ ان جي ڪڙي آهن جڏهن ته اقتصادي راهداري روٽ تي هندوستان جو موقف آهي ته اهو روٽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير (پاڪستان جي قبضي هيٺ آيل ڪشمير) مان گذري ٿو. جيڪو گڏيل قومن طرفان تڪراري علائقو قرار ڏنل آهي. ان ڪري ان پاسي کان ملڪي سرحدن تعين به ٿيل ناهي. ان کي ڪنٽرول لائين، جيڪو جتي ويٺو آهي اهو ان جي قبضي ۾ آيل سڏبو آهي. اهڙي تڪراري علائقي ۾ ڪنهن ٻي ملڪ سو به دنيا جي سامراج طور نمودار ٿيندڙ چين جي ڀائيواري ۽ ان جي اهم اقتصادي روٽ ٺاهڻ هڪ خطري جي گھنٽي ئي ناهي پر مستقل ۾ پنهنجي ڌرتي تان مڪمل هٿ کڻڻ وارو عمل آهي.

جنهن ڪري هندوستان ان تي سخت اسٽينڊ وٺيو ويٺو آهي. ان کان علاوه ٻيو اهم سبب سندس کپت واسطي گھرايل تيل پڻ گوادر جي ويجهو اسٽيٽ آف هرموز وٽان گذري ٿو. يقيني طور تي جڏهن ان جو پاڪستان ۽ چين سان سرحدي تڪرار هجي ۽ انهن سان زميني ۽ فضائي جنگيون به ٿيل هجن ان وقت ڪنهن ايندڙ وقت جي ممڪن ارهه زورائي جي نتيجي ۾ هندوستان جي سپلائي متاثر ئي نه پر مڪمل ڪٽجي سگھي ٿي. جنهن ڪري ان کي فوجي ۽ اقتصادي تحفظات آهن.

ان کان علاه گوادر کان 72 ڪلوميٽر مفاصلي تي ايران جي چاهه بهار پورٽ ٺاهڻ واسطي 20 بلين ڊالر جي سرمائيڪاري پڻ ٿيل آهي. جيڪا پڻ هن خطي ۾ اڀرندڙ نئين واڻئي چين جي سامراجيت سبب ٻڏڻ جو خطرو آهي. ايترو ئي نه پر افغانستان ۾ سندس پاران ڪيل 300 ملين ڊالر جي انويسٽ پڻ ان تناظر ۾ ٿيل آهي جيڪا پڻ متاثر ٿيندي. ان ڪري هندوستان سفاتڪاري واري هر فورم تي سيپيڪ اعتراض واريندي رهي ٿو.

سنڌي قوم پرست 

جيئن ماضي ۾ 1954 کان اڳ ۽ پوءِ آيل سنڌين ۾ تفريق آهي، ائين هاڻي قومي اشوز تي سنڌي قوم پرستن ۾ به ڇنڊڇاڻ ڪري طويل لسٽ کي شارٽ ڪجي. مثال طور جن لاءِ جهرڪن جي پُل ۽ اتي ڪو منصوبو حرام هجي. پر اقتصادي راهداري کي پيءَ جو ڪاڄ سمجهي واکاڻ ڪندا هجن، اهي قوم پرست نه پر پيٽ پرست آهن. اصل ۾ پاڪستان آرمي جي دهل تي نچندڙ دوسو آهن ۽ دهل جي ٿاپ تي نوان رنگ ڏيکارين ٿا. ڪو ان ۾ حصو ٿو گھري ته ڪو ان ۾ چيني ٻوليءِ جي اسڪولن جا مطالبا ٿو ڪري. هاءِ هاءِ سنڌ تنهنجو نصيب!!!

حالت ناهي ته ٻيو ڇا آهي اشرف نوناري، قادر مگسي، جلال شاهه، پليجو اسڪوائر(ننڍو ۽ وڏو) يا وري جيئي سنڌ ۽ سيد جو نعرو هڻندڙ ۽ جهنڊو کڻي يزيد جي پرچار ڪندڙ به ان منصوبي جا حامي آهن. بس مخالف آهي ته صرف جسمم، جنهن جو سرواڻ شفيع برفت حسين ابن علي جيان لاش ڍوئي ڍوئي ٿڪو ناهي ۽ اڳ کان اڳرو آهي.

