مضمون

سنڌ،سورهيه بادشاهه ۽ حر: سجاد شر

 

حر گوريلا جنگ جو سرواڻ، شهيد سورهيه بادشاه
حر گوريلا جنگ جو سرواڻ، شهيد سورهيه بادشاه

 

 سنڌ جي مٽي سدا مردم خيز رهي آهي، هن ۾ اڙٻنگ انسانن جي اڻاٺ ڪنهن به دور ۾ ناهي رهي،انهيءَ ڪري سنڌ جي صدين تي محيط تاريخ ۾ کوڙ اهڙا ڪردار مليو وڃن جن تنهن دور جي معصوم ماڻهن جي مالڪي بچاءُ ۽ انهن جي بهتري ۽ بهبود لاءِ ميدان تي اچڻ پنهجو فرض سمجهيو آهي.راجا ڏاهر ۽ دودو سومرو ته ملڪ جا مالڪ ۽ حڪمران هئا ان ڪري انهن هلان ڪندڙ سامراج سان وڙهڻ کي اوليت ڏيندي جام شهادت نوش ڪيو پر ان کا پوءِ دولهه دريا خان، مخدوم بلاول، شاهه عنايت، هوشو شيديءَ سميت ڪيترائي املهه انسان مٽيءِ جي ملهه جو مان مٿانهون ڄاڻيندي ڌرتيءِ تان واربا رهيا آهن.

هون ته مٽيءِ جي چپٽي آهيان

جــيئي ديــس ته ڌرتــي آهـيان

جڏهن 1843ع ۾ اڇي ۽ ڳاڙهي رنگن وارين پٽين مان جڙيل سنڌ جو جهنڊو حيدرآباد واري قلعي تان هوشو جي ڪريل تلوار کان پوءِ ڪيرائي برطانوي سامراج جو جهنڊو جهولايو ويو ته ميرن جي صاحبيءِ کان بيزار ماڻهو به سوڳ ۽ سڪتي ۾ وٺجي ويا هئا ڇو ته اهلِ شعور ڄاتو ٿئي ته قومون آزادي وڃائي ويهن ته انهن جي حالت بدتر کان بدتر ٿي ويندي آهي.انهيءَ خال کي پورو ڪرڻ ۽ غلام بڻايل قوم جي اوج ۽ آزادي موٽائڻ لاءِ ماڻهو مٽيءَ مان ڦٽندا رهيا آهن.بلڪل اهڙي ريت سنڌ جي سامراجيت جي چنبي هيٺ اچڻ جي ستهٺ ورهين پڄاڻان پيرڳوٺ ۾ راشدي خاندان ۾ چشم چراغ جنم ورتو جنهن جو نالو صبغت الله شاهه رکيو ويو. روضي ڌڻيءَ جي درگاهه جي جانشين ۽ اڪيلي وارث ڄمڻ شرط شايد دڪو به سون ۽ چاندي جي چمچن ۾ ورتو هو پر اهو ڪالهه جو ٻار جڏهن وڌي وڏو ٿيو ته ان وقت ننڍو کنڊ (هندوستان) مڪمل طرح سان انگريزن جي ڪالوني بڻيل هو.

هر طرف سانت هئي بس ٿوري گهڻي سياسي جدوجهد به ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اقتدار ۾ ڀائيواري ۽ حصي پتي جي محور هيٺ پئي ڦري،مڪمل آزادي بجاءِ گورن جي سرڪار هيٺ رهڻ جون تدبيرون هيون هر طرف گول ميز ڪانفرنس کان ويندي پارٽي گڏجاڻين ۾ اسان جو حصو گهرجي جا نعرا هئا.اتي ڪجهه سر ڦريا نوجوان هندوستان جي ڪنهن ڪنڊ ۾ چندر شيکر آزاد، ڀڳت سنگھ، هيمون ڪالاڻي جي صورت ۾ وڙهي رهيا هئا.جيئن مرشد لطيف چيو؛

