مضمون

ايئن نه اسلام جيئن انڌا تو اپنايو: سجاد شر

قتل ڪيل شاگرد مشعل خان

سن ستيتاليهه کان وٺي اسان جي ملڪ ۾ معيشت وڌڻ بجاءِ مذهبي جنونيت وڌندي رهي آهي اسان هاڻي ان معاملي ۾ ايترا خود ڪفيل ٿي ويا آهيون جو ڪنهن به گهٽيءِ جو ملان مسجد مان ڪنهن کي به مجرم قرار ڏئي ملزم بڻائي بنا ڪنهن چارج شيٽ جي پاڻ ئي ٿاڻو ۽ ڪورٽ بڻجي کيس سزا ئي نه ٿو ڏئي پر انساينت جا چولي کي به تار تار ڪري ٿو ان ثواب جي عمل ۾ قرآن جي فضيلت مذهب جي اصل روح کان ناواقف ملان سان سندس سڏ ۾ سڏ ملائيندڙ ڪي پروفيسرعالم دين سنت و حديث جا شارع نه پر ساڳي گهٽيءِ ۾ ملاوٽ ڦرلٽ منافعي خوري ڪندڙ دوڪاندار ڪو جيب ڪترو ڪو آزار محلا ڪو آزار شهر بڻيل فرد سميت سڀ جنت جي ٽڪيٽ ڪٽرائڻ واسطي قطار ۾ لڳي اهو ڪم ڪن ٿا جنهن سان ان گهٽيءِ شهر صوبي يا ملڪ نه پر گلوبل ڳوٺ بڻيل ستن کنڊن جو سوا ست ارب ماڻهون شرمساري جو طوق پنهجي ڳڄي ۾ محسوس ڪري ٿو

زمانہ اب یہ آ گیا ہے کہ۔۔۔

اے عدم! احتیاط لوگوں سے

لوگ منکر نکیر ہوتے ہیں

اسان جي ٽين دنيا جو الميو آهي ته اسين مارڪس چواڻي مذهب جي آفيم جا ايترا ته عادي ڪيل آهيون جو اسان وٽ دين دنيا ئي نه پر اسان جي دماغن تي به ايترو حاوي آهي جو اسان جي سماج ۾ مشال جهڙا خوبصورت خوبرو نوجوان ماريا ئي نه ٿا وڃن پر هٿ وٺي ڪيل حادثي کان وڌيڪ ڀيانڪ تڪليف ڏيندڙ اهو سلوڪ آهي جيڪو سوشل ميڊيا جي بدولت نه چاهيندي به اسان جي اکين آڏو آيو هڪ تهمت مٿان مڙهي قتل ڪيل ان معصوم جو لاش جي مٿان جنويت جمپ ڏئي ثواب دارين حاصل ڪندي رهي سندس ساهه جو ساميئڙو ته اڏامي چڪو هو پر باوجود ان جي سندس جسم جي بي حرمتي جاري رهي اهو سڀ ڪو ڪنهن ويراني ڪنهن گهٽيءِ يا ڪنهن دور دراز علائقي ۾ نه ٿيو پر مردان جهڙي شهر ۾ عدم تشدد ۾ گانڌي کان به وڌيڪ يقين رکندڙ خان عبدالغفار خان جي پٽ  ۽ نامور سياستدان ولي خان جي نالي ٺهيل يونيورسٽي ۾ ٿيو يقينن خيبر پختونخواهه جيڪو حالت جنگ ۾ آهي جتي پي اي ايس اسڪول دهشتگرد حملن ڪري هر اداري کي ايف سي جي صورت ۾ سيڪيورٽي ڏنل آهي اتي تعليمي اداري ۾ اندر موجود جنونين جي ڪاروائي جهيڙي بعد ان ۾ ٻاهران پر تشدد هجوم جو داخل ٿي ايئن قانون رياستي رٽ کان ويندي سماج ۽ انسانيت جي توهين ڪئي وئي. نام نهاد قومي ميڊيا هن معاملي کي ته معمولي ڪري پيش ڪيو آهي پر انسانيت جي اک سان ڏسجي ته هوند روح روئي پوي ٿو

ذرا ملک کے رہبروں کو بلائو

یہ کوچے یہ گلیاں یہ منظر دکھاؤ

اسان به اٺين صديءِ جي ابتدا ۾ ديٻل تي لڙيل لڙائي ۾ جنهن شميشير هٿان پنهجي گردن ڪٽرائي هئي انهيءِ شميشير اسان جي سماج سان به ڪيئي ڪلور ڪيا آهن پر ويجهي ماضي ۾ ڀورو ڀيل جي توهين ۾ اسان جي سماج جي پستي ۽ ان ۾ انتها پسندي جو اهڙو ڀيانڪ روپ نظر آيو جنهن جي خلاف عوامي آواز جو اصولي موقف سبب سموري سنڌ بيهي رهي ۽ نتيجي ۾ اهڙن جنوني عنصرن کي پوئتي هٽڻو پيو پر مجموعي طرح شڪارپور جيڪب آباد سانحي بعد سيوهڻ حملي ۾ ڪثيرالتعداد ماڻهن مرڻ جو سبب ته دهشتگردي ۽ انتها پسندي هو پر ان ۾ سهولتڪار ته وري به سنڌي ڳالهائيندڙ هئا.چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جنهن فصل لئه جي تياري اسي واري ڏهاڪي ۾ افغان جهاد جي نالي ۾ ڪئي وئي اهو ساڳيو فصل سنڌ بلوچستان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي پرڳڻن ۾ پروان چڙهي چڪو آهي ڪنهن ڏاهي چواڻي جيڪا به گولي يا بارود ڪنهن فيڪٽري ۾ ٺهي ٿو ته ان جي پويان هڪ ئي مقصد هجي ٿو ڪنهن جي جان ختم ڪرڻ ۽ افسوس سان اسان وٽ دهشتگردن جي گولي ڪڏهن به گٿي ناهي اها بينظير کي لڳي يا وري مشال خان کي…!