سنڌ جا اين جي او بيسڊ دانشور

اسان جي سنڌ به غلامي سان گڏ ان جي غلاظتن سان مالا مال آهي. اسان وٽ هڪ ته اهڙو به لڏو آهي جن کي سچل، اياز ۽ لطيف ٿورو گھڻو ياد آهي. ڪجهه مئل انگريزن جا ڪتاب به پڙهيل اٿن. اڄ ڪلهه اين جي او جي بهتي گنگا مان نه صرف هٿ پيا ٻوڙين، پر سنڌ جي وڏي اخبار جهڙوڪ ڪاوش ۾ سيپيڪ جي حق ۾ ٺوٺ جهڙا آرٽيڪل لکي ان جي حمايت ڪن ٿا. انهن ۾ نصير ميمڻ ۽ محسن ٻٻر سرفهرست آهن. (هڪ سبب اهو به ته نام نهاد قومپرست وڏي سرڪار کان ننڍي ملهه تڪڙا قائل انهن جي آرٽيڪل پڙهڻ بعد به ٿيا آهن).

انهن وٽ هڪ چارٽ آهي ته سيپيڪ منصوبي ۾ اسان سنڌين جا گھڻا منصوبا شامل آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ نڪرندڙ گيس پائيپن ذريعي پنجاب وڃي ۽ اسين قطر کان مهانگي گھرايل ۽ استعمال ۾ ٿرڊ ڪلاس LNG استعمال ڪيون ٿا. پر هو اها شئي مينشن ڪرڻ کان قاصر آهن. بقول اين جي او بيسڊ سنڌي دانشورن جي سنڌ کي هن منصوبي مان هيٺيان پروجيڪٽ ملندا.

  1. ڪراچي کان لاهور موٽروي.
  2. پورٽ قاسم پراجيڪٽ (جيڪو حقيقت ۾ پاور پلانٽ آهي).
  3. ٿر پروجيڪٽ جو 1 ۽ 2 ڪول مائين
  4. اينگرو ڪول پاور پلانٽ
  5. ونڊ پاور انرجي پلانٽ
  6. مٽياري فيصل آباد هاءِ ٽرانسميشن
  7. مٽياري لاهور هاءِ پاور ٽرانسميشن
  8. گوادر نوابشاهه گيس پائيپ لائين (جيڪا LNG پائيپ لائين هوندي)
  9. ڪراچي لاهور LNG پائيپ لائين

جڏهن ته اصل حقيقت اها آهي ته 330 پراجيڪٽ جيڪي سيپيڪ جي پيسئن مان تجويز ڪيا ويا آهن انهن ۾ وڌيڪ ترقيءِ ۽ خرچ وارا 176 پراجيڪٽ پنجاب ۾ آهن. جڏهن ته نالي ماتر ۽ انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 103 آهن. صرف 8 بلوچستان جڏهن ته 19 خيبرپختون خواهه هلندڙ آهن يا شروع ڪيا ويا آهن.

اها به ڪيتري ستم ظريفي آهي ته پنجاب جنهن وٽ 23 سيڪڙو زميني حصو هجي، ان وٽ 53 سيڪڙو حصو پراجيڪٽ اچن 55 بلين ڊالر مان. سيپيڪ مان صوبن لاءِ مختص ڪيل رقم جهڙوڪ پنجاب کي 35 بلين ڊالر، سنڌ کي 11.5 بلين ڊالر، سنڌ ۾ انفراسٽڪچر بجاءِ اڪثر منصوبه بجلي جا آهن جيڪا بجلي ٺهڻ بعد نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ ويندي ۽ اسان وٽ ڇا ايندو اهو سڀ ڄاڻن ٿا. ڇو ته سنڌ هن وقت به کپت جيتري بجلي ٺاهي ٿي پر نام نهاد قومي گرڊ اسٽيشن ۾ وڃڻ بعد سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 18 ڪلاڪ ۽ شهرن ۾ 12 ڪلاڪ لوڊ شڊنگ ٿئي ٿي. جڏهن ته بچيل رقم مان ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کي ملندا. جڏهن ته اهي سمورا ملندڙ فنڊز قرض جي صورت ۾ 6.5 سيڪڙو جي وياج سان واپس به ڪرڻا پوندا. اها ڳالهه اسان وارا اخباري دانشور قوم کي ڏسڻ کان ڪيٻائين ٿا.

ٻيو ته ٺهيو سنڌ جا دانشور سيپيڪ خلاف جدوجهد ڪندڙن کي پروڪسي سڏي رهيا آهن! پاڻ ئي لکن ٿا ته پروڪسي معني ايجنٽ، پر وري ڪک رکندي چون ٿا ته ٻن قسمن جا ايجنٽ آهن ۽ قومي ڪارڪن ”انقلابي ايجنٽ“ آهن.!