جت پکي نه پير تت ٽمڪي باهڙي

ٻيو ٻاريندو ڪير؟ کاهوڙڪي کير ري

اهو پرهه جو پيغام جنهن جو مقصد وطن ۽ ويڙهيچن سان نينهن نڀائڻ ۽ سر قربان ڪرڻ هو اهو مُکي ٻيلي جي گڙنگ بنگلي کي مسڪن بڻائيندڙ صبغت الله شاهه راشدي تائين پڻ پهتو. انهيءَ سڄي ڪاروان جي اڳواڻي نيتا جي جي نالي سان مشهور سڀاش چندر بوس ڪري رهيو هو. جيڪو هندوستان ۾ انگريزن خلاف مسلح جدوجهد، منظم ويڙهه ۽ مزاحمت جي ذريعي دشمن کي ڌڪڻ جو حامي هو. سڀاش چندر بوس جا لفظ ”قومپرستي ماڻهپي جي اعليٰ معيار جي نشاني آهي ۽ ان جو بنياد ستيم (سچ) شيوم (خدا) سندرم (خوبصورت) تي  ٻڌل آهي. اهڙي فلسفي پير سائين کي سنڌ وطن ۽ ان مٿان قابض سامراج سان وڙهڻ طرف راغب ڪيو هن پنهجي سرڪل اندر جن سان به صلاح ۽ مشورا ڪيا ته اتان اخذ ڪيل نتيجو سامراج کي طاقت سان ڌڪي ڪڍڻ جو نڪتو جنهن  هن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته دنيا ۾ ڪا به تبديلي بحث مباحثن سان جنم ناهي وٺندي پر ان جي لاءِ جستجو ۽ جدوجهد ڪبي آهي.

نتيجي ۾ هڪ روايتي ساداتن جي گھراڻي ۽ گاديءَ سان تعلق رکندڙ نوجوان ڦوهه جواني ۾ وطن لاءِ ويڙهه وڙهڻ جو وچن ڪيو اهو به ان انگريز سامراج سان جنهن جي اقتدار ۽ قبضي تان سج لٿو ئي نٿي. هن کي خوب خبر هئي ته جيڪي مرڻ لاءِ تيار ناهن ٿيندا انهن لاءِ آزادي جو خواب ڏسڻ به حرام هجي ٿو. تنهن ڪري ئي پاڻ وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نه صرف نعرو هنيو پر ان جي لاءِ عملي اپاءُ پڻ ورتائين. سورهيه بادشاهه وطن جي آزادي لاءِ پنهنجي جانثارن تي مشتمل حُر فورس ٺاهيو، جنهن جي معني ئي آزاد يا غلامي جا زنجير ٽوڙيندڙ آهي. ان ڪري پاڻ برطانوي سامراج جي اجگر جهڙن زنجيرن ۽ڳچيءَ ۾ پيل غلامي جي طوق کي ٽوڙڻ لاءِ بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي وک وڌايائين. ان جو اهو عزم ڏسي کيس سورهيه بادشاهه يعني فتح ياب سالار جو لقب ڏنو ويو.

1910ع ۾ جنم وٺندڙ هن خودساخته جرنيل گهر مٿان هلان ڪري وطن جا حق عضب ڪندڙ غاضب خلاف  جهيڙو جوٽيندي پاڻ کي نه صرف تاريخ ۾ امر ڪيو پر سندس باصلاحيت جٿي جي جدوجهد ۽ ثابت قدمي هئي جو انگريزن کي تمام گھڻو نقصان سهڻو پيو. آخرڪار انگريز آپي مان نڪري 500 جي لڳ ڀڳ رياستن تي مشتمل ننڍي کنڊ  مان صرف سنڌ ۾ پهريو مارشل لا هنيو. عوام جي حقيقي ۽ اصلي هيرن جيان سورهيه بادشاهه جي باري ۾ ڪي به مستند شاهديون يا تحقيقي مواد ايتري وافر مقدار ۾ ملي نٿو. اگر موجود به آهي ته ان ۾ کيس مسلم ملڪ جي لاءِ مسلح جدوجهد ڪندڙ طور پيش ڪيو وڃي ٿو حالانڪه سانگهڙ ناول جي صفحي 100 ۽ 101 تي عثمان ڏيپلائي سائين جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه جي وچ ۾ ٿيل ملاقات کي لفظ به لفظ درج ڪيو آهي اهڙي ڳالهه سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي ۾ ڪجهه اهڙي طرح ڪري ٿو ته ملاقات جي دوران سورهيه بادشاه کيس چيو ته مسلم ليگ ۽ آزادي اهو ممڪن ئي ناهي، ٻيو ته جيڪڏهن ملڪ هي وٺندا به ته اهو انگريزن جي خيرات ۽ آشيرواد وارو هوندو،ان ملڪ ۾ اسان لاءِ ڪا بهتر صورتحال نه هوندي، جنهن مسلم ليگ ۾ مونکي شامل ڪرڻ چاهين ٿو اها ساڳي پارٽي توکي نئين ملڪ ۾ جيل جي سلاخن پويان بيهاريندي اهڙي وقت ۾ متان مان نه هجان پر تون يقينن پنهنجي زخمن تي مرهم لڳائڻ ۾ مصروف هوندين ڇو ته مان يا آزادي وٺندس يا موت منهنجو مقدر بڻبو. سيد کان عمر ۾ 6 سال ننڍي نوجوان جي ڪيل 1938ع واري اڳڪٿي 1948ع ۾ قيام پاڪستان بعد پوري ٿي ۽ سيد هن ملڪ جو پهريون سياسي قيدي بڻيو.

