علائقائي خبرون

شهيدن جي شهر بڊاڻي ۾ سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاء احتجاج

Image may contain: 15 people, people standing and outdoor

اڄ شهيدن جي شهر بڊاڻي ۾ سنڌ جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاء احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ 10 جولاء تي ڪورنگي جمع ڳوٺ مان کنڀيل سجاد شاه جي فيملي جسقم جست ۽ شهرين مهراڻ لائبريري چوڪ مرتضي چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب بڊاڻي پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو
احتجاج ۾ شامل سجاد شاه جي ننڍي ڀاء ارسلان شاه چيو ته سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوه ۾ پهريان به منهنجي ٻن ڀائرن پريل شاه ۽ ضامن شاه کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ سجاد شاه کي به رياستي ادارن کنڀي کڻي گم ڪيو اٿن اسان کي خدشو آهي ته پريل شاه ۽ ضامن شاه جيان شهيد نه ڪري ڇڏن
اسان يورپي يونين اقوام متحدا انساني حقن جي تنظيمن ۽ وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته سنڌ جي کنيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاء ڪردار ادا ڪن

Print Friendly