سنڌ جا اعتراض ۽ جسمم جو موقف

آٽونامڪ نروس سسٽم جيئن جيئي سنڌ متحدا محاذ سنڌ، سنڌين، سندن وحدت، جاگرافي ان جي زندگي ۽ موت سلهاڙيل مسئلن تي بنا ڪنهن رک رکاءُ ڊپ ۽ دهمان جي پنهنجو اصولي ۽ تاريخي موقف رکيو آهي. جيئي سنڌ متحدا محاذ هن اقتصادي راهداري جبري الحاق هيٺ مذهبي بنياد پرست رياست جي قيد خاني ۾ واڙيل سنڌين بلوچن ۽ پخوتنن لاءِ زهرِقاتل سمجهي ٿي. خاص طور تي سنڌ جنهن جي زمين فوجين وٽ، اقتدار پڇ لٽڪائو وڏيرن وٽ، صنعتون تباهه هجن، ڌارين جو سن 47ع کان مسلسل يغارون هجن. جتي خوشحال سنڌ جا واسي 98 جي آدم شماري ۾ 60 ۽ 40 جي ٿورڙي فرق سان رهندا هجن. ان وقت هڪ طرف ذولفقار آباد، بحريه ٽائون. ڏنگي ڀنڊار ٻيٽن تي نوان شهر اڏبا هجن. لکين ڌارين جي آماد بنا روڪ ٽوڪ جي جاري هجي. ان وقت دنيا جي اجگر آباد واري  ملڪ جي سنڌ اندر آمد ۽ انهن جي طرفان هتي مختلف پراجيڪٽ ڪنهن اقتصادي خوشحالي لاءِ نه پر سنڌ مٿان پاڪستان جي قبضي جي مضبوطي، خطي جي امن لاءِ خطرو ۽ گرم پاڻي ۾ چين جي فوجي طاقت تسلط جو باعث بڻبي. ٻيو ته سادو مثال آهي ڌاريا غير ترقيافته گوادر ان جي پسگردائي ۾ رهڻ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ نه صرف رهائش پزير ٿيندا پر انهن جي بورچي کان ويندي رکوالي ۽ مالش تائين پڳڙي وارا ڍول ماهيا جي آمد متوقع آهي.

ان سان گڏوگڏ سنڌ ۽ بلوچستان جو استحصال پڻ وڌندو. مثال طور هن وقت هي پهريون ملڪ چين آهي جنهن کي 60 لک بيرل تيل گھرجي. جيڪو مهانگو سعودي عرب کان وٺي ٿو، پر اهو ساڳيو تيل ۽ گيس سنڌ ۾ بي تهاشا نڪري ٿو. جيڪو پڻ اڳتي هلي چين استعمال ڪندو.

تازو ٿر ۾ تعمير ٿيندڙ گوڙاڻو ڊيم ان ڳالهه جي شاهد آهي ته ٿرڪول پراجيڪٽ جيڪو پڻ سيپيڪ جي حصي ۾ آيل آهي، هاڻ ان پراجيڪٽ مان نڪرندڙ زهريلي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ٿر جي سنڌي کي لڏائي اتي گوڙاڻو ڊيم تعمير ڪيو پيو وڃي! جنهن سان هڪ طرف ماڻهن جي وڏي لڏپلاڻ ٿيندي ته پئي پاسي قدرتي جيوت سخت متاثر ٿيندي.

ڊسمبر جي پوئين ڏهاڪي ۾ خبر آئي ته گمبٽ ضلعي خيرپور ۾ سوئي کان 4 دفعا وڌيڪ گيس جا ذخيرا مليا آهن. مطلب اسان جي منرلز تيل گيس ڪوئلي کوٽائي وڌندي ۽ ان جي اڻ مئي دولت جو استعمال گڏهه، ڪُتا ۽ ڪميون کائيندڙ چيني ڪندا.

