مضمون

آزادي جي عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ جون حڪمت عمليون. ظفر سنڌي

جيئن ته وزارت داخله پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي اندر هاڻي جيئي سنڌ جي تحريڪن کي سخت عمل سان ڪچليو ويندو ، ان ۾ ڀلي عدم تشدد يا تشدد ۾ يقين رکندڙ تنظيمون هجن ، سنڌ جا حق گرهندڙ تحريڪون هجن ، يا انساني حقن جو تنظيمون هجن .
ان آپريشن جي شروعات ٿي چڪي آهي ، چوويه ڪلاڪن ۾ سڄي سنڌ اندر مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڇاپا هڻي گرفتاريون ڪيون ويون آهن ، هي سڄو عمل چار مهينا اڳ رٿيل سرڪاري ميٽنگ جو نتيجو آهي ، جنهن ۾ اهيو واضع چيو ويو هيو ته سيپيڪ خلاف مزاحمت ڪندڙ ۽ نقصان ڏيندڙ ڪنهن ڀي تحريڪ کي بخش نه ڪيو ويندو . بلڪل زيرو ٽالرينس سان سخت ڪاروائي ڪئي ويندي .
رد الفساد ملڪ دشمن قوتن کي ڪچليو ويندو ، تازو چيف آف آرمي اسٽاف پڻ اهڙو بيان ڏنو هيو ، انهن سڀن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکندي ، جيئي سنڌ جي سڀ تنظيمن کي ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪجي ٿي ته پنهنجون حڪمت عمليون جوڙي پنهنجو بچاءَ ڪن ، دشمن جي هن عمل کي منهن ٽوڙ جواب ڏين ، جيت سنڌين جي ٿيندي ، جيت سنڌ جي ٿيندي ، حق سچ ڪڏهن مرڻو ناهي ، آزادي ضرور ملندي ….
هي ته ٿي ويو رياست جو عمل ۽ طريقي ڪار ۽ان جو بچاءَ . پر اسان جي سنڌ ۾ اسان جي قومي تحريڪن ۾ يا سنڌ کان ٻاهر ويٺل قومي ماڻهن يا تنظيمن ۽ ادارن ۾ هڪ اهڙي چٽا ڀيٽي يا هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جي وٺ وٺان لڳي پئي آهي ، اهيو مقابلو يا چٽا ڀيٽي بلڪل صحيح هوندي آهي ، پر ان ۾ شرط اهيو هوندو آهي ته هڪ ٻئي کي ڪيرائي يا رنڊائي اڳتي نه وڌجي ، رستا روڪ يا ٻئي کي برو پيش ڪري پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪرڻ گهرجي ، اگر اهيو ائين ڪيو ويندو ته ان سان اڳتي وڌڻ جا موقعا گهٽبا ، فائدي بجائي نقصان ٿيندا ، دشمن ان مان ڄاڻ حاصل ڪندو ، اسان کي ڪچلڻ ۾ ان کي سولائي ٿيندي .
ان عمل سان عام ماڻهو وٽ قومي تحريڪن جو خاڪو جڙندو اهو اهيو هوندو ته ڪامريڊ رڳو مال تي وڙهن پيا ، ماڻهو مارائن پيا ، استعمال ڪن پيا . آزادي تان انهن جو ايمان ئي کڄي ويندو . اسان جا پاڙيسري بلوچ ڀائر ڀي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن ، انهن جون ڀي ڪيتريون ئي تنظيمون آهن ، انهن ۾ ڀي پاڻ ۾ اختلاف آهن ، پر اهي اختلاف ذاتي ڪردارن تي ناهن ، هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ لاءِ ناهن ، هڪ ٻئي جا مارا بڻيل ناهن پر حڪمت عملين تي تضاد آهن .
اسان سنڌين جي نالي اهيو تاثر ويهي پيو ته هر اڳواڻ ٻئي اڳواڻ جي گلا ، هر ادارو ٻئي اداري جي گلا ، هر تنظيم ٻئي تنظيم جون غلطيون سڄي دنيا تائين پهچائي ٿي ، ان ڪري هر شخص اسان تي کلي ٿو ، ٽوڪ ڪري ٿو.
انهي عمل جي ڪري اسان صرف گهاٽي ۾ وڃي رهيا آهيون . قومي تنظيمون ڪو ٻارڻ نه ٻاري سگهيون آهن ، آزادي جي عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ويجهو ڀي نه وڃي سگهيا آهيون . هاڻي ڀي وقت ناهي ويو ، اگر سنڌ سان سچائي آهي ، مقصد سان سچائي آهي ، واقعي آزادي جي راه ۾ هلڻو آهي ، آزادي وٺڻي آهي ته اسان کي پنهنجي رويين کي درست ڪرڻو پوندو ، هر تنظيم ، هر اڳوڻ ، هر شخص ۾ ڪچايون پڪايون هونديون آهن ، هڪ گهر ۾ ٻن ڀائرن جا خيال ڀي نه ملندا آهن ، پر ان جو اهيو مقصد ناهي هوندو ته پنهنجي گهر جي جهيڙي کي دنيا وارن کي ٻڌائي پاڻ تي ماڻهو کلائجن ، پاڻ کي نقصان رسائجي .
سنڌ کان ٻاهر ڪم ڪندڙ سنڌي تنظيمن ۽ ادارن کي ڀي ان ڳاله جو خيال رکڻ گهرجي ته ذاتي مفادن ۽ پنهنجي چوڌرائپ جي چڪر مان نڪري ، قومي مقصد جي برابري جي نسبت سان مالڪي ڪن ، سڳي ۽ نڳي حلالي ۽ حرامي جي ٺپن لڳائڻ کان پاسو ڪن ، گروه بنديون ٺاهڻ کان پاسو ڪن ، نيڪ نيتي سان آزادي جي راه ۾ هلن ، ڪنهن جا ڀي پير ڪڍڻ کان پاسو ڪن ، متان ائين نه ٿئي ته توهان جي چند ڏينهن جي خوشحالي خاطر قومي آزادي پري هلي وڃي جيڪا تاريخ جي ستم ظريفي چئبي .
سنڌ جي واسطي ، سائين جي ايم سيد جي واسطي ، اسان جي ايندڙ نسلن واسطي ، ڀٽائي ۽ سچل جي واسطي ، سنڌ ماءَ لاءِ سر ڏيندڙ آزادي جي متوالن جي واسطي ، ڌرتي جي شهيدن جي اولاد ۽ ونين واسطي ، کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي گهر وارن جي واسطي ، پنهنجي ذاتي مفادن مان نڪري ، پنهنجي پاڻ کي چڱو مڙس مڃرائڻ جي چڪر مان نڪري ، شخصي خصيص ڪجه ڏينهن جي خوشحالي ۽ مفادن مان نڪري قوم ۽ وطن لاءِ سوچيو ، آزادي لاءِ سوچيو ، وقت نه وڃايو گڏجي پئو گڏجڻ ۾ ئي مزو آ .

