مضمون

.گم ڪيل قومي ڪارڪن ۽ سينيٽ ۾ اٿاريل آواز،،رزاق عاصي

سنڌ مان وڏي عرصي کان قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪري کين مهينن ڇا پر ورهين تائين به لاپتا رکيو وڃي ٿو. اهڙي عمل خلاف نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ به احتجاج ٿين ٿا پر اهڙن احتجاجن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو پئي ويو آهي. ان سان گڏوگڏ پوليس ۽ اعليٰ عملدار به پنهنجي ٿاڻن جي حدن مان گم ڪيل ماڻهن جي گمشدگي کان هميشه لاتعلقي جو اظهار ڪندي نظر ايندا آهن، جنهن سبب کنڀي گم ڪيل ماڻهن جا ڪٽنب مايوس ۽ ٻڏتر جو شڪار رهن ٿا ۽ هنن جي وس وسن ۾ پڻ اضافو ٿيندو رهيو آهي ته الئه سندس پيارا زندهه به آهن يا کين ماري ڪٿي چچريل لاش جي صورت ۾ اڇلايو ويو آهي.

اهڙي صورتحال ۽ مسلسل احتجاجن ۽ تازو وائيس فارمسنگ پرسن جي حيدرآباد کان ڪراچي تائين ڪيل لانگ مارچ بعد اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ پ پ جي سينيٽر ۽ سينيئر جيالي تاج حيدر رٿ پيش ڪندي اهو مو قف اختيار ڪيو آهي ته آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ماڻهو کنڀي گم ڪري رهيون آهن، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ادارا پارليامينٽ جي ماتحت ناهن ۽ اهڙيون ڪارروايون اسان کي ڪنهن به صورت برداشت ناهن. تاج حيدر هڪ اها به اهم ڳالهه ڪئي ته قومپرست پارٽين سان اختلاف آهن پر سندن ماڻهو گم ڪرڻ سٺو عمل ناهي. اها انساني حقن جي کليل لتاڙ آهي.

سينيٽ ۾  ٿيل بحث ۽ انساني همدردي سان نه رڳو کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي پونيئرن کي آٿت ملي آهي پر ان سان گڏوگڏ پ پ کي سنڌ مان ايندڙ وقت ۾ عوامي حمايت ملڻ جي به اميد ڪري سگهجي ٿي. اسان هن خيال جا آهيون ته هر ماڻهو کي پنهنجي سياسي نظريي توڙي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ جي انساني، اخلاقي ۽ قانوني اجازت هجڻ گهرجي ۽ ملڪي قانون موجب به هر ماڻهو کي اظهار جي آزادي جو حق به مليل آهي ۽ اهڙي شق رياست جي آئين ۾ به موجود آهي.

سنڌ مان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جي روايت ڊگهي عرصي کان هلندي پئي اچي، تازين ڪاررواين ۾ 64 ماڻهو گم ڪيل آهن، جنهن ۾ سهيل ڀٽي کي 2 سال، مجيب چولياڻي کي 9 مهينا، نديم سيال کي 1 سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. فضيلا سرڪي کي 8 سال، عمران جوکيو کي 6 سال ٿي ويا آهن. جڏهن ته صابر چانڊيو، انصاف دايو، مختيار عالماڻي، ليکڪ غلام رضا جروار، سيف جتوئي، سجاد شاهه، محمد خان وگهيو، هدايت لوهار، خادم آريجو، شبير  آزاد بليدي، سني ڪاڪيپوٽو، اعجاز ڳاهو، الله وڌايو مهر، فياض ڏاهري، لياقت چنا، التاش ٽالپر، فرمان هڱورو، عتيق وسطڙو، نديم ڪولاچي، نويد ميراڻي، بخش علي مغيري، ايوب ڪانڌڙو، مرتضيٰ جوڻيجو، پٺاڻ خان زهراڻي ۽ ٻيا شامل آهن، جن لاءِ سندن وارث، قومپرست پارٽيون ۽ انساني حقن جون تنظيمون احتجاج ڪري رهيون آهن پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اڃا تائين نه ئي ڪنهن کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي گرفتاري  ظاهر ڪئي آ هي نه وري سندس وارثن کي سندن گمشدگي جو ڪو اطلاع ڪيو آهي، جيڪو عمل نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي پر اهڙو عمل عدالتن  ۽ قانون کان به مٿانهون آهي.

حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته ملڪ ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن توڙي پارٽين کي  احتجاج ڪرڻ جو به حق ناهي ڏنو ويو. حيدرآباد پريس ڪلب تي جڏهن 17 جولاءِ تي پنهنجي پيارن جي سلامتي ۽ آزادي لاءِ سندن وارث ۽ آزادي پسند تنظيم جسمم هڪ ريلي ڪڍي رستن تي نڪتا ته دنيا ڏٺو ته عورتن، ٻارڙن ۽ ماڻهن تي نه رڳو تشدد ڪيو ويو پر 12 کان وڌيڪ احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري مٿن غداري جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت ڪالهه جڏهن سرجاڻي ٽائون مان کنڀي گم ڪيل جسم وائيس چيئرمين ممتاز بروهي ۽ ٻين ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو کنڀي گم ڪيل پارٽي ڪارڪنن لاءِ جڏهن پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب آيو پئي ته ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس کيس گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪيو، پر جڏهن هو حيدرآباد پريس ڪلب پهتو ته رينجرز اهلڪارن کيس پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان منع ڪيو پر صحافين جي مداخلت تي هن کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ ڏني وئي. اتي سوچڻ جو مقام اهو آهي ته هڪ پاسي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ته ٻئي پاسي اهڙي ناانصافين خلاف احتجاج ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي. ڇا پنهنجي ڪنهن پياري جي آزادي لاءِ احتجاج ڪرڻ به غداري آهي؟

خير اسين ته ان خيال جا آهيون ته ڏوهاري کي ڏوهه جي سزا ملي پر جيڪڏهن هڪ فرد ڏوهاري آهي ته ان جي ڏوهن جي سزا سموري قوم کي ڏيڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو انتهائي ڀوائتو روپ آهي. جنهن سبب رڳو نفرتون پکڙجنديون جيڪي نه ته رياست  جي حق ۾ آهن نه ئي پارليامينٽ جي سياست ڪندڙ پارٽيون اهڙين نفرتن کي منهن ڏئي سگهنديون. اها به سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اڳ بلوچستان ۽ هاڻ سنڌ جون حالتون انتهائي حساس ٿينديون پيون وڃن، جيڪي ملڪ جي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن. بهرحال جهڙي ريت کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جا وارث پنهنجي پيارن جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا آهن، اهڙيءَ ريت عالمي ادارن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جو به اهو مطالبو آهي ته کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ هاڻ سنڌي قوم کي به ان زيادتين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته حالتون ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿي وينديون. تاريخ شاهد رهي آهي ته جيستائين قومون ظلم برداشت ڪنديون .رهنديون ته تاريخ ۾ هو غلام هجڻ کانسواءِ پنهنجي ٻي ڪا به سڃاڻپ ٺاهي ناهي سگهنديون.

Print Friendly