عالمي خبرو

درد ونديءَ جو ديس وسي پيو؛سنڌ ۾ برسات بعد گرميءَ جو زور ٽٽي ويو

سنڌ ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن سکر، قمبر، نئين ديري، پني عاقل،صالح پٽ،خيرپور، ڪنب، ٺاروشاهه، ڊرگهه بالا، ڇاڇري، لاڙڪاڻي، جوهي، ڏوڪري، ٽنڊي باگي، اوٻاوڙي، لکي غلام شاهه، ٺل، ٽنڊي غلام علي، جروار ۽ ٻين علائقن ۾ ڪڪر وسي پيا، گرمي جو زور ٽٽي ويو، ماروئڙن جي چهرن تي مُرڪون اچي ويون، ماڻهن موسم جو مزو وٺڻ لاءِ تفريحي هنڌن جو رخ ڪيو، ڇاڇري جي ڳوٺ ڪرانگڙي ۾ برساتي پاڻي جي ترائي ۾ 5 ورهين جي نينگري صائما ٻُڏي فوت، لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته مريد شاخ ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب وسيم احمد فوت، جميل ۽ حبيب ڪوش زخمي، لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، برسات بعد نئين گاج 15 فُٽ وهي اچڻ سان علائقي جي 50  کان وڌيڪ ڳوٺن جو نئين گاج جي وھڪرن مٿان پلون ٺھڻ سبب دادو ۽ جوھي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، ڏوڪريءَ ۾ مٽي جي طوفان سان برسات پئي، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، پني عاقل ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، عوامي آواز تعلقي رپورٽر نور محمد سومري جو گهر پاڻي هيٺ اچي ويو آهي،نئين ديري ۽ ڀرپاسي نالا ابتا وهڻ لڳا، برساتي پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ ڪاهي پيو، برسات عوام لاءِ ڪٿي رحمت ته وري ڪٿي زحمت بڻجي وئي0

Print Friendly