جسمم جي چين جي وڌنڌڙ اسر رسوخ جيڪو به هن اقتصادي راهداري سان ڳنڍيل آهي ان تي اعتراضن جو سبب هڪ اهو به آهي ته هو هن وقت ئي سنڌ جي مارڪيٽ ۽ اتي موجود صنعتي زونن کي خريد پيا ڪن جنهن جو تازو مثال چين جي شهنگائي اسٽاڪ ايڪسچينج طرفان ڪراچي جي اسٽاڪ ايڪسچينج جا چاليهه فيصد شيئر خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته پندرنهن اسڪوائر ڪلوميٽرن تي مشتمل خيرپور ايڪانامڪ زون ۾ سٺ فيصد صنعتي پلاٽ جتي انڊسٽريز لڳنديون اهي چين طرفان خريد ڪيا ويا آهن جيڪو به 14 ڊسمبر تي سنڌ جي صوبائي صنعتن جي وزير منظور وساڻ انڪشاف ڪيو آهي جڏهن ته قصو اتي به دنگ نه ٿو ڪري اسپيشل ايڪانامڪ زون لاڙڪاڻو ۽ موهن جو دڙو جن جنوري ٻه هزار سترنهن ۾ افتتاع ٿيندو انهن جي پنج سئو ايڪڙن تي مشتمل زون به سي پيڪ جي رٿا جي نالي ماتر تعمير جي چڪر ۾ اڳواٽ ئي چين جي حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته رهي کيئي قصر وري ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي لئه ڳالهين واسطي سنڌ جي نامراد وڏي وزير مراد شاه صوبائي وزيرن منظور وساڻ ناصر شاه سميت اعلي سطحي وفد چين پرلوڪ پڌاري چڪو آهي هو وٺي ڇا ايندا اها ته ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي پر سنڌ ضرور کپائي ايندا جنهن جا امڪان گهڻا آهن

جڏهن ته خوشحال سنڌ جي شهرن ۾ مائون پنهنجا لخت جگر وڪڻڻ جا هوڪا ڏين پيون. جيڪو جيئي سنڌ متحدا محاذ کي ڪنهن به ريت قبول ناهي. ان ڪري سنڌي چوڻي ته ”اٺ تڏهن پي رنا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا“ جسمم پهرين ڏينهن کان هن منصوبي جي نه صرف مخالفت ڪئي آهي پر عملي جدوجهد ۾ به جسمم اول رهي آهي. جسمم چيئرمين شفيع برفت سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي 17 جنوري 2016 ۾ پنهنجي پاليسي بيان ۾ سي پيڪ خلاف جدوجهد جو اعلان ڪيو. واضع رهي ته ساڳي ڏينهن انڊس هاءِ وي هزارين ماڻهن چائينز جارحيت پسندي خلاف مظاهرو ڪيو.

پهرين فيز ۾ 7 فيبروري تي بدين ۾ تاريخي مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جسمم ڪارڪنن سان گڏ عورتون پڻ گرفتار ڪيون ويون. مظاهري تي فوج ۽ رينجرس انڌوناڪ تشدد جنهن ڪري 50 کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون زخمي ٿيون. جڏهن ته 200 ماڻهن تي ملڪ ٽوڙڻ، سيپيڪ رٿا تي رنڊڪ وجهڻ ۽ ملڪ دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا. واضع رهي ته ٻئي ڏينهن تي ئي آرمي چيف راحيل شريف پنهنجو پاليسي بيان جاري ته سيپيڪ جي مخالفن کي ڪنهن به ريت ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ۽ انهن کي هر صورت ۾ چٿيو ويندو.

بدين ۾ جسمم جي احتجاج ۽ ريلي مٿان تشدد کي پرنٽ ميڊيا  غيرمعمولي ڪوريج ڏني.  15 فيبروري تي وفاقي گھرو  وزارت سنڌ ۾ اقتصادي راهداري خلاف ڪم ڪندڙ تنظيمن جي نالن جي سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي ۽ ان ۾ جسمم کي سي پيڪ خلاف سنڌ اندر وڏي مخالف ڌر طور پيش ڪيو ويو.

مارچ جي مهيني ۾ پڻ مخلتف احتجاج ڪيا ويا ۽ جدوجهد جو ٻيو مرحلو 25 اپريل تي جسمم چيئرمين طرفان انائونس ڪيو ويو. جنهن ۾ 25 مئي تي سڄي سنڌ ۾ مردن، عورتن، ٻارڙن هن رٿا کي چين جي جنگي جنون ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي خطرو قرار ڏيندي احتجاج ڪيو.

