اداريو

ڪمليش ڪمار جو پتو نه پيو

ڳجھن ادارن پاران گرفتاري بعد گم ڪيل ڪمليش ڪمار
ڳجھن ادارن پاران گرفتاري بعد گم ڪيل ڪمليش ڪمار

نومبر 26، 2014ع تي گم ڪيل ڪمليش ڪمار جو 6 مهينن گذرڻ باوجود پتو نه پئجي سگھيو. مهراڻ ينورسٽي جي شاگرد کي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو مان ان وقت کنڀيو ويو جڏهن هو پنهنجي ساٿي شاگردن سان فوٽو ڪاپي جي دڪان ۾ موجود هيو.

هي عجيب الميو آهي ته جتي هٿيار کڻي هلندڙ دهشتگردن کي ڪجهه نٿو ٿي اتي هڪ شاگرد کي ان وقت کنڀي گم ڪيو ويو جڏهن هو پيپرن جي تياري لاءِ نوٽس فوٽو ڪاپي ڪرائي رهيو هو. ڪمليش ڪمار جيڪڏهن وڏو دهشتگرد هجي ها ته يقينن هو ائين آزادي سان گھمڻ کي ترجيع نه ڏي ها، پر اها ڳالهه رياستي ادارن کي ڪير سمجهائي ته معصوم شاگردن کي گم ڪرڻ ڪرڻ پاڪستان جي سلامتي لاءِ ضروري ناهي.

جيڪڏهن ڪمليش ڪمار کي ڪنهن ڀل ۾ کنيو ويو ته آخر 6 مهينا گذرڻ باوجود ظاهر ڇو نه ڪيو ويو؟ ۽ جڏهن ڪمليش ڪمار خلاف واقعي سنگين الزام آهن ته ان کي پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڇو نه ڪيو ويو.

اڃا ڪمليش ڪمار گم آهي ته سنڌ ۾ گمشدگين جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ گذريل هڪ هفتي ۾ 3 جسمم ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو جڏهن ته الله واڌايو مهر رياستي ادارن جي تحويل ۾ آهي. رياستي ادارن پاران ڪيل اهڙيون ڪاروايون ڪنهن صورت ۾ لائن آرڊر کي درست نٿيون ڪري سگھن پر اهڙين ڪارواين سان رياست خلاف چڙ ۽ نفرت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

گمشده ڪارڪنن جي وارثن مطابق جيڪڏهن انهن جا نوجوان ڪنهن تخريبڪاري ۾ ملوث آهن ته انهن کي پاڪستان جي ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جيڪو هڪ اصولي ۽ اخلاقي موقف آهي، پر انهي باوجود رياستي ادارا سالن جا سال ماڻهو گم ڪري ٻه تاثر ڏيئي رهيا آهن، هڪ رياستي ادارن کي پنهنجي ملڪ جي عدالتن ۾ يقين ناهي، يا وري گم ڪيل ڪارڪنن خلاف رياستي ادارن وٽ ڪي ثبوت ناهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قانون کان بالاتر ٿي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ فورن بند ڪيو ويو وڃي ۽ گرفتاري بعد گم ڪيل ڪارڪنن کي فورن عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

Print Friendly