علائقائي خبرون

جسمم پاران گم ڪيل ڪارڪنن لاءِ ريلي، پوليس پاران لاٺي چارج

جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم) پاران پاڪستاني فوج، رينجرس ۽ خونخوري اداري آءِ ايس آءِ پاران کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن ۽ جسمم سميت قومي تحريڪ مٿان جاري آپريشن خلاف حيدرآباد ۾ سوين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي.

اولڊ ڪيمپس حيدرآباد مان جسمم جي گم ڪيل ڪارڪنن جي فيملين ۽ جسمم ڪارڪنن پاران پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي دوران ڪارڪنن ”قومي تحريڪ مٿان آپريشن بند ڪيو“ ”کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو“ جا نعرا لڳائيندا رهيا. ريلي دوران کنيل بينر ۾ جسمم پاران سموري عالمي دنيا توڙي انساني حقن جي تنظيمن کي ڪارڪنن جي گمشدگين خلاف نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪيل هئي.

جسمم جي ريلي دوران حيدرآباد پريس ڪلب تي پوليس ۽ ريجنرس پاران ڪارڪنن ۽ عورتن تي لاٺي چارچ ۽ شيلنگ ڪئي وئي ۽ ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. جسمم چيئرمين پاران جاري ڪيل موقف ۾ لاٺي چارج جي مذمت ڪئي وئي.

هن چيو ته جسمم جي پرامن ڪارڪنن ۽ عورتن مٿان تشدد رياستي ادارن جي بربريت ثبوت آهي. سنڌ جي سياسي آواز کي ڪچلڻ خلاف سنڌ جون سڄاڻ ڌريون اڳتي اچن.

جسمم چيئرمين وڌيڪ چيو ته آزاد سنڌ کي انگريزن فوج ڪشي ڪندي 1843ع ۾ غلام ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي انگريزن 1947ع ۾ سنڌ جي ان قومي غلاميءَ ۽ ذلت کي پنجاب سامراج کي منتقل ڪيو ۽ اڄ سنڌ مذهب ۽ پاڪستان جي نالي تي پنجاب جي غلام آهي.  ان ڪري اسان سنڌي 1843ع ۾ پنهنجي ان وڃايل قومي آزاديءَ ۽ وقار جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته سنڌ جي قومي تحريڪ عالمي، عوامي ۽ ڊپلوميٽڪ حوالي سان سنڌ جي قومي آزاديءَ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهي رهي آهي ۽ قومي ڪارڪنن جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد سبب اڄ سموري دنيا سنڌ جي آزاديءَ، سنڌوديش جي تاريخي بحاليءَ جي فڪري، عملي، تاريخي پهلوئن کان چڱي طرح روشناس ٿي چڪي آهي.

جسمم چيئرمين پنهنجي جاري ڪيل موقف ۾ چيو ته اهو ئي سبب آهي جو پنجاب سامراج، ان جي رت پياڪ فوج، دهشتگرد خفيا ايجنسي آءِ ايس آءِ ۽ رينجرس سنڌ جي قومي سماج کي غيرسياسي ڪرڻ لاءِ هڪ طرف سنڌي قومي تحريڪ جسمم مٿان پابندي مڙهي ڇڏي آهي ته ٻي طرف جيئي سنڌ متحده محاذ، جسقم آريسر جسقم بشير خان سان تعلق رکندڙ سنڌ جي سڄاڻ قومي ڪارڪنن کي جبري طرح گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو آهي ۽ مٿن رياستي ادارن آءِ ايس آءِ جي خفيا ٽارچر سيلن ۾ ٽارچر ۽ غيرانساني ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته مجيب چولياڻي، فقير اعجاز ڳاهو، لياقت چنا، فياض ڏاهري، سني ڪاڪيپوٽو، التاش ٽالپر، فرمان هنڱورو، نديم ڪولاچي، سيف جتوئي، سجاد شاهه، الهه وڌايو مهر، عتيق وسطڙو، نويد ميراڻي، سهيل ڀٽي، بخش علي مغيري، هدايت لوهار ۽ خادم آريجو سميت جسمم ۽ جسقم جي 56 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن کي پاڪستان جي دهشتگرد ايجنسي آءِ ايس آءِ کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

هن آمريڪا، يورپ، روس، اسرائيل، ڀارت، افغانستان سميت اقوام متحده ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺن ڇو ته اسان کي خدشو آهي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جا عدالتن کان مٿاهان قتل ڪيا ويندا.

Print Friendly