مضمون

عظيم ويڙھاڪ سيليا ۽ سنڌياڻيون: سورٺ لغاري

 

عظيم ويڙھاڪ سيليا ۽ سنڌياڻيون:
سورٺ لغاري
وطن غلام ھجي ته طرحين طرحين جون
خرابيون جنم وٺن ٿيون ڏک، بيماريون
سور، پيڙائون، بک بدحالي بيروزگاري
جھالت انسان دشمن ريتون رسمون
قبائلي جھيڙا اغوا چوريون ڌاڙا ڪرپشن
۽ ڪاروڪاري جھڙيون وبائون گھيري
وٺنديون آھن.مظلوم قومن ۾ ڪي اھڙا
فرد به جنم وٺندا آھن جيڪي ديس جا
ڀاڳ بدلائڻ لاء عملي جدوجھد ۾ پاڻ
ملھائيندا آھن پنھنجي ڌرتي کي رت جو
ريڄ ڏيئي سورين جو سينگار بنبا آھن
اذيت گھرن جون اذيتون ڀوڳيندا آھن
پنھنجي ديس جا والي ۽ وارث بڻجي
ھميش لاء امر ٿي ويندا آھن منھنجي ديس
۾ به ڪاروڪاري جھڙي ڪوراڙ
ڪيترين ئي معصوم نوجوان نارين جي
زندگي ڳڑڪائي رھي آھي منھنجي ديس
۾ به بک بيروزگاري ۽ بدحالي ماڻھن
کي خدڪشون ڪرڻ تي مجبور ڪري
رھي آھي منھنجي ديس ۾ به وسيلن تي،
نوڪرين تي،پاڻي تي،ڌرتي مان نڪرندڙ
تيل گئس ۽ ڪوئلي تي ڌاڙا لڳي رھيا
آھن سڄو سسٹم ئي ڌرم ڀرم آھي
منھنجي ديس جا به ڪي سورھيه سرويچ
زنده جلي قوم جي انڌيرن سان وڙھي
رھيا آھن اذيت گھرن جون اذيتون ۽ قيد
بند جون تڪليفون ڀوڳي رھيا آھن ۽
پنھنجي قوم جو ڳاٽ فخر سان اچو رکي
رھيا آھن سنڌي قوم کي سوين مسئلن
جي زنجيرن ۾ جڪڙي ھٿ سان مايوسي
پيدا ڪئي پئي وڃي قومي ڪارڪنن کي
مايوس ٿيڻ بدران دنيا جي غلام قومن ۽
غلام سماجن جي آزادي واري ويڙھ بابت
ڄاڻ حاصل ڪرڻ گھرجي انھن جدوجھدن
۾ حصو وٺندڙ عظيم ڪردارن بابت
پڙھڻ گھرجي اڄ آئون ھڪ اھڙي ئي
انقلابي جدوجھد جي عظيم ڪردار سيليا
تي لکڻ ويٺي آھيان ته منھنجي ذھن ۾
اھي ڌرتي ڌڃاڻيون اڀري آيون آھن جن
کي فقط ماني دير سان پچائڻ تان
ڪھاڙي مان ڪڍيو وڃي ٿو نه ته جيڪر
اھي به سيليا وانگر دنيا لاء اتساھ جو
عظيم ڪردار بنجي پيون سگھن اسان
کي خانذادي وانگر ڪاروڪاري ۾ قتل
ناھي ٿيڻو بلڪ سيليا ۽ داني وارو
ڪردار ادا ڪرڻو آھي. سيليا سانچيز ۽
دانئيل اورٹز ڪيوبا جي انقلاب لاء ويڙھ
ڪندڙ اھي عظيم عورتون آھن جن کي
ھميش ياد رکيو ويندو ڪيوبا جي انقلاب
۾ ڪيترن ئي گمنام سپاھين جو
قربانيون شامل ھيون جڏھن به ڪيوبا
جي انقلاب جو ذڪر ٿيندو آھي ته ذھن ۾
ھميش فيڈل ڪاسترو ۽ چي گويرا جا نالا
نمايا ٿي بيھندا آھن چي جھڙا گوريلا
اڳواڻ اڄ به غلام قومن ۽ غلام سماجن
جي آزادي لاء جدوجھد ڪندڙ نوجوانن لاء
