مضمون

پري کان ئي گونگا اشارا.سجاد ٻرڙو

Image may contain: 1 person, standing

اڄوڪو ڪالم جي شروعات ڪرڻ وقت ذهن ڪافي منجهيل هيو ته آخر هن هفتي وارو ڪالم ڇاتي لکجي، ڇو ته هڪ ئي وقت ڪراچي پريس ڪلب تي پهتل لانگ مارچ جيڪو کنڀيلن جي آزادي لاءِ حيدرآباد کان نڪتو هيو، ان ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ بهترين ”شو“ ڪري ڏيکاريو، سو پهرين سوچيم ته انهيءَ تي لکجي، پر وري ياد آيو ته ان معامري تي ته 14 مئي تي به لکيو هيم، جڏهن سورٺ لوهار صرف ڪجهه ساڃاهه وندن ۽ قومي ڪارڪنن سان گڏجي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو هيو، ساڳئي ئي ڏينهن جي اخبارن ۾ گوادر ۾ نشانو بڻائي قتل ڪيل سنڌين واري واقعي کي به ان ڪالم ۾ شامل ڪيو هيم پر ان سان گڏ ان احتجاج کي پڻ هڪ نئين جدوجهد جي شروعات قرار ڏئي مستقبل ۾ وڏيون اميدون رکيون هيم، جنهن جو صلو پڻ مليو ۽ ڪراچي پريس ڪلب آڏو ئي 25 جون کان 1 جولاءِ تائين عيد وارن ڏهاڙن ۾ ٿيل احتجاج کي ته وري ايتري موٽ ملي جو ان کي عالمي ميڊيا پڻ ڪوريج ڏني!، ساڳئي احتجاج ۾ نه صرف قومي اڳواڻ‌ ۽ ڪارڪن پر ان سان گڏ ڪيترائي ميڊيا جا دوست توڙي سماجي ڪارڪن پڻ کنڀي گم ڪيلن سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ شامل ٿيا هئا، انهيءَ بابت پڻ پنهنجي گذريل ڪالم ۾ ٿورو گهڻو لکي ورتم، جنهن تي وري شايد ڪجهه ماڻهو مون کان ناراض پڻ‌ ٿيا!، ڇو؟، اها ڳالهه مون جهڙو اٻوجهه ماڻهو شايد ڪڏهن به نه سمجهي سگهي!

هن ڀيري ڪالم جي شروعات ڪجهه وڌيڪ ڊگهي ٿي وئي، جنهن لاءِ پڙهندڙن کان معذرت، شل قبول پوي، پر اهو سڀ ڪجهه به ڏيڻ ضروري محسوس ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ پڙهندڙن سان اهو ڪجهه شيئر ڪجي جيڪو خاص ڪري گذريل هفتي واري ڪالم کان بعد سامهون آيو، ان ۾ اڃا هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته هڪ استاد جنهن پنهنجي آزاديءَ جو گهڻو ڪريڊٽ عوامي آواز کي ئي ڏنو هيو، انهيءَ پڻ هڪ نياپو موڪليو، جنهن جو صرف هڪ لفظ ئي هتي شيئر ڪري سگهان ٿو، جيڪو آهي” زبردست!“

صرف هڪڙو ئي لفظ شيئر ڪرڻ جو مقصد هن شعر مان بيان ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي ايئن نه ٿئي ته

زبانن تي تالا،تخيل تي پھرا،

لکڻ کان به وياسين،

ڪڇڻ کان به وياسين ،

مليو جي تڏهن ڀي ڪو ھمدم اسان سان،

پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسين،

عبدالحڪيم ارشد )

هن وقت جيڪا ٿوري گهڻي لکڻ جي آزادي آهي، ان جو فائدو برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته هينئر کان ئي گونگا اشارا

استعمال ڪجن ته بهتر ٿيندو!

ڇو ته هتي ”سڀ ڪجهه صحيح“ نه آهي!

جيئن هيٺ ظفر پرچو وديارٿي پنهنجي هڪ اردو تخليق ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن کي وري مان سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،

عجب دستور ٺاهيو ٿن!

چون ٿا، سڀ هڪ هون!