اچو سڀ گڏجي پئون ، اچو سڀ اٿي پئون ،
آزادي جي رستي ۾ ، هلو سڀ نڪري پئون ،

ماڻي وٺنداسين منزل ، گهڻو پري ڀي ته ناهي ،
بس قدم سان قدم ته ملايو ، هٿ ۾ هٿ ڳنڍايو ،

هي چٿرون هي غلائون ، ڇڏيو هاڻي بس خدارا ،
سڀ ڪچهيرون صلاحون ، ڪيو ڪي ڀلايون ڀلارا ،

سڀن سان ملڻ ۾ مزو آ ، گڏجي کلڻ ۾ مزو آ ،
ڪڌورتون ڪوري ڪڍو هاڻي ، ڀاڪرن ۾ بس سلو آ ،

وقت ڏکيو جو آيو آهي ، هاڻي ٻڌي ۾ ئي مزو آ ،
ڇڏيو هڪ ٻئي سان ٻيائئ ، بس پرچڻ ئي ڀلو آ ،

پنهنجو ئي ته منهن آ ، موچڙو ڀي ته پنهنجو آ ،
هي ڇا ته ماجرا آ ، هي ڀلا ڪهڙي سياڻپ آ ،

اسان تي کلي پيو هاڻي ، هي سنسار سارو ،
ڏسو دشمن ڀي ته ڪيڏو ، نه هاڻي خوش آ ،

هي عرض منهنجو ، سڀن کي هٿ ٻڌي آ ،
ٻڌو سندرا وڃايو نه ، ٿيل وڏن جي ڪمائي ـ

Print Friendly