اتساھ بڻيل آھن ۽ سندن ھيرو آھن
ڪيوبا جي انقلاب ۾ حصو وٺندڙ ڪجھ
ٻيا عظيم ڪردار ھي آھن سيليا سانچيز،
فيڈل ڪاسترو، چي گويرا، ڪاميلو،
ھيڈي سانتا ماريا، رائول ڪاسترو،
فرينڪ ھيلبا، ويلمان اسپن، جان ايلميڈا. پر اڄ پاڻ سيليا کي ساري رھيا آھيون جيڪا ڪيوباجي اُڀ تي چمڪندڙ سرخ ستاري وانگر ھئي ھوء بھادر ارڏي ذھين ۽ ويڙھو ڇوڪري ھئي ھن ھڪ ڊاڪٽر جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ پاڻ به مسيحا بنجي سڄي قوم جي دردن جو درما ڪيائين 9 مئي 1920ع ۾ ڪيوبا جي ننڍڙي شھر ميڈيا لونيا ۾ پيدا ٿيندڙ ھي ڇوڪري وڏي ٿي سڄي كيوبا جي جنگجو ڌي بنجي وئي سيليا کي ماريا اوچائا (Ochoa Maria (سان ڏاڍو پيار ھو ماريا 10 سالن جي ھئي بٽسيٽا جي پاليل جلادن سندس لڄا لٽ ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جيئن ته سيليا کي ماريا تمام گھڻي پياري ھئي تنھڪري ماريا جي موت سيليا کي جنجھوڙي ڇڏيو سيليا ڏک کي ڪاوڙ ۽ ڪاوڙ کي ويڙھ ۾ تبديل ڪيو.سيليا وٽ ھڪ پسٽل ۽ عظيم خواب کان سواء ڪجھ به نه ھو پر سيليا جدوجھد جو فيصلو ڪري چڪي ھئي سيليا ماريا کي دفن ڪرڻ وقت اھو وچن ڪيو ته ھوء پنھنجي وطن کي وطن ويرين کان پاڪ ڪندي پو اڳتي ھلي اھو واقعو ڪيوبا جي انقلاب جو بنياد بنيو سيليا پنھنجي وطن سان محبت ڪندڙ بائلاجسٹ ۽ نرس ھئي پر ان مان ھو ويڙھو ڪيئن بڻي؟ اسان چڱي ريت ڄاڻو ٿا ته ڏاڍ جبر ظلم استحصال خلاف مظلوم قوم مان اھڑا پٹ ۽ ڌيئون پيدا ٿي پوندا آھن جيڪي پنھنجي ديس جي تقدير بدلائي ڇڏيندا آھن سيليا به ھڪ عام ڇوڪري ھئي جيئن ته سيليا پنھنجي دوست نورا کي لکيل خط ۾ ان جو ذڪر ڪجھ ھن ريت ڪيو آھي ””آئون ھڪ انقلابي يا گوريلا پيدا ڪان ٿي ھئس مون ته ھڪ عام ڇوڪري ٿي جيئڻ چاھيو ھو جنھنجي نالي کان ڪو به واقف نه ھجي جنھن بابت ڪنھن نه ٻڌو ھجي ڪيوبا سان محبت ڪندڙ ڇوڪري ٿي رھڻ چاھيو مون ھر ان شئي کي چاھيو جيڪا ڪيوبا جي انڈلٺ ھيٺ ايندي ھجي ۽ ڪيوبا جو پيار مونکي سيريا وٺي ويو ۽ پو ھوانا ان کي محفوظ ڪرڻ لاء آئون ويڑھو ۽ جنگجو ڪامريڊ بنجي ويس”. اھا ئي محبت آھي جيڪا اسان کي وڙھڻ ۽ وطن تان سر گھورڻ لاء مجبور ڪندي آھي ڪوبه ماڻھو انقلابي پيدا نه ٿيندو آھي جابر قوتن طرفان پيدا ڪيل حالات کيس وڙھڻ لاء مجبور ڪندا آھن بلوچستان ۾ قبائلي سسٹم ھوندي به اتان جي عورت وطن جي جنگ وڙھي رھي آھي بلوچستان ۾ اذيت گھرن جو کاڄ بڻجندڙ عورتن ان روايت کي دفن كري ڇڎيو ته عورت ڪمزور ھوندي آھي کيس غيرت جي ڪوٽن ۾ قيد رھڻ ڏيو. سيليا کي ڀلي ڀت خبر ھئي بٹيسٹا ڪھڙي ريت سيليا جي پياري وطن ۾ ڦرلٹ ڪري معصوم عورتون ۽ ٻار قتل ڪري رھيو آھي آمريڪا مافيا ۽ ٻيون سامراجي