واضع رهي ته بدين واري مظاهري کان پوءِ شروع ڪيل رياستي وٺ پڪڙ ۾ تيزي ايندي وئي. گورنر ڪولاچي، صدرالدين ڪولاچي، نور تنيو سميت ڪيترائي جسمم جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ڪري گم ڪيا ويا. جڏهن پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سيپيڪ خلاف عوامي سياسي احتجاج جسمم ڪيا. ان  ۾ تيزي ان وقت آئي جڏهن 12 جون 50 سينٽي گريڊ جي گرمي ۾ ٻرندڙ نوابشاهه ۾ 10 هزار کان مٿي ڪارڪنن No China Go China جي نعري هيٺ احتجاج ڪري رياست جون متيون مجهائي ڇڏيون. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 69 جسمم ڪارڪنن کنڀي گم ڪيا ويا. پر ميڊيا ۾ فوٽيج اچڻ بعد کين بغاوت، ملڪ ٽوڙڻ، سيپيڪ رٿا ۾ رنڊڪ وجهڻ سميت ڪيترائي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري کين دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويو.

21 جون تي جنيوا ۾ رٿيل انساني حقن متعلق ڪانفرنس ۾ جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت شرڪت ڪئي. جنهن پهريون ڀيرو عالمي فورم ۽ گڏيل قومن جي احاطي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ قومي ڪارڪنن جي قتل گرفتارين سان گڏ سيپيڪ رٿا کي چين جي فوجي جنگي جنون سان مشاهبت ڏيندي ان کي خطي ۾ موجود قومن سنڌين ۽ بلوچن جي ايندڙ وقت ۾ رياستي نسل ڪشي جي ٽول طور نه صرف پيش ڪيو پر اتي موجود ڌرين کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي اقتصادي راهداري خلاف سنڌين ۽ بلوچن جي مدد ڪن.

جولاءِ جي 12 تاريخ تي سانگھڙ ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ هن رٿا خلاف پمفليٽ ورهائڻ جو سلسلو سڄي سال جاري رهيو. جڏهن صرف جولاءِ جي مهيني ۾ 3 لک کان وڌيڪ پمفليٽ ”اقتصادي رٿا سنڌ لاءِ زهرِ قاتل“ جي عنوان هيٺ ورهيا ويا. 28 جولاءِ تي اعلانيل No China Go China جي ريلين ناڪام ڪرڻ واسطي وارهه ۾ ڪرفيون لاڳو ڪري، مجيب چولياڻي، سني ڪاڪيپوٽو سميت 11 نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو. جيڪي اڄ به گم آهن. خيرپور، محراب پور، نوابشاهه، قاضي احمد، ٻلهڙجي، دادو، حيدرآباد ۽ ڪراچي ٽن ڏينهن اندر 50 کان وڌيڪ جسمم ڪارڪن، همدرد ۽ انهن جي مٽ مائٽن کي کنڀي گم ڪيو ويو.

آگسٽ جي مهيني ۾ جسمم سيپيڪ خلاف عالمي سطح تي احتجاج جو اعلان ڪيو. ان ڏينهن نه صرف جرمني پر سڄي سنڌ بشمول ٿرپارڪر، گھوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، ڪراچي، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد سميت 20 کان وڌيڪ شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. رڪارڊ تي رکڻ واسطي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي، جسمم گرائونڊ يعني سنڌ ۾ بلڪه پوري پاڪستان ۾ پهرين سياسي ڌر هئي جنهن سيپيڪ رٿا خلاف تاريخي احتجاج سڀ کان اڳ ۾ ڪيو. جسمم 25 آگسٽ تي فرنڪورٽ جرمني ۾ احتجاج به سڀني کان پهرين ڪيو.  ٻين ڌرين جسمم جي احتجاج کانپوءِ آگسٽ جي آخري آچر ۾ لنڊن ۾ احتجاج ڪيو.

جڏهن ته سپٽمبر ۾ نوابشاهه، ميرپورخاص ۾ سيپيڪ خلاف احتجاج ڪيا ويا جڏهن ته آڪٽوبر جي 24 تاريخ تي برسلز جي انٽرنيشنل پريس ڪلب ۾ بلوچ وائيس طرفان ڪرايل ڪانفرنس ۾ جسمم چيئرمين اتي موجود مقررن کان وڌيڪ 28 منٽ ڊگھي دليلن سان ڀرپور تقرير ڪري سيپيڪ رٿا کي مڪمل رد ڪيو. ۽ ان جي مجوزه نقصانن تي تفصلي ڳالهايو جنهن کي اتي موجود سڀني اڳواڻن ۽ دانشورن طرفان ساراهيو ويو.

