علائقائي خبرون

سنڌ ۾ آزادي پسند تنظيمن خلاف آپريشن جو فيصلو

 

وفاقي حڪومت سموري سنڌ ۾ آزادي پسند قومي تحريڪ (جيئي سنڌ ) جي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف گرينڊ آپريشن جون تيارون مڪمل…!!

آپريشن جي شروعات سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ نوابشاه کان ڪئي ويندي. آپريشن ۾ رينجرز ۽ پوليس سان گڏ ڳجهن ادارن جا اهلڪار پڻ شامل هوندا. ڪارڪنن کي گرفتاري بعد ٿاڻن ۽ جيلن بدران نامعلوم هنڌن تي رکيون ويندو، ڳجهن ادارن جو هڪ رپورٽ ۾ چوڻ آهي ته جيئي سنڌ سان لاڳايپل پارٽيون هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۾ پهريان کان وڌيڪ منظم ٿي رهيون آهن ۽ ڪجه عرصي دوران سندن سياسي سرگرميون وڌي ويو آهي، جيئي سنڌ نئي حڪمت عملي تحت هاڻي سنڌ جي شهري علائقن ۽ وڏن شهرن کي پنهنجي جدوجهد جو مرڪز بڻايو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڳجهي نموني تنظيمي نيٽورڪ ٺاهيون ويو آهي انهن ٻن شهرن جي پريس ڪلبن سميت شهرن جي مختلف علائقن ۾ مختلف قسمن جا تنظيمي پروگرام ٿين پيا، سنڌ جي مختلف ننڊن شهرن ۽ ڳوٺن کان ڪارڪن ڪراچي ۽ حيدرآباد اچي رهائش اختيار ڪري تنظيمي ڪم ڪرڻ لڳا آهن جيڪي صورتحال مستقبل ۾ سنڌ جي شهرن ۾ سياسي ۽ نسلي وڳوڙ ڪرائي سگهي ٿي، جيئي سنڌ جي پارٽين جي شهرن ۾ وڌندڙ سرگرمين کي روڪي نه ويو ته شهرن جي مختلف علائقن تي سندن سياسي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو اهڙي صورتحال بعد سندن سرگرمين کي روڪڻ مشڪل ٿي ويندو. سنڌ جي هڪ وڏي قومپرست پارٽي آگسٽ مهيني ۾ قائد اعظم جي مزار جي ٿوري فاصلي تي ڪراچي جي مصروف علائقي ۾ سموري سنڌ کان ڪارڪن ۽ همدرد گهرائي آزادي جي نالي هڪ وڏو جلسو ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن ۾ 2 کان 5 لک ماڻهون شرڪت ڪري سگهن ٿا ايتري وڏي تعداد ۾ قومپرست ڪارڪنن جي مصروف علائقي ۾ پهچڻ تي امن امان جو مسئلو بڻجي ويندو.

Print Friendly