علائقائي خبرون

راجا ڏاهر جي گرفتاري خلاف وڪيلن پاران احتجاج

راجا ڏاهر جي گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي
راجا ڏاهر جي گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي

حيدرآباد: سنڌ جي ناليواري تاريخدان، محقق ۽ دانشور عطا محمد ڀنڀرو جي پُٽ ۽ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي اڳواڻ راجا ڏاهر ڀنڀرو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ناليواري دانشور، وڪيل اڳوڻي قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو پاران حيدرآباد پريس سامهون اڪيلو شيٽ کڻي احتجاجي مظاهرو، مختلف وڪيلن اڳواڻن ۽ سماجي اڳواڻن اندرجيت لوهاڻو، فضل قادر ميمڻ، علي اصغر سولنگي، پنهل ساريو ۽ ٻين پڻ پريس ڪلب پهچي احتجاج ۾ شموليت ڪئي.

ان موقعي تي ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ناليواري تاريخدان، محقق ۽ دانشور عطا محمد ڀنڀرو جي پٽ راجا ڏاهر کي کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو ته راجا ڏاهر ڀنڀرو تي جيڪڏهن ڪو ڪيس داخل آهي ته سندس گرفتاري ظاهر ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته قانون موجب رياست جو ڪو به ادارو ڪنهن به شهريءَ کي گرفتار ڪري گم نٿو ڪري سگهي. هن مطالبو ڪيو ته راجا ڏاهر ڀنڀرو تي جيڪڏهن ڪو ڪيس آهي ته ان جي گرفتاري ظاهر ڪري ان کي فوري طور عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

Print Friendly