1943ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾سورهيه بادشاهه کي هڪڙي جڙتو ڪيس ذريعي تخت دار تي چاڙهيو ويو پر انگريز کائنس ايترو ته خوفزده هئا جو سندس جسد خاڪي کي به سنڌ ۾ رکڻ گوارا نه ڪيو ويو توڙي جو ڪو اختلاف به ڪري پر سامراج گورن جي صورت ۾ هجي يا ڪارن جي صورت ۾ انهن ۾ هر آزادي پسند دهشتگرد هجي ٿو انهن وٽ وطني مفادن لاءِ  ويڙهه وڙهندڙ انسانن جي اهميت ناهي هوندي.پر حيرت تڏهن ٿئي ٿي جڏهن 1947ع کان پوءِ به صورتحال بهتر نه ٿي، سورهيه بادشاهه ۽ سندس ساٿين کي انصاف نه مليو نه ئي بي ڪفنا ڪري ماريل حر جائز مقام حاصل ڪري سگھيا،جيڪو ڀڳت سنگھ، هيمون ڪالاڻي، سڀاش چندر بوس ۽ چندر شيکر آزاد کي بارڊر جي هن پار مليو. تڏهن ته اياز چيو؛

ڪتا نيپئير اٿي پنهنجا پونئير ڏس

گورا توکي جس، ڪارا ڄڻيي ڪيترا

هن ملڪ ۾ جتي مرزا غالب، بهادر شاهه ظفر ۽ ٻين انيڪ هندوستان ڄاون جي نالن تي شاهرائون، ادارا وغيره ته قائم آهن باقي هي سورما شايد پڪا مسلمان هوندي به سندن مسلماني واري سانچي ۾ فٽ نه هئا ته کين خراج ڪير پيش ڪندو؟؟!!!پر اڄ اسان جي سنڌ ۾ سورهيه بادشاهه جي نالي تي ڪو ادارو، ڪا ٽرسٽ، ڪا جڳهه ناهي،ٻيو ته ٺهيو پر کيس سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل سندس پوٽا ۽ پڙ پوٽا خراج تحسين ته ٺهيو پر حر ائڪٽ کي به ختم ناهن ڪري سگهيا جنهن ماڻهو مار ائڪٽ هن عظيم انسان ۽ سندس ساٿين کي قانون جي ڪتابن ۾ ڏوهي ڪري رکيو آهي!!! ستم ظريفي جي انتها آهي هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ اوجها انسٽيٽيوٽ ڊائو جي نالي آهن ها اهو جنرل ڊائو جيڪو ڊائر(جليانوالا باغ ۾ ڪوس ڪندڙ) جو به پيءُ هو جنهن ۾ انسانيت نالي ڪابه شيءُ نه هئي، جنهن انصاف جي مڙني تقاضائن ۽ پورائن جي بنا سورهيه بادشاهه کي مارايو ۽ سندس قبر جو اتو پتو به نه ڏنو.اول ته اهو جائز مان،مرتبو۽ مقام آزادي جي لئه سڀ ڪجهه گهور ڪندڙن سورهيه بادشاه ۽ سندس سرويچ ساٿين کي هر صورت ۾ ملڻ گهرجي نه ته گهٽ ۾ گهٽ سورهيه بادشاه جي نالي ڪي ادارا نه ٿا ڪريو ته نه ئي ڪريو پر قاتلن جي نالي جون تختيون هوند ديس جي ماڻهن لئه شرمساري جو باعث  آهن اهڙو انياءُ نه هجڻ گهرجي.

اڄ جڏهن برطانيا جليانوالا باغ سميت هندوستان،برما ۽ بنگلاديش مٿان ڪيل سمورن ظلمن تي معافي وٺي چڪو آهي ته ان ملڪ جي ملڪه راڻي ايلزبيٿ کي سنڌ مٿان ڪيل ڪاهه، سليب ڪيل آزادي ۽ پهرين مارشل لا ان جي نتيجي ۾ بيگناهه ماريل سنڌ ڄاون جي قتل و غارت ۽ انهن جي چادر ۽ چوديواري جي تقدس پائمال ڪرڻ سميت هزارين حرن جي گھرن کي ساڙڻ،کين لوڙهن ۾ باندي بڻايل انسانن مٿان ڪيل سمورن ظلمن جي معافي وٺڻ گھرجي.

Print Friendly