علائقائي خبرون

سنڌ جو انمول عاشق شهيد اعظم سرائي قربان کھاوڙ..!!! سندر ڪمار واسواڻي

 

سنڌ جي تاريخ ۾ انمول ڪردارن جي هڪ ڊگهي فهرست رهي آهي جنهن ۾ شهيد راجا ڏاهر کان ويندي شهيد ذاڪر حسين بوزدار تائين شامل اهڙا جوڌا آهن جيڪي تاريخ ۾ پنهنجو تسلسل مختلف روپن ۾ وقتن بوقتن ظهور ڪندا رهيا آهن….
شھيد اعظم سرائي قربان کهاوڙ پڻ هڪ انمول ۽ مزاحمتي ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ درج ڪيو جيڪو صدين تائين سنڌ جي سيني تي چٽيل رهندو ۽ هڪ مثال طور هميشہ ياد ڪيو ويندو….
شھيد اعظم سرائي قربان کھاوڙ ٻاراڻي ۾ ئي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي عاشقن منجهان پاڻ کي ڳڻايو…. هن ڪاليج جي دور ۾ ئي جساف کي جوائن ڪيو ۽ سيد جي روحاني حلالي پٽن منجهان ٿيو…
سنڌ جي ارڏي عاشق شهيد سرائي قربان کھاوڙ جو ڪردار هڪ نرالو ۽ تاريخي ثابت ٿيو جيڪو آخري وقت تائين سيد جي فڪر جو محافظ رهيو ۽ سلھاڙيل رهيو…
سڀاڻي 22 جولائي تي شهيد اعظم سرائي قربان کهاوڙ جي 46هين سالگراھ آهي جنهن جون وڌايون سنڌي قوم کي پيش ڪجن ٿيون…
اسان وطن جي آزاديءَ ڏانهن سرائي قربان کھاوڙ جي ڇڏيل مشن تي قدم بقدم هلڻ جو وچن ورجايون ٿا

Print Friendly