مضمون

قومپرست سياسي ورڪرن لاءِ سوڙها ٿيندڙ دڳ..لطيف جمال

هڪ پنجابي ماهئي جون سِٽون آهن ته: ”گورا رنگ نه دي او ربا!، سارا پنڊ وير پي گيا“ (گورو رنگ نه ڏي او خدايا! سڄو ڳوٺ ويري بڻجي وڃي ٿو.) سنڌ جي سياسي اتهاس سان به اهو لقاءُ آهي. تنگ نظر سياسي تصورن مان نڪري جيڪڏهن ڪو سياسي ورڪر مثبت سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ مُفادن کان مٿانهون ٿي سوچي ٿو ۽ سماج مان هر ننڍي وڏي بُرائيءَ جي بُنيادن کي سمجهي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو ته اُن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وڃي ٿي. اقبال جو شاهين جيڪو هڪ اُردو دانشور چواڻي ته ”طاقت ۽ توانائيءَ جي علامت بڻيل آهي“ سو پنهنجي مخصوص سوچ سان سامهون اچي ٿو. تڏهن آرٽسٽن ۽ سياسي مُخالفن کي ختم ڪرائڻ لاءِ اسٽالن جو دور ياد اچي وڃي ٿو، جيڪو مُخالفن کي سازشن هيٺ نه رُڳو گُم ڪرائيندو هو پر کين ڪنڌ ۾ ڪوڪا ۽ نرڙن ۾ نيل هڻي خاموش ڪرائيندو هو. هاڻ هن مُلڪ ۾ جيڪڏهن ڪو سياسي اخلاقيات جي ڳالهه ڪري ٿو يا پنهنجي بُنيادي قومي، سياسي ۽ آئيني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُها سنگين گُناهن جي زمري ۾ اچي ٿي. ڪيترن ڏينهن کان سنڌ ۾ قومپرست پارٽين جي سياسي ورڪرن جي جبري گُمشدگين جا قصا اخبارن جي زينت بڻيل آهن. جڏهن ته ورهين کان جبري گُمشدگيون ۽ اُن کان پوءِ روڊن ۽ رستن تي تشدد سان چچريل لاشن جو مِلڻ ته معمول تي رهيو آهي پر هن وقت اوچتو سنڌ ۾ جبري گُمشدگين وارن واقعن ۾ ٻيهر تيزي آئي آهي. جيڪا ڳالهه سنڌ جي مجموعي پُرامن سياسي مزاج لاءِ ڪو سُٺو سئنوڻ ثابت ٿي نٿي سگهي. اها ڳالهه بار بار ورجائبي رهي آهي ته سنڌ اندر خراب سياسي حُڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروريءَ واري معاملي تي ته رياستي ادارا خاموش آهن پر پُرامن سياسي ورڪرن کي جبري طور اغوا ڪرڻ ۽ کين گُم ڪري سالن تائين ظاهر نه ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جا ٽي اڳواڻ پڻ اهڙي جبري گُمشدگيءَ کان پوءِ جلد ئي ظاهر ڪيا ويا. جن تي پيپلزپارٽيءَ جا موجوده اڳواڻ مُختلف وقتن تي بيان ۽ پريس پڌرايون پڻ جاري ڪندا رهيا. ڪنهن به پارٽي يا تنظيم سان سلهاڙيل ڪنهن به فرد کي جبري طور گُم ڪرڻ ۽ عرصي تائين قيد رکڻ وارو طريقو ڪنهن به طرح قانون جي زمري ۾ نٿو اچي. سنڌ مان هر ٻئي چوٿين ڏينهن تي سِول ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهو ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ اچن ٿا ۽ سرِعام سياسي ورڪرن کي مُختلف ڳوٺن ۽ شهرن مان کنڀيندا ۽ گُم ڪندا رهن ٿا.