استحصالي قوتون ڪيوبا کي تباھ ڪرڻ ۾ رڌل ھيون اتي ڪيوبا جي ھڪ ڇوڪري جو اعلان ته ظالم جابر ۽
استحصالي قوتن خلاف جنگ ڪجي ۽ ڪاميابي حاصل ڪجي” جرئت منداڻو عمل ھو عام تاثر آھي ڪيوبا جوانقلاب فيڈيل ڪاسترو جي جيل مان آزادي کان پوء شروع ٿيو جنھن ۾ چي گويرا به اچي
شامل ٿيو ھو 85 انقلابن سان گڎجي ستلا پھتا ۽ وڙھيا پر ايئن نه آھي فيڈيل ڪاسترو جي آزادي کان اڳ ئي ڪيوبين ڇوڪري سترا جي جبلن ۽ جھنگن ۾ بغاوت جي چڻگ دکائي چڪي ھئي سيليا جي تحريڪ وھڪري وانگر تيز وھي رھي ھئي ڪيوبا جي ماڻھن سيليا کي ڪيوباس اينگل سڏڻ شروع ڪيو ھواھا خبر جيل ۾ فيڈيل تائين به پھتي ۽
سيليا جي ويڑھ کان متاثر ٿي سيليا کي خط لکيائين ان خط جو مختثر حصو ھيٺ ڏيندي ھلان” پياري سيليا مون
ڪڏھن به توکي ڏٺو ناھي ۽ مدد نه ڪري سگھيو آھيان اھو سوچي تڪليف ٿي متان اھو سڀ تبديل ٿئي آئون اکيون بند ڪري تصور ڪريان ٿو ته مونکي سيليا جو ڪيوبا نظر اچي ٿو،مافيا بٹسيٹا يا آمريڪا جو نه مان ھڪ ڏينھن تنھنجي
مدد ضرور ڪندس سيليا جو ڪيوبا ٺاھڻ ۾”. 1955 وارو دور ھو ڪاسترو کي جيل ۾ ٻيو سال ھوظالم بٹسيٹا
حڪمران ٽولو آمريڪا جي مدد سان ڪيوبا ۾ ڪميونسٹ پارٹي جي نالي سان حڪومت ڪري رھيو ھو جيئن جمھوريت جي نالي سان پاڪستان ۾ فوجي حڪومت ھلي
ٿي. سيليا ۽ سندس باغي ساٿين جي ڪارواين گھڻن جو ساھ سڪائي ڇڏيو ھو آمريڪن ايجنسي CIA سيليا کي
مارائڻ لاء ھڪ مشھور CIA جو قاتل ايجنٹ مقرر ڪيو جنھنجو CIA ۾ موجود ھڪ ڪيوبن ھمدرد قاتل بابت سيليا کي آگاھ ڪيو قاتل جو ڪوڊ موڊسيٹو
ھو. موڊسيٹو اھو ڄاڻي ورتو ته ڪيوبا جا جھنگ توڙي جبل سيليا جا ساٿاري آھن سندن ور وڪڙ رستن کان سيليا خوب واڪف آھي سيليا جي زندگي جو ڏيئو اجھائڻ لاء جھگن ۽ جبلن مان کيس ٻاھر ڪڍڻو پوندو پو ظالم موڊسيٹو سيليا کي چيڑائي کلي ميدان ۾ آڻڻ لاء عورتن
۽ ٻارن کي قتل ڪري سندن جسمن تي پيغام ڇڎي ويندو ھو بلڪل ائين جيئن اڄ ڪلھ بلوچستاني گوريلا اڳواڻ ڊاڪٽر