جانے کب کون کسے مار دے کافر کہہ کر

شہر کا شہر مسلمان ہوا پھرتا ہے

مردان يونيورسٽي ۾ هن قسم جي واقعي بعد هڪ سوال جو جواب سمجهه ۾ نه پيو اچي ته انهن جنوني قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڪير بيهاريندو؟اهو صدر مملڪت جيڪو ٽيويهه مارچ چوڏانهن آگسٽ ۽ ڇهين سيپٽمبر جي پريڊ واسطي مختص ڪيل آهي يا وري اهو وزير اعظم جنهن وٽ پانامه ليڪس جي اشو بعد سندس سياست جي گٿي سلجهڻ بجاءِ روز الجهي پئي يا وري اهو وفاقي گهرو وزير جنهن جي تال ميل ۾ اهو ملان فيڪٽر رهيو آهي جيڪي دنيا ۾ ئي نه پر هتي به ڪلعدم قرار ڏنل آهن پر انهن جا قدم گهرووزير جي دفتر ۾ به ڪنهن ڪلي ۾ ٻڌجي ناهن سگهيا يا وري اهو عمران خان جنهن وٽ ڪي پي ڪي جي حڪومت آهي جنهن مٿان حقاني مدرسي کان ويندي مدرسن جي مدد جا الزامن کان ويندي کيس طالبان خان جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو اهڙي ڪرڀ ڀري صورتحال ۾ مشال خان جي پيءِ جو چاچي لطف پيرزادي جيئن جهونگاريل شعر وڏو معني خيز آهي اهڙن شعرن جي تشريع ۽ انهن جي پس منظر ۾ ڇلڪندڙ سچ کي سمجهڻ کان پنهجي رياست پوئتي پيل آهن انهن وٽ لاش ڏيڻ کان ويندي درد ڏيڻ جي ته هر وقت سگهه موجود رهي آهي پر انهن وٽ دردن جو درمان موجود ناهي….!

تیغ منصف ہو جہاں، دار و رسن ہوں شاہد

بے گناہ کون ہے اس شہر میں قاتل کے سوا

المياتي ديسن جي ديس مان هڪ ملڪ هي به آهي جتي دار جو ڌنڌو دن دگني رات چگني ترقي ڪندو رهيو آهي موت جو فرشتو هتي هر وقت منڊلائيندو نظر اچي ٿو جتي اسپتالن ۾ علاج معالجي کان محروم ماڻهن غذائي قلت جو شڪار ٻارن کان ويندي روڊن رستن تائين موت جا المناڪ داستان آهن اتي ڪيئي نظير عباسي مظفر ڀٽو جهڙن جا ڊرل ٿيل لاش آهن ته اتي ڪيئي ڀورا ڀيل جن جي وڏن انگ اگهاڙي دنيا کي رهڻ سهڻ جو سليقو سيکاريو هو جن سنڌو ڪناري ويهي رگويد ۽ گيتا جا گيان لکيا هئا انهن کي اڄ سنڌ جي مٽيءِ ۾ پورجڻ لئه به اڇوت قبر گهربل آهي مشال جهڙا ڪيئي نوجوان جن سان ماءُ پيءِ سماج جون اميدون وابسطا هجن ٿيون انهن کي ان رسول جي توهين جي الزام ۾ مارين ٿا جنهن پاڻ مٿان علي ۽ عمر جهڙن سرفروشن جي موجودگيءِ ۾ ڪچرو اڇلائيندڙ ٻڍيءِ کي به ڪاوڙ ۾ ٻه اکر نه چيا رهندو سندس بيمار ٿيڻ تي پرسي ۽ پڇا لئه به ويو پر هاڻي هتي مسلمانيت ۽ مذهب جي نالي ۾ مشال صرف ماريا نه ٿا وڃن پر سندن مرده جسمن جي به بي حرمتي ڪئي وڃي ٿي پر ڇاڪجي ڪنهن کان انصاف گهرجي؟ جن نطريه ضرورت تحت اهڙن کي تيار ڪيو يا جن انهن کي ٻن ووٽن ۽ چئن سالن جي اقتدار لئه تقويت ڏني؟بلڪه هن سماج کي پاڻ ئي ريئڪٽ ڪرڻو پوندو نه ته ڪيترن ئي نالي جيئن روشن مشالن جو زندگيءِ جو ڏيئو جهالت اجهائيندي رهندي ۽ اسين دستانن پهريل قاتلن کي ته ٺهيو پر ڪئميرا جي اک ۾ نظر ايندڙ قاتلن کي به ڪجهه چئي ڪو نه سگهنداسين مشال جي جنازي ۾ ته ٻه سئو ماڻهون شريڪ ٿيندا پر ڪنهن ممتاز قادري جي جنازي ۾ لکن جا انبوهه گڏ ٿيندي ڏسنداسين….!

قتل پہ میرے جو خاموش ہے تو

اپنی باری کا۔۔۔۔۔۔۔ انتظار ہے کیا ؟؟

Print Friendly