هڪ پاسي مُلڪ ۾ انتها پسند قُوتون آهن، جيڪي سنڌ مان معصوم نياڻين جي دماغن کي تبديل ڪرڻ وارو ڪم ڪري رهيون آهن. جيڪي ان حد تائين اڳتي نڪري وڃن ٿيون، جو کين واپسيءَ جو رستو به نظر نٿو اچي. ٻئي پاسي اعتدال پسند سياسي پارٽين جي ورڪرن مٿان چڙهايون ڪري کين جبري طور اغوا ڪري گُم ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان نه رُڳو اُنهن جا خاندان مُعاشي بدحالين جو شڪار ٿين ٿا پر اُهي خطرناڪ نفسياتي خوف وارين بيمارين ۾ به مُبتلا ٿي وڃن ٿا. جنهن جو هڪ مثال واحد بلوچ جي نياڻيءَ پاران انگريزي اخبار کي لکيل اُهو خط به آهي، جنهن خط کي حساس دليون پڙهي سگهڻ جيتري به همت ڪري نه سگهيون. ساڳيءَ ريت سنڌ اندر عرصي کان ائين ٿيندو رهيو آهي، جو نوجوان سياسي ڪارڪنن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ اُنهن جا وارث احتجاج ڪن ٿا، پريس سان رابطا ڪن ٿا، بيان جاري ڪن ٿا، گُم ٿيل نوجوانن مٿان ڪنهن به قسم جا ڪيس هُجڻ لاءِ کين عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جا مُطالبا ڪن ٿا پر اُنهن جي ڪنهن به ڳالهه تي ڌيان ڌرڻ بجاءِ نوجوانن کي پڪڙِي وحشياڻي تشدد کان پوءِ کين رستن تي اُڇلايو وڃي ٿو. اهڙو ڀيانڪ لاڙو سنڌ جي سياست کي ڪنهن نفسياتي خوف ۾ مُبتلا ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي پُرامن سياست کي پُرتشدد واٽ تي وٺي ويندو. سنڌ جا سنجيده ۽ سياسي حلقا سياسي ورڪرن سان اهڙي سلوڪ تي ڏُکويل آهن. تشدد ڪنهن به طور تي امن جا رستا ناهي کوليندو پر تشدد هميشه تشدد جا رستا کوليندو آهي. هِن خطي ۾ جيڪا صورتحال پئدا ٿي آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ جا نوجوان کنڀي کنيا وڃن ٿا ۽ تشدد ڪري اُڇلايا وڃن ٿا يا ماريا ويندا رهيا آهن. اُن سان سنڌ ۾ سياسي انارڪيءَ جي وڌڻ جا امڪان آهن ۽ سنجيده سياست جي راهن اڳيان رُڪاوٽون کڙيون ٿيل نظر اچي رهيون آهن. انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال اها آهي، جو طاقتور قُوتن جي اهڙي رويي سبب اسيمبلين ۽ ايوانن تان عوام جي ويساهه کڄڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن عوام جا چونڊيل اُميدوار سنڌ جي نوجوانن لاءِ اسيمبلين ۾ آواز اُٿارڻ وقت نفسياتي خوف ۾ مُبتلا ٿي وڃن، تڏهن مجموعي طور تي اِن تاثر کي وڌيڪ سگهه مِلي وڃي ٿي ته هن مُلڪ ۾ اسيمبلين ۾ ويٺلن جو آواز به ڪنهن اڻڄاتل خوف جو شڪار بڻيل آهي.

جيتوڻيڪ پيپلزپارٽيءَ پنهنجي پارٽيءَ سان وابسته ورڪرن جي جبري اغوا ڪري گُم ڪيلن لاءِ ته ايوانن ۾ آواز ته اُٿاريو پر ساڳي پارٽي سنڌ اندر گُذريل ڪيترن سالن کان مُختلف سياسي پارٽين جي ورڪرن جي اغوا ۽ گُمشدگين جي حوالي سان چپن تي تالا لڳائي ويٺل آهي. جيتوڻيڪ سنڌ اندر نوجوانن جي اغوائن ۽ گُمشدگين جي حوالي سان ايوانن ۾ ويٺل نامِ نهاد سنڌ دوست هُجڻ جي دعوا ڪندڙن مان اها توقع رکڻ اجائي آهي ته اُهي ڪي پُرامن سياسي ورڪرن مٿان اهڙي رياستي ڏاڍ خلاف ڪو آواز اُٿاريندا، ڇاڪاڻ ته اُهي ايوانن ۾ سنڌ جي  مجموعي آواز کي پُهچائڻ ۽  سنڌ جي نُمائندگي ڪرڻ جي بجاءِ وات ڦاڙ تقريرون به ان ڪري ڪندا آهن ته جيئن کين ڪا سڻڀي وزارت مُيسر ٿي سگهي. هن وقت ”وائيس آف مسنگ پرسنس آف سنڌ“ جي انگن اکرن موجب سنڌ مان سياسي توڙي غيرسياسي وابستگين جي بُنياد تي80 ماڻهو گُم ڪيا ويا آهن. جن کي اڃان ظاهر نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اغوا ٿيندڙن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به سياسي ڪارڪن جي خلاف ڪي ثبوت آهن يا اُن جو ڪو ڏوهه آهي ته مُلڪي عدالتن ۾ اُنهن جا ڪيس هلائڻ گُهرجن ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ اُنهن کي سزائون ڏنيون وڃن، پر اها انتهائي وڏي ناانصافي ٿيندي، جو سنڌ جي سياسي ورڪرن کي اغوا ڪري گُم ڪيو وڃي ۽ پوءِ سنڌ اُنهن جا لاش روڊن، رستن تان ميڙيندي رهي.

Print Friendly