هن اتي خطاب ڪندي دنيا کي اپيل ڪئي ته چين جي فوجي جنگي جنون سان ڀرپور رٿا خلاف غلام قومن سنڌين ۽ بلوچن جي نه صرف مدد ڪن پر اڀرندڙ عالمي سامراج چين کي نڪ ۾ ناڪيلي هڻڻ واسطي اسان جي اخلاقي ۽ سياسي مدد ڪن. جسمم چيئرمين اتي موجود انٽرنشنل پرنٽ ميڊيا جي نمائندن کي پڻ سنڌ جي تحفظات کان آگاهه ڪيو. ان کان علاوه مختلف ٽي وي چينلن سان پڻ ويچار ونديا.

واضع رهي ته جسمم جي سي پيڪ خلاف هلندڙ احتجاجن کي روڪڻ لاءِ رياست جسمم ڪارڪنن کي مسلسل کنڀيندي ۽ گم ڪندي رهي. جڏهن حفيظ پيزادو ڊبل عمر قيد کان به وڌيڪ 37 سال، سنسار ابڙو کي 22 سال ۽ ٻين ڪارڪنن کي عدالتي ڪاروائي جي پورائي بنا سزائون ڏنيون ويون. جڏهن ته رياستي ادارن طرفان جسمم ڪارڪنن، قيادت ۽ مٽن مائٽن کي هراسان ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي. انهي دوران ڊسمبر جي مهيني ۾ عاشق مغيري ۽ ذاڪر بوازدار جي شهادت جو هڪ مقصد اهو به هو ته جسمم کي پنهنجي جدوجهد تان هٿ کڻائجي. جڏهن ته اها ڳالهه به رڪارڊ تي رکڻ جهڙي آهي ته بدين ۾ 7 فيبروري تي جسمم جي سيپيڪ رٿا خلاف احتجاج جي اڳواڻي استاد محمد راهمون به گذريل ڏيڍ مهينن کان رياستي ادارن طرفان کنڀي گم ڪيل آهي. جنهن جو ڪو به اتو پتو ناهي پئجي سگھيو.

ايترو ئي نه پر هن آرٽيڪل لکڻ تائين  نصرالله جمالي، فيضان جمالي، جسمم دويزنل ڪوآڊينٽر فياض ڏاهري، لياقت چنو، زاهد اديب ٻرڙو، نديم سيال، مدثر عزيز ڪاڪيپوٽو، آزاد چاچڙ، نويد ميراڻي، سميع الله وسطڙو ۽ مرتضي مري کي کنڀيو ويو آهي. جن جي اڃان تائين ڪا به خبرچار ناهي پئجي سگھي.

واضع رهي ته زاڪر بوزدار کي اڳ به کنڀيو ويو هو پر سال بعد کيس مرڻينگ حالت ۾ اڇلايو ويو. پر هن ڀيري سندس شهادت جو وڏو سبب سيپيڪ خلاف گھوٽڪي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي ريلي پڻ بڻي. جڏهن ذاڪر بوزدار شهادت کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور ۾ No China Go China نعري هيٺ ريلي جي اڳواڻي پڻ ڪئي هئي.

جيئن مٿي بيان ڪري آيس ته باشعور فرزندانِ وطن جي قافلي جو نانءُ جسمم آهي اها جسمم پنهنجي جوهر ۾ انقلابي، اصولي، تاريخي تضادن ۽ قومي مفادن کي مدنظر رکندي پنهنجا فيصلا ڪندي رهي آهي. ان جي ٺاهيل پاليسين جن سان قوم جي حقيقي نمائندگي ٿيندي هجي اهڙي ڪنهن به فيصلي تي اصولي اسٽينڊ وٺي پوئتي هٽڻ، گوٿناٿ يا وري اشو پاليٽڪس ۾ گم ٿي اصل ايجنڊا تان هٿ ناهي کنيو. انڪري جسمم سنڌي جي قومي آزادي سان گڏ سي پيڪ جهڙي موت مار رٿا خلاف پڻ پنهنجي وت وس آهر ڀرپور احتجاج ڪندي رهندي. ڇو ته فاتحن لاءِ سيپيڪ جهڙا منصوبا گيم چينجر هجن ته محڪومن لاءِ يقينن اهي منصوبا گيم اوور جيان هوندا آهن. ۽ جسمم ڪڏهن به پنهنجي وطن ۽ قوم جي تشخص کي ختم ٿيڻ نه ڏيندي.

Print Friendly