لاشا روز اماڻين ٿا!

چون ٿا، سڀ هڪ هون!

جوانن کي ٿا کنڀي وڃن!

چون ٿا، سڀ هڪ هون!

نه ڪا صنعت، نه ميٽرو!

چون ٿا، سڀ هڪ هون!

تيل، گئس به چوري ٿي ويو،

پاڻيءَ جي ڀي چوري ٿي وئي!

ڏسو! هو اناج به کنيو ٿن!

چون ٿا، سڀ هڪ هون!

ٻڌو اسين سڀ هڪ نه آهيون!

اوهين آقا، اسين غلام آهيون!!!

جيڪو ڪرڻو ٿوَ، ڀلِ ڪريو،

اسين وکريل ۽ ڪمزور آهيون!

اڄ سڄي بازي اوهان جي آهي،

سڀاڻ! پنهنجو وارو ڀي اچڻو آ!

هن جو آخري شعر ٿورو ڏکيو لڳو، ان ڪري اهو ترجمو نه ڪري سگهيم.

ظفر پرچو وديارٿي جون اهي ٻه تخليقون ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو پڙهڻ وٽان آهي!، جيئن ماضيءَ ۾ اسان وٽ هڪ اياز هيو، جنهن کي اسين محتاط چئي سگهون ٿا، پر هي اڄ جي دور جو اياز آهي، جنهن کي اسين ”چريو اياز“ چئي سگهون ٿا!
۽ موجوده سنڌ جون حالتون انهيءَ جون ذميوار آهن، جڏهن چچريل لاش ملندا، جڏهن روز ڪو نه ڪو کنڀجي ويندو ته اتي شايد ”چريائپ“ ئي ڪم ايندي!(اهو منهنجو ذاتي خيال آهي، جنهن سان اوهان جو متفق ٿيڻ ضروري نه آهي.

اها ”چريائپ“ ئي چئبي جو هن وقت (هي ڪالم لکڻ وقت) ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ جي هڪ نياڻي سنڌو چانڊيو دانهن ڪري پڇي رهي آهي ته اسان جي پيارن کي کنيو اٿوَ ته خير آهي، پر انهن جو ڏوهه ته ٻڌايو!(سنڌو چانڊيو جون ڳالهيون ٻڌندي مون کي پنهنجي هڪ نياڻي سنڌو راهمون ياد اچي وئي، جيڪا پڻ ڪنهن وقت ايئن ئي پنهنجي بابا جو ڏوهه پڇندي هئي، ان جو ساٿ ته صرف ڪجهه ماڻهن ڏنو ۽ سندس بابا کيس ملي ويو، پر الائي ڇو هن وقت جي سنڌوءَ سان (نه صرف سنڌو چانڊيو پر سورٺ لوهار، تنوير آريجو ۽ ٻيون اسان جون سڀ نياڻيون جن کي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي) ڪيترن ئي ساڃاهه وندن توڙي هڪ سياسي پارٽي جو پڻ مڪمل سهڪار آهي پوءِ الائي ڇو ڏاڍي دير پئي لڳي!

سڀ کان پهرين ته اها اميد رکجي ته شهيد بشير خان قريشي جو موڀي پٽ ۽ جسقم جو چيئرمين صنعان خان ۽ سندس پوري پارٽي نه صرف سنڌ جي ٻين اهم مسئلن پر ان سان گڏ کنڀي گم ڪيلن جي پڻ مالڪي ڪندي، اهو فرق ڪرڻ بنا ته اهي ڪهڙي پارٽي سان تعلق رکن ٿا!

هڪ اميد اها به رکجي ته 10 آگسٽ تي شهيد بشير خان قريشي جي سالگرهه وارو پروگرام 23 مارچ 2012ع واري ڏينهن جون يادون تازيون ڪري ڇڏيندو ۽‌ جيئن ان ڏينهن بنا ڪنهن پارٽي فرق توڙي ڪنهن پارٽي ۾ نه هئڻ باوجود سنڌين جو هڪ سمنڊ ڪراچي ۾ گڏ ٿيو هيو ايئن ئي هن پروگرام ۾ پڻ ساڳئي ئي جهلڪ نظر ايندي!

Print Friendly