مضمون

ڪهاڻي مسنگ پرسنس _________ يسونت مهراج 

 


مُوسو: جوسا هي پوليس جي ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ ۽ کنڀجڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي.
جُوسو: جنهن کي پوليس گرفتار ڪندي آهي، اُهي ڏي وٺ تي ڇُٽي ويندا آهن، رقم ڪيس ڪهڙي قسم جو آهي، انهي جي مطابق طئي ٿيندي آهي. پوليس گرفتار ڪري سڌي ٿاڻي تي وٺي ويندي آهي.
باقي کنڀجڻ جي ڳالهه نه پُڇ.
ماڻهو کي کنڀجڻ لاءِ پوليس کان علاوهه ٻين به ڪيترن ئي اداري جي ضرورت پوندي آهي.
کنڀڻ لاءِ ايندڙ نه عورت جي عظمت جو خيال ڪندا آهن نه وري ٻار ٻچي جو، اڪثر آڌي جي اچي ڪڙڪندا آهن، انهن کي ٻارن جي روڄ راڙي جي پرواهه ڪونه هوندي آهي.
کنڀڻ لاءِ ايندڙ ڪيترائي وري سول ڊريس ۾ هوندا آهن، خبر ئي ڪون پوندي آهي ته اهي ڪنهن مُلڪ جي سلامتي جي ۽ عوام جي جان مال ۽ تحفظ واري اداري جا ملازم آهن يا ڪي ڌاڙيل آهن. انهن مان ڪيترن ئي کي ته منهن تي ٻُٽ ٻڌل هوندا.
کنڀيندڙن کان جيڪو به سوال پُڇندو آهي، ته اهي بندوقن جا بٽن سان سوال پُڇڻ وارن جا جبڙا ٽوڙي ڇڏيندا آهن.
ٻي وڏي ڳالهه ته کنڀي کڻي ويندڙ ماڻهو کي پاتال لوڪ ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن. کنڀجي ويندڙن جي جسمن جي نازڪ عضون تي وڏو ٽارچر ڪيو ويندو آهي، پوءِ ڪي ويچارا ٽارچر دوران ئي شهادت ماڻيندا آهن ته ڪن کي وري اڌ مُئي حالت ۾ ڪنهن ويران رستي تي ڦٽو ڪري ويندا آهن. ڪِن جا لاش مائٽن کي نصيب ٿيندا آهن ته ڪن کي وري جانور کائي ويندا آهن. خوشنصيب اُهي مائٽ آهن جن کي پنهنجن پيارن جا لاش ملندا آهن، بدنصيب اُهي آهن جن کي اها خبر به ڪونه پئجي سگھندي آهي ته انهن جا پيارا زندهه آهن يا شهادت ماڻي چُڪا آهن، اهڙن جوڌن جون مائرون ۽ ڀيڻيون پنهنجيون باقي پوريون حياتيون ماتم ڪنديون رهنديون آهن، در در ڀٽڪنديون رهنديون آهن.
ڪورٽون سڳورن کنڀجي کڄي ويندڙن کي ”گمشدهه افراد“ ڪوٺيندي آهي. اسان جهڙا پڙهيل لکيل ماڻهو وري ڪچي پڪي انگريزي ۾ وري اهڙي کڄي ويندڙ ماڻهن کي ”مسنگ پرسنس“ ڪوٺيندا آهن.
پوليس وٽ گرفتار ماڻهو کي ڇڏائڻ آسان هوندو آهي، پر کنڀجي کڄي ويندڙ جي لاءِ احتجاج ڪندڙ پاڻ کنڀجي ويندا آهن، انهي ڪري کنڀجي ويندڙ ماڻهن لاءِ صفا ڪي سرفروش احتاج ڪندا آهن يا ڪي انهن جا پيارا احتجاج ڪندا، باقي ليڊرن ٻيڊرن جون ته شلوارون آليون ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن.
موسو: جوسا آخر انهن کنڀجي کڄي ويندڙن جو ڏوهه ڪهڙو هوندو آهي.
جوسا: انهن جو ڏوهه فقط ايترو هوندو آهي ته اِهي ڌرتي کي پنهنجي ماءُ سڏيندا آهن.
موسو: توبهه منهنجا مالڪ، ننڍڙي ڏوهه جي ايڏي وڏي سزا.

Print Friendly