اللاه نظر کي جبلن مان ٻاھر ڪڍڻ لاء ايف سي بلوچن کي ماري سندن لاشن تي ڊاڪٹر اللاه نظر لاء پيغام ڇڎي ويندي آھي. حساس دل رکندڙ سيليا جو جيء جھوري پيو پرسيليا ڪا به بيوقوفي نه ڪئي 18 بھترين ساٿي ساڻ ڪري
مڈسيٹو وٽان استعمال ٿيندڙ ھڪ گس تي ڄار وڇائي ويھي رھي سيليا موڊسيٹو کي ختم ڪرڻ لاء بھترين پلاننگ ڪئي ھن پنھنجي ساٿين کي ٽن ٽن جي ٽولين ۾ ورھايو سيليا جو اندازو ھو ته موڊسيٹو 6 ساٿين سان ھوندو ۽ 3جيپن جو قافلو ٿي سگھي ٿو سيليا جو
اندازو صحيح نڪتو ھڪ ڪامريڈ واڪي ٽاڪي تان ميسيج موڪليو ته 3جيپون توھان ڏانھن اچي رھيون آھن. سيليا ساٿين جو جائزو ورتو ته ھن جي
نظر داني تي پئي جيڪا 16 سال جي مس ھئي سيليا المينڈا کان داني بابت پڇو اميڈا ٻڌايو ته داني تي ڀروسو ڪري
سگھجي ٿو ھو اڳ به ٻه ويڑھون ڪاميابي سان وڙھي چڪي آھي سيليا کي لڳو داني اوڄاڳي ۽ انتظار جو ٿڪ
برداشت ڪري نه سگھندي ۽ ويڙھ ۾ خوفذده ٿي ويندي پر ھاڻ داني کي بدلائڻ جو وقت نه رھيو ھو سڄي رات جي
اوسيئڑي کان پوء جيپون آيون گوليون ھليون رت وھيو سيليا ھينڈ گرنيڈ اڇلايا ته ھن روشني ۾ داني کي وڻن مان
ڀڄندي ڏٺو سيليا ساٿين جي خيريت
معلوم ڪئي دشمن جي لاشن ۾ موڊسيٹو ن ھو ۽ داني پڻ گم ھئي ايتري ۾ الميڈا سيليا کي ھڪ منظر ڏسڻ لاء چيو 16 سالن جي معصوم داني بدنام زمانه قاتل موڊسيٹو تي پسٽل سڌو ڪيو بيٺي ھئي لھو پياڪ قاتل جي وات مان رت وھي رھيو ھو موڊسيٹو سيليا کي ڏسندي ئي چيو آئون شڪست کائي ويس. سيليا چيو ھا اسين کٹي وياسين تنھنجي ٹرينگ واري اسڪول توکي اھو ڪون سيکاريو ”جيڪو 16 سالن جي داني کي وطن جي محبت سيکاريو”. موڊسيٹو مري ويو سيليا داني کي ڀاڪر پائيندي چيو پياري توکي خبر آھي اڄ تو پنھنجي وطن لاء ڪيڏو وڏو ڪم ڪيو آھي سيليا داني کان پورو نالو پڇو داني
مرڪندي وراڻيو منھنجو پورو نالو دانئيل اورٽز آھي.
سنڌي ماڻھن کي فرسوده ريتن رسمن انسان دشمن سماجن عورت دشمن عقيدن مان جان ڇڎائي پنھنجي نياڻين کي تعليم جي زيور سان روشناس ڪرڻ گھرجي سنڌي سماج ۾ عورت ٻٹي غلامي جي شڪار آھي جيستائين آزادي جي تحريڪ ۾ عورتون شامل نه ٿينديون تيستائين سنڌ جو آسمان غلامي جي ڪارن ڪڪرن سان دونھاٽيل رھندواچو ته پنھنجي نياڻين کي سيليا ۽ دانئيل
اورٽز بڻايون ته يقينن سنڌ ۾ آزادي ۽ انقلاب جو باوقار سج اڀري پوندو